YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو 2

2
1افسس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن شمعدانن جي وچ ۾ ٿو هلي، سو چوي ٿو تہ 2مون کي تنهنجي ڪم ۽ تنهنجي محنت، ۽ صبر جي خبر آهي، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون خراب ماڻهن کي سهي نٿو سگهين؛ ۽ جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين ۽ آهن ڪين، تن کي تو آزمائي ڏٺو تہ ڪوڙا آهن. 3۽ تون تحمل وارو آهين، ۽ منهنجي نالي سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿَڪين. 4پر تنهنجي برخلاف مون کي ايترو چوڻو آهي، تہ تو پنهنجو پهريون پيار ڇڏي ڏنو آهي. 5تنهنڪري ياد ڪر تہ تون ڪٿان ڪِريو آهين، ۽ توبهہ ڪري اڳئين جهڙا ڪم ڪر؛ نہ تہ آئون تو وٽ ايندس، ۽ جي تون توبهہ نہ ڪندين تہ آئون تنهنجو شمعدان سندس جاءِ تان هٽائي ڇڏيندس. 6پر تو ۾ هيءَ ڳالهہ آهي تہ نڪولين جي ڪمن کان تون نفرت ٿو ڪرين، جن کان مون کي بہ نفرت آهي. 7جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي.
8۽ سمرنہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جيڪو اول ۽ آخر آهي، ۽ جو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ 9مون کي تنهنجي مصيبت ۽ تنهنجي مفلسيءَ جي خبر آهي، (پر تون تونگر آهين) ۽ جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، ۽ آهن ڪين، پر شيطان جي جماعت آهن، تن جي خبر اٿم تہ ڪيئن نہ تنهنجي گلا پيا ڪن. 10جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس. 11جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.
12۽ پرگمن واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن وٽ تکي ٻہ منهين ترار آهي، سو چوي ٿو تہ 13مون کي خبر آهي تہ تون ڪٿي ٿو رهين، يعني اُتي جتي شيطان جو تخت آهي: ۽ تون منهنجي نالي تي قائم آهين، ۽ جن ڏينهن ۾ منهنجو ايماندار شاهد انتيپاس اوهان منجهہ قتل ڪيو ويو، جتي شيطان ٿو رهي، تن ڏينهن ۾ بہ اوهان منهنجي ايمان جو انڪار نہ ڪيو. 14پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن. 15انهيءَ طرح تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي ساڳيءَ طرح نڪولين جي تعليم تي ٿا هلن. 16تنهنڪري توبهہ ڪر؛ نہ تہ آئون جلد تو وٽ ايندس، ۽ پنهنجي وات جي ترار سان هنن سان وڙهندس. 17جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون لڪل من مان ڏيندس، ۽ هڪڙو اڇو پهڻ ڏيندوسانس، ۽ انهي پهڻ تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، ۽ جنهن کي اهو نالو ملندو تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ اهو نہ ڄاڻندو.
18۽ ٿواتيرہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ خدا جو فرزند، جنهن جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون آهن، ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو چوي ٿو تہ 19مون کي تنهنجي ڪمن، ۽ تنهنجي پيار ۽ ايمان، ۽ خدمت ۽ صبر جي خبر آهي. ۽ اها بہ، تہ تنهنجا پويان ڪم پهرين کان زيادہ آهن. 20پر تنهنجي برخلاف مون کي هي چوڻو آهي تہ اها زال ازبيل، جا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنهن جي تون برداشت ٿو ڪرين؛ ۽ اها منهنجن ٻانهن کي زنا ڪرڻ، ۽ بُتن جي قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري. 21۽ مون انهيءَ کي مهلت ڏني تہ توبهہ ڪري؛ پر اها پنهنجي زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نٿي گهُري. 22ڏس، آئون انهيءَ کي بستري داخل ٿو ڪريان، ۽ جيڪي ساڻس زنا ٿا ڪن، سي جيڪڏهن پنهنجن ڪمن کان توبهہ نہ ڪندا تہ کين مصيبت ۾ وجهندس. 23۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس. 24پر اوهان ٿواتيرہ جي باقي ماڻهن کي، جيترا اها تعليم نٿا مڃين، ۽ جن کي اُنهن ڳالهين جي خبر ڪانهي جن کي شيطان جون اونهيون ڳالهيون چوندا آهن، تن کي آئون چوان ٿو تہ آئون اوهان تي ڪو ٻيو بار نٿو وجهان. 25انهي هوندي بہ جيڪي اوهان کي مليو آهي سو قابو ڪجو، جيسين ڪ آئون اچان. 26۽ جيڪو غالب پوندو، ۽ جيڪو منهنجي مرضيءَ تي توڙ تائين هلندو، تنهن کي آئون قومن تي اختياري ڏيندس: 27جيئن مون کي بہ پنهنجي پيءُ کان اختيار مليو آهي. ۽ هو لوهہ جي لٺ سان انهن تي حڪم هلائيندو، ۽ هنن کي ڪنڀر جي ٿانءَ وانگر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو. 28۽ آئون هن کي صبح جو چمڪندڙ تارو سڏيندس. 29جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.

Currently Selected:

مڪاشفو 2: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in