YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو 22

22
1۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي. 2۽ نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي زندگيءَ جو وڻ هو، جنهن ٻارهن قسمن جا ڦل ٿي ڏنا، ۽ هر مهيني منجهس نوان ڦل ٿي لڳا؛ ۽ اُنهي وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي. 3۽ اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ هوندي: ۽ اتي خدا ۽ گهيٽي جو تخت هوندو، ۽ سندس ٻانها سندس عبادت ڪندا؛ 4۽ اُهي سندس منهن ڏسندا؛ ۽ سندس نالو انهن جي پيشانين تي هوندو. 5۽ اڳتي وري رات ڪانہ ٿيندي؛ ۽ انهن کي چراغ يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت ڪانہ پوندي، ڇالاءِ جو خداوند خدا انهن کي روشنائي ڏيندو؛ ۽ اُهي هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.
6۽ هن مون کي چيو تہ هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن: ۽ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو تہ پنهنجن ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن. 7۽ ڏس، آئون جلد ٿو اچان. مبارڪ اُهو آهي جو هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي ٿو هلي.
8۽ آئون يوحنا اُهو آهيان، جنهن اهي ڳالهيون ٻُڌيون ۽ ڏٺيون. ۽ جڏهن مون ڏٺو ۽ ٻُڌو، تڏهن جنهن ملائڪ مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون، تنهن کي آئون پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳس. 9۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، ائين نہ ڪر؛ آئون تو سان ۽ تنهنجي ڀائرن نبين سان، ۽ جيڪي هن ڪتاب جي ڳالهين تي هلن ٿا، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان. خدا کي ئي سجدو ڪر.
10۽ هن مون کي چيو تہ هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي مهر نہ هڻ؛ ڇالاءِ جو اهو وقت ويجهو آهي. 11جيڪو ناراست آهي سو ڀلي ناراستي پيو ڪري؛ ۽ جيڪو ڪميڻو آهي سو ڀلي ڪميڻو رهي؛ ۽ جيڪو راستباز آهي، سو ڀلي راستبازي پيو ڪري: جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ ٿيندو وڃي. 12ڏس، آئون جلد ٿو اچان؛ ۽ منهنجو اجر مون سان آهي، جو هر ڪنهن کي سندس ڪم موجب ڏيندس. 13آئون الفا ۽ اوميگا، پهريون ۽ پويون، اول ۽ آخر آهيان. 14مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا. 15پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.
16مون يسوع، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو آهي، تہ ڪليسيائن کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آئون دائود جي پاڙ ۽ نسل ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.
17۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.
18جيڪو بہ ماڻهو هن ڪتاب جي نبوت جون ڳالهيون ٻُڌي ٿو، تنهن لاءِ آئون شاهدي ٿو ڏيان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُنهن ۾ ڪي گڏيندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو: 19۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن نبوت جي ڪتاب جي ڳالهين مان ڪي ڪڍندو، تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شهر مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، هن جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.
20جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، سو چوي ٿو تہ: هائو، آئون جلد ٿو اچان. آمين. اي خداوند يسوع، اچ.
21شل خداوند يسوع جو فضل اوهان تي ٿيندو رهي. آمين.

Currently Selected:

مڪاشفو 22: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in