YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو 3

3
1۽ سرديس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ جنهن وٽ خدا جا ست روح آهن ۽ ست تارا آهن، سو هيئن ٿو چوي تہ مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي، ۽ تنهنجي نالي چوندا آهن تہ تون جيئرو آهين، پر آهين مُئل. 2تون سجاڳ ٿي جيڪي شيون باقي رهيل آهن، ۽ نيست ٿيڻ تي آهن، تن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو مون تنهنجا ڪي بہ ڪم پنهنجي خدا جي اڳيان پورا ٿيل نہ ڏٺا. 3تنهنڪري جيڪي توکي مليو آهي، ۽ جيڪي ٻُڌو اٿيئي، سو ياد رک، ۽ انهي تي قائم رهہ، ۽ توبهہ ڪر. سو جيڪڏهن تون سجاڳ نہ رهندين، تہ آئون چور وانگر ايندس، ۽ توکي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي وقت تنهنجي مٿان اچي پوندس. 4پر سرديس ۾ تو وٽ ڪي اهڙا آهن جن پنهنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا؛ ۽ اُهي سفيد پوشاڪ پائي مون سان گڏ گهُمندا، جو اُهي انهي جا لائق آهن. 5جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ طرح اڇا ڪپڙا ڍڪايا ويندا؛ ۽ آئون سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪڍي نہ ڇڏيندس، ۽ آئون سندس نالو پنهنجي پيءُ جي اڳيان ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندس. 6جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.
7۽ فلدلفيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ هو جو پاڪ ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي ڪنجي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ڪندو، ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ نہ کوليندو، سو هيئن ٿو چوي تہ 8مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي (ڏس، مون تنهنجي اڳيان هڪڙو در کولي ڇڏيو آهي جو ڪوبہ بند نہ ڪري سگهندو.) تو ۾ ٿوري طاقت آهي، ۽ تو منهنجي ڪلام تي عمل ڪيو، ۽ منهنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو. 9ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي. 10ڇالاءِ جو تو منهنجي صبر جي ڪلام تي عمل ڪيو، تنهنڪري آئون بہ توکي آزمائش جي گهڙيءَ کان بچائيندس، اُها گهڙي جا زمين تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جهان تي اچڻي آهي. 11آئون جلد اچڻو آهيان: جيڪي تو وٽ آهي سو سنڀالي رک، تہ ڪوبہ تنهنجو تاج ڦري نہ وٺي. 12جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ ٿنڀ وانگر ڪندس، ۽ هو وري اُتان ڪڏهن بہ ٻاهر ڪين نڪرندو: آئون انهي تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر جو نالو، يعني نئون يروشلم، جو منهنجي خدا وٽان آسمان مان لهي هيٺ ايندو، ۽ خود پنهنجو نئون نالو لکندس. 13جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.
14۽ لوديڪيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جو آمين، وفادار ۽ سچو شاهد، ۽ خدا جي خلقت جو شروع آهي، سو هيئن ٿو چوي تہ 15آئون تنهنجا ڪم ڄاڻان ٿو، تہ تون نڪي ٿڌو آهين، نڪي ڪوسو؛ تون يا ٿڌو يا ڪوسو هجين ها تہ چڱو. 16سو ڇالاءِ جو تون نهن سوسڙو آهين، ۽ نڪي ڪوسو آهين نڪي ٿڌو، تنهنڪري آئون توکي پنهنجي وات مان ٿُڪي ڪڍندس. 17ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ آئون دولتمند آهيان، ۽ گهڻي دولت گڏ ڪئي اٿم، ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج ڪانہ اٿم؛ پر توکي اها خبر ڪانهي تہ تون ڪمبخت، ڏکيو، ۽ ڪنگال، انڌو ۽ اُگهاڙو آهين؛ 18تنهنڪري آئون توکي صلاح ٿو ڏيان تہ مون کان باهہ ۾ صاف ٿيل سون خريد ڪر تہ تون دولتمند ٿين؛ ۽ اڇا ڪپڙا وٺ تہ پاڻ کي ڍڪين، ۽ تنهنجي اوگهڙ جو شرم ظاهر نہ ٿئي؛ ۽ پنهنجين اکين ۾ پائڻ لاءِ سرمو وٺ تہ ڏسي سگهين. 19جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر. 20ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو. 21جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس. 22جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.

Currently Selected:

مڪاشفو 3: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in