هي اُهي ٻہ زيتون جا وڻ آهن ۽ ٻہ شمعدان، جي زمين جي خداوند جي حضور ۾ بيٺا آهن. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين نقصان رسائڻ جي ٿو ڪري، تہ سندن وات مان باهہ ٿي نڪري، ۽ سندن دشمنن کي ساڙيو ڇڏي: ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ هو ضرور انهيءَ طرح مارجي ويندو.