مڪاشفو 21
21
1پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي: ڇالاءِ جو پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي؛ ۽ سمنڊ بہ ڪونہ هو. 2۽ مون پاڪ شهر يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏٺو، جو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جا پنهنجي گهوٽ لاءِ سينگاربي آهي. 3۽ مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ ڏس، خدا جو خيمو ماڻهن ۾ آهي، هو انهن سان رهندو، ۽ اهي سندس اُمت ٿيندا، ۽ خدا پاڻ هنن سان رهندو، ۽ سندن خدا ٿيندو؛ 4۽ سندن اکين مان سڀ ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو، ۽ موت ٿيندو ئي ڪونہ، نڪو وري ماتم ٿيندو؛ ۽ نڪو روئڻ نڪو سور: پهريون حالتون گذري ويون آهن.
5۽ جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن چيو تہ ڏس، آئون سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان. ۽ هن چيو تہ لک: ڇالاءِ جو اهي ڳالهيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آهن. 6۽ هن مون کي چيو تہ اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن، ڇالاءِ جو آئون الفا ۽ اوميگا، اول ۽ آخر آهيان. جيڪو اُڃايل آهي تنهن کي آبِ حيات جي چشمي مان مفت پياريندس. 7جيڪو غالب پوندو سو هنن شين جو وارث ٿيندو؛ آئون انهي جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو. 8پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.
9پوءِ اُهي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا هئا ۽ اُنهن پوين ستن آفتن سان ڀريل هئا، تن مان هڪڙي نڪري اچي مون سان ڳالهايو؛ ۽ چيائين تہ هيڏانهن اچ تہ آئون توکي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گهيٽي جي زال. 10۽ هو مون کي روح ۾ هڪڙي وڏي ۽ اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ پاڪ شهر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏيکاريائين، 11جنهن ۾ خدا جو جلال هو: انهي جو چمڪاٽ تمام قيمتي جواهر جهڙو هو، ڄڻ تہ زبرجد، بلور جهڙو صاف. 12هن جي ڀت وڏي ۽ مٿانهين هئي؛ ۽ ٻارهن در هئس، جن تي ٻارهن ملائڪ هئا؛ ۽ انهن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا: 13ٽي در اُڀرندي ڏانهن هئا، ٽي در اُتر ڏانهن؛ ٽي در ڏکڻ ڏانهن، ۽ ٽي در اُلهندي ڏانهن هئا. 14۽ انهي شهر جي ڀت جا ٻارهن بنياد هئا، ۽ انهن تي گهيٽي جي ٻارهن رسولن جا نالا هئا. 15۽ جنهن مون سان ڳالهايو ٿي تنهن وٽ، شهر ۽ انهي جي دروازن ۽ سندس ڀت ماپڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي. 16۽ اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ اُنهي جي ڊيگهہ ۽ ويڪر هڪ جهڙي هئي: ۽ هن انهي لٺ سان شهر کي ماپيو تہ ساڍا ست سؤ ڪوهہ ٿيو: هن جي ڊيگهہ، ويڪر ۽ بلندي هڪ جيتري هئي. 17۽ هن سندس ڀت ماپي تہ ماڻهوءَ جي، يعني ملائڪ جي ماپ موجب، هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿي. 18هن جي ڀت زبرجد جي جڙيل هئي: ۽ شهر خالص سون جو هو ۽ صاف شيشي جهڙو هو. 19شهر جي ڀت جا بنياد هر قسم جي جواهرن سان سينگاريل هئا. پهريون بنياد زبرجد جو هو؛ ٻيو نيلم جو؛ ٽيون شب چراغ جو؛ چوٿون زمرد جو؛ 20پنجون عقيق جو؛ ڇهون لعل جو؛ ستون سونهري پهڻ جو؛ اٺون فيروزيءَ جو؛ نائون پکراج جو؛ ڏهون لاجورد جو؛ يارهون سنبلي پهڻ جو؛ ٻارهون ياقوت جو هو. 21۽ ٻارهن در موتين جا هئا؛ هرهڪ در هڪ هڪ موتيءَ جو هو، ۽ شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي، ۽ صاف شيشي جهڙي هئي. 22۽ مون انهي ۾ هيڪل ڪانہ ڏٺي: ڇالاءِ جو خداوند خدا، قادر مطلق ۽ گهيٽو سندس هيڪل آهن. 23۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي. 24۽ قومون انهي جي روشنيءَ ۾ هلنديون: ۽ زمين جا بادشاهہ منجهس پنهنجو شان ۽ شوڪت آڻيندا. 25۽ سندس در ڏينهن جو ڪنهن بہ طرح بند نہ ٿيندا (۽ اُتي رات ٿيندي ئي ڪانہ.) 26۽ هو قومن جي شوڪت ۽ عزت انهي ۾ آڻيندا؛ 27۽ انهي ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل نہ ٿيندو؛ پر رڳو اُهي داخل ٿيندا، جن جا نالا گهيٽي جي ڪتابِ حيات ۾ لکيل آهن.
Currently Selected:
مڪاشفو 21: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.