فليمون 1
1
1پولس، جو مسيح يسوع جي خاطر قيدي آهي، تنهنجي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان اسان جي پياري ۽ هم خدمت فليمون ڏانهن، 2۽ اسان جي ڀيڻ افيہ، ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس، ۽ انهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا تنهنجي گهر ۾ گڏ ٿيندي آهي؛ 3اسان جي خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان اوهان تي ٿيندو رهي.
4آئون توکي پنهنجين دعائن ۾ ياد ڪري هميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان، 5جو تنهنجي ايمان ۽ محبت بابت ٻُڌو اٿم، جو خداوند يسوع ۽ سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن آهي، 6۽ منهنجي دعا آهي تہ خدا تنهنجي ايمان جي شراڪت ۽ اوهان جي مسيح ۾ جيڪا نيڪيءَ جي سمجهہ آهي سا وڌائي. 7ڇالاءِ جو مون کي تنهنجي محبت جي ڪري گهڻي خوشي ۽ تسلي ٿي آهي: اي ادا، تنهنجي ڪري ئي پاڪ ٿيلن جون دليون تازيون ٿيون آهن.
8انهي ڪري، جيتوڻيڪ مون کي مسيح ۾ هر طرح جي دليري آهي تہ توکي مناسب حڪم ڏيان، 9تڏهن بہ محبت جي ڪري مون کي اها ڳالهہ پسند آهي تہ آئون پيرسن پولس، جو مسيح يسوع جو قيدي آهيان، توکي عرض ڪريان؛ 10يعني توکي پنهنجي ٻار انيسمس بابت عرض ڪريان، جو قيد ۾ منهنجو فرزند بڻيو آهي. 11هو اڳي تہ تنهنجي ڪنهن بہ ڪم جو ڪين هو، پر هاڻي تنهنجي توڙي منهنجي ٻنهي جي ڪم جو آهي. 12انهي کي، يعني خود پنهنجي جگر جي ٽڪري کي، آئون تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان. 13آئون جيڪر خوشيءَ سان هن کي پاڻ وٽ رکان ها، تہ تنهنجي پاران هن قيد ۾، جو انجيل جي ڪري آهي، هو منهنجي خدمت ڪري. 14پر تنهنجي مرضيءَ کانسواءِ مون ڪي بہ ڪرڻ ڪين گهُريو؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي نيڪي ڪنهن بہ صورت ۾ لاچاريءَ سان نہ ٿئي، پر خوشيءَ سان ٿئي.
15شايد انهي ڪري هو توکان ٿوري وقت لاءِ ڌار ٿيو تہ پوءِ هو هميشہ لاءِ تو وٽ رهي؛ 16نہ غلام وانگر پر غلام کان بهتر يعني پياري ڀاءُ وانگر. هو جسماني طور ۽ روحاني طور مون کي پيارو آهي، ۽ توکي تہ انهي کان بہ وڌيڪ. 17تنهنڪري جيڪڏهن تون مون کي شريڪ ٿو سمجهين، تہ هن کي ائين قبول ڪج جيئن مون کي. 18جيڪڏهن هن توکي ڪو نقصان پهچايو آهي، يا توکي ڪي ڏيڻو اٿس، تہ اُهو منهنجي ليکي لکي ڇڏج. 19آئون پولس پنهنجي هٿ سان ٿو لکان تہ اُهو آئون پاڻ ڀري ڏيندس: ائين چوڻ جو ضرور ئي ڪونهي تہ جيڪو منهنجو لهڻو تو تي آهي سو تون پاڻ آهين. 20هائو ادا، شل مون کي تنهنجي ڪري خداوند ۾ خوشي حاصل ٿئي: مسيح ۾ منهنجي دل کي تازو ڪر. 21مون کي تنهنجي فرمانبرداريءَ جي پڪ آهي ۽ اها خبر اٿم تہ جيڪي آئون چوان ٿو، تنهن کان بہ تون وڌيڪ ڪندين، تنهنڪري آئون تو ڏانهن ٿو لکان. 22انهي کانسواءِ منهنجي رهڻ لاءِ جاءِ بہ تيار ڪري ڇڏج: جو آئون اُميد ٿو ڪريان تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي آئون اوهان کي بخشيو ويندس.
23اپفراس جو مون سان گڏ مسيح يسوع ۾ قيدي آهي، 24۽ مرقس ۽ ارسترخس ۽ ديماس، ۽ لوقا، جي منهنجا هم خدمت آهن، سي توکي سلام ٿا ڏين.
25اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان جي روح تي نازل ٿيندو رهي. آمين.
Currently Selected:
فليمون 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.