YouVersion Logo
Search Icon

فلپين 3

3
1هاڻي، اي منهنجا ڀائرو، خداوند ۾ خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن وري وري لکڻ ڪري مون کي تڪليف ڪانہ ٿي ٿئي، پر اوهان جي لاءِ انهي ۾ سلامتي آهي. 2ڪتن کان خبردار رهجو، بدڪارن کان خبردار رهجو؛ جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، تن کان خبردار رهجو؛ 3ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛ 4جيتوڻيڪ آئون جسماني ڳالهين تي بہ اعتقاد رکي ٿو سگهان. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو جسماني ڳالهين تي اعتقاد رکڻ جو خيال ٿو ڪري، تہ آئون انهي کان زيادہ ڪري ٿو سگهان. 5جو اٺين ڏينهن منهنجو ختنو ٿيو، ۽ آئون اسرائيل جي قوم ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان، ۽ عبرانين جو عبراني آهيان، ۽ شريعت جي ڪري فريسي آهيان؛ 6ديني جوش جي ڪري ڪليسيا کي ستائيندو هوس؛ شريعت جي راستبازيءَ جي ڪري بي عيب هوس. 7تنهن هوندي بہ جيڪي شيون منهنجي فائدي جون هيون، سي مون يسوع مسيح جي خاطر نقصان سمجهيون آهن. 8هائو، بيشڪ، آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي وڏيءَ خوبيءَ جي ڪري سڀني شين کي نقصان ٿو سمجهان؛ جنهن جي خاطر مون نقصان سَٺو ۽ انهن شين کي گند ٿو ڄاڻان؛ انهي لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان، 9۽ منجهس شريڪ ثابت ٿيان، نہ خود پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا شريعت کان آهي، پر اُنهيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا مسيح تي ايمان آڻڻ کان ۽ ايمان جي وسيلي خدا کان حاصل ٿي ٿئي. 10انهي لاءِ تہ آئون کيس سڃاڻان ۽ سندس جي اُٿڻ جي قدرت کي ۽ ساڻس گڏ ڏکن ۾ شريڪ ٿيڻ کي معلوم ڪريان، ۽ سندس موت سان مشابهت پيدا ڪريان؛ 11تہ من ڪنهن رستي مُئلن منجهان جي اُٿڻ جي درجي تائين پهچان. 12نہ انهي لاءِ تہ مون اها مراد اڳيئي حاصل ڪئي آهي، يا اڳيئي ڪامل ٿي چڪو آهيان: پر آئون ڌوڪيندو اڳتي ٿو وڃان، تہ من اُها شيءِ وڃي هٿ ڪريان، جنهن لاءِ مسيح بہ مون کي هٿ ڪيو آهي. 13اي ڀائرو، آئون نٿو سمجهان تہ اڃا مون اُها شيءِ هٿ ڪئي آهي: پر هي هڪڙو ڪم آئون ڪريان ٿو، جو جيڪي گذري ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي اڳيان آهي تنهن ڏانهن وڌندو ٿو وڃان، 14۽ انهي نشان ڏانهن ڪاهيندو ٿو وڃان، انهي لاءِ تہ اهو انعام حاصل ڪريان، جنهن لاءِ خدا مون کي مسيح يسوع ۾ اعليٰ درجي تي سڏيو آهي. 15تنهنڪري اسان مان جيڪي بہ ڪامل آهن، تن کي اهو خيال رکڻ کپي: ۽ جي ٻيءَ ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هوندو، تہ خدا اهو بہ اوهان تي ظاهر ڪندو: 16اسان کي رڳو هيترو ڪرڻ کپي تہ جنهن منزل تائين پهتا آهيون، انهيءَ تي هلندا هلون.
17اي ڀائرو، اوهين سڀيئي گڏجي مون وانگر هلو، ۽ انهن کي سڃاڻي ڇڏيو جي اهڙيءَ طرح هلن ٿا، جهڙيءَ طرح اوهين اسان کي هلندو ٿا ڏسو. 18ڇالاءِ جو جيڪي هلن ٿا، تن مان گهڻيئي مسيح جي صليب جا دشمن آهن، جن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا مون اوهان سان ڪيو آهي، ۽ هاڻي بہ روئي روئي اوهان کي چوان ٿو: 19جن جي پڇاڙي فنا آهي، ۽ جي پيٽ جا پوڄاري آهن، ۽ شرم جي ڳالهين ۾ فخر ٿا ڪن، ۽ جن کي رڳو دنيا جي شين جو فڪر ٿو رهي. 20ڇالاءِ جو اسان جو وطن آسمان ۾ آهي؛ جتان اسين هڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند يسوع مسيح جي انتظار ۾ آهيون: 21تہ جنهن قدرت جي اثر سان هو سڀ شيون پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو، تنهن سان اسان جي حقير بدن کي بدلائي پنهنجي جلال واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.

Currently Selected:

فلپين 3: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in