YouVersion Logo
Search Icon

طيطس 3

3
1انهن کي ياد ڏيار تہ حاڪمن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رهن ۽ سندن حڪم مڃين، ۽ هر ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ تيار رهن، 2ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي بدگوئي نہ ڪن، جهيڙاڪ نہ ٿين، بلڪ نرم طبيعت ٿين، ۽ سڀني ماڻهن سان پوريءَ حليمائيءَ سان هلن. 3ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين. 4پر جڏهن اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي مهرباني، ۽ اسان جي لاءِ سندس محبت ظاهر ٿي، 5تڏهن هن اسان کي نجات ڏني، نہ اسان جي راستبازيءَ جي ڪمن ڪري، پر پنهنجي رحم موجب نئين پيدائش جي غسل، ۽ پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان کي نئين سر پيدا ٿو ڪري، 6جو هن اسان جي نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي معرفت اسان تي افراط سان نازل ڪيو؛ 7انهي لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ اُميد سان هميشہ جي زندگيءَ جا وارث ٿيون. 8اها ڳالهہ سچي آهي، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ تون انهن ڳالهين تي زور ڏي، انهي لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آهي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو خيال رکن. اهي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ چڱيون ۽ فائديمند آهن. 9پر بيوَقوفيءَ جي حجتن ۽ نسب نامن، ۽ جهيڙن جهڳڙن، ۽ شريعت بابت تڪرار کان پاسو ڪر؛ ڇالاءِ جو اهي بي فائدا ۽ اجايا آهن. 10جيڪو ماڻهو پهرينءَ ۽ ٻيءَ نصيحت کانپوءِ بہ بدعتي رهي، تنهن کان پاسو ڪر؛ 11۽ ڄاڻ تہ اهڙو ماڻهو گمراهہ ٿيل ۽ گنهگار آهي، ۽ پاڻ کي ڏوهي ٿو ٺهرائي.
12جڏهن ارتماس يا تخڪس کي آئون تو وٽ موڪليان، تڏهن تون سعيو ڪري نڪوپلس ۾ مون وٽ اچج؛ جو مون ارادو ڪيو آهي تہ سيارو اتي گذاريان. 13زيناس، شريعت جي عالم ۽ اپلوس کي اهڙي بندوبست سان روانو ڪج، جيئن هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج نہ ٿئي. 14اسانجن ماڻهن کي بہ گهرجي تہ ضرورتن جي رفع ڪرڻ ۾ مدد ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ سکن تہ بي ڦل نہ رهن.
15جيڪي مون سان آهن، سي توکي سلام ٿا ڏين. جيڪي ايماندار اسان کي پيار ٿا ڪن، تن کي سلام ڏج.
شل اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي.

Currently Selected:

طيطس 3: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in