YouVersion Logo
Search Icon

فلپين 4

4
1تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو.
2آئون يوئوديہ کي نصيحت ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ اُهي خداوند ۾ يڪدل ٿي رهن. 3هائو، اي سچا هم خدمت، آئون توکي بہ منٿ ٿو ڪريان تہ انهن زالن جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اُنهن مون سان، توڙي ڪليمنس ۽ منهنجن انهن ٻين مددگارن سان گڏ، خوشخبريءَ ۾ جانفشاني ڪئي، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آهن.
4هميشہ خداوند ۾ خوش رهو، وري بہ ٿو چوان تہ خوش رهو. 5شل اوهان جي بردباري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. خداوند نزديڪ آهي. 6ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو؛ پر جيڪو بہ عرض ڪريو، سو دعا ۽ منٿ سان شڪرگذاري سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪريو. 7۽ خدا جو اطمينان، جو سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سو اوهان جي دلين ۽ خيالن جي مسيح يسوع ۾ نگهباني ڪندو.
8هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو. 9جي ڳالهيون اوهان مون کان سکيون ۽ حاصل ڪيون، توڙي ٻُڌيون يا ڏٺيون، تن تي عمل ڪجو؛ ۽ اطمينان بخشيندڙ خدا اوهان سان رهندو.
10پر آئون خداوند ۾ ڏاڍو خوش ٿو ٿيان، جو نيٺ منهنجي لاءِ اوهان پنهنجو خيال تازو ڪيو آهي؛ بيشڪ اڳي بہ اوهان کي انهي بابت خيال هو، مگر اوهان کي وجهہ نٿي مليو. 11ائين نہ آهي تہ گهُرج جي ڪري آئون ائين ٿو چوان: ڇالاءِ جو آئون ايترو سکيو آهيان تہ ڪهڙيءَ بہ حالت ۾ هجان تہ انهيءَ ۾ راضي رهان. 12آئون گهٽ ٿيڻ بہ ڄاڻان ٿو، ۽ وڌ ٿيڻ بہ ڄاڻان ٿو؛ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني حالتن ۾ آئون اِهو سکيو آهيان تہ ڪيئن ڍاول رهجي، ۽ ڪيئن بکيو رهجي، ڪيئن سائو رهجي، ۽ ڪيئن سُڃو رهجي. 13جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان. 14انهي هوندي بہ اوهان چڱو ڪيو جو منهنجي مصيبت ۾ شامل ٿيا. 15۽ اي فلپيو، اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي شروعات ۾، جڏهن آئون مڪدونيہ مان روانو ٿيس، تڏهن اوهان کانسواءِ ڪنهن بہ ڪليسيا پيسي ڪوڏيءَ سان منهنجي مدد نہ ڪئي، 16ڇالاءِ جو ٿسلونيڪيءَ ۾ بہ منهنجي گهُرج پلڻ لاءِ اوهان هڪ ٻہ دفعا ڪي ڪجهہ موڪليو. 17ائين نہ آهي تہ آئون بخشش ٿو گهُران؛ پر آئون اُهو ڦل ٿو گهُران جو اوهان جي بِلي وڌندو وڃي. 18پر مون وٽ سڀ ڪجهہ موجود آهي ۽ ججهو ئي اٿم؛ اوهان جون موڪليل شيون اپفروديتس جي هٿان مون کي مليون، جنهنڪري آئون بلڪل آسودو ٿيو آهيان، اها خوشبوءِ ۽ وڻندڙ قرباني خدا وٽ قبول پوندي. 19۽ منهنجو خدا پنهنجي جلال جي دولت موافق مسيح يسوع ۾ اوهان جون سڀ گهُرجون پوريون ڪندو. 20هاڻي شل اسان جي خدا پيءُ جو جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.
21سڀ ڪنهن پاڪ ٿيل شخص کي مسيح يسوع ۾ سلام ڏجو. جيڪي ڀائر مون سان آهن سي اوهان کي سلام ٿا ڏين. 22سڀ پاڪ ٿيل شخص اوهان کي سلام ٿا چون، خصوصن اُهي جي قيصر جي گهر جا آهن. 23خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان جي روح سان هجي.

Currently Selected:

فلپين 4: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in