مڪاشفو 11
11
1۽ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو: ۽ هڪڙي چيو تہ اُٿ، ۽ وڃي خدا جي پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي، ۽ جيڪي منجهس عبادت ٿا ڪن، تن جي ماپ ڪر. 2پر جيڪو اڱڻ پاڪ جاءِ جي ٻاهر آهي سو ڇڏي ڏي؛ اُن جي ماپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، ۽ هو پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پيا لتاڙيندا. 3۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا. 4هي اُهي ٻہ زيتون جا وڻ آهن ۽ ٻہ شمعدان، جي زمين جي خداوند جي حضور ۾ بيٺا آهن. 5۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين نقصان رسائڻ جي ٿو ڪري، تہ سندن وات مان باهہ ٿي نڪري، ۽ سندن دشمنن کي ساڙيو ڇڏي: ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ هو ضرور انهيءَ طرح مارجي ويندو. 6انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين. 7۽ جڏهن هو پنهنجي شاهدي پوري ڪري ڇڏيندا، تڏهن جيڪو حيوان اوڙاهہ مان نڪرندو سو ساڻن وڙهندو، ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجهندو. 8۽ سندن لاشا انهي وڏي شهر جي رستن ۾ پيا هوندا، جنهن کي روحاني طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين؛ جتي سندن خداوند بہ صليب تي چاڙهيو ويو هو. 9۽ اُمتن ۽ قبيلن ۽ ٻولين ۽ قومن مان ماڻهو انهن جي لاشن کي ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهندا، ۽ سندن لاشا قبر ۾ رکڻ نہ ڏيندا. 10۽ زمين جا رهاڪو انهن جي موت ڪري خوشيون ۽ تماشا ڪندا؛ ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا؛ ڇالاءِ جو هنن ٻن نبين زمين جي رهاڪن کي پريشان ڪيو هو.
11۽ ساڍن ٽن ڏينهن کانپوءِ خداوند وٽان حياتيءَ جو روح انهن ۾ اچي پيو، ۽ هو اُٿي پيرن ڀر کڙا ٿيا، ۽ جن کين ڏٺو، تن کي ڏاڍو خوف ٿيو. 12۽ هنن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن کين چيو تہ هيڏانهن اچو! ۽ هو ڪڪر تي چڙهي آسمان ۾ ويا؛ ۽ سندن دشمنن کين ڏٺو. 13۽ اُنهيءَ گهڙيءَ وڏو زلزلو ٿيو، ۽ شهر جو ڏهون حصو ڪِري پيو؛ ۽ انهي زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا؛ ۽ باقي ٻيا ڊڄي ويا ۽ آسمان جي خدا جو جلال ظاهر ڪرڻ لڳا.
14ٻي مصيبت لنگهي ويئي: ڏسو، ٽين مصيبت جلد ٿي اچي.
15۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو. 16۽ جي چوويهہ بزرگ خدا جي اڳيان پنهنجن تختن تي ويٺا هئا، سي پيرين پئي خدا کي سجدو ڪرڻ لڳا، 17۽ چوڻ لڳا تہ اي خداوند خدا، قادر مطلق، جو آهين، جو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ڇالاءِ جو تو پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاهي ڪئي. 18۽ قومن کي ڪاوڙ لڳي، ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو، ۽ اُهو وقت اچي پهتو آهي جڏهن مُئلن جي عدالت ٿيندي، ۽ تنهنجن بندن يعني نبين کي، ۽ پاڪ ٿيلن کي، ۽ جيڪي ننڍا توڙي وڏا تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو؛ ۽ جيڪي زمين کي برباد ٿا ڪن، سي برباد ڪيا ويندا.
19۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.
Currently Selected:
مڪاشفو 11: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.