فلپين 1
1
1مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت: 2اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان اوهان کي شل فضل ۽ اطمينان حاصل ٿئي. 3جنهن وقت مون کي اوهان جي يادگيري ٿي پوي، تنهن وقت آئون پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان، 4۽ پنهنجي سڀ ڪنهن دعا ۾ هميشہ خوشيءَ سان اوهان سڀني جي لاءِ دعا گهُرندو ٿو رهان، 5هن لاءِ جو شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انجيل جي ڦهلائڻ ۾ اوهين منهنجا شريڪ رهيا آهيو؛ 6۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛ 7جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو. 8ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي تہ آئون مسيح يسوع جي اُلفت ڪري اوهان سڀني جي لاءِ ڪيترو نہ پيو سِڪان. 9۽ آئون هيءَ دعا ٿو گهُران تہ اوهان جي محبت، علم ۽ هر طرح جي سمجهہ، شل ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي؛ 10تہ جيڪي تمام عمديون ڳالهيون آهن، سي اوهين سمجهي پسند ڪريو؛ تہ مسيح جي ڏينهن تائين صاف دل ۽ بيڏوهي رهو، 11۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي.
12هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ جيڪي مون تي ٿي گذريو آهي، تنهن مان ڪيئن نہ خوشخبريءَ جو واڌارو ٿيو آهي. 13ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين ۽ ٻين سڀني کي معلوم ٿي ويو آهي تہ آئون مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان؛ 14۽ جيڪي خداوند ۾ ڀائر آهن، تن مان گهڻن منهنجي قيد ۾ هئڻ ڪري، دلير ۽ بي ڊپا ٿي خدا جي ڪلام ٻُڌائڻ ۾ وڌيڪ جرئت ڪئي آهي. 15ڪي تہ حسد ۽ جهيڙي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن؛ ۽ ڪي نيڪ نيتيءَ سان. 16هڪڙا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن، جو ڄاڻن ٿا تہ آئون انجيل جو بچاءُ ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان؛ 17پر ٻيا تفرقي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، نہ سچيءَ نيت سان، بلڪ انهي خيال سان تہ منهنجي قيد ۾ مون لاءِ مصيبت پيدا ڪن. 18پوءِ ڇا ٿيو؟ رڳو هيترو تہ هر طرح مسيح جي پڌرائي ٿي ٿئي، ڪوڙ سان توڙي سچ سان، ۽ انهي ڪري آئون خوش ٿو ٿيان، هائو، ۽ خوش ٿيندس. 19ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي دعا ۽ يسوع مسيح جي روح جي مدد سان، انهي مان نيٺ مون کي ڇوٽڪارو ملندو. 20جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان: 21ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ آهي مسيح ۽ مرڻ آهي نفعو. 22پر جي جسم ۾ جيئري رهڻ ڪري منهنجي محنت مان ڦل پيدا ٿو ٿئي، تہ مون کي خبر ناهي تہ ڇا پسند ڪريان. 23پر آئون ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿل آهيان، جو منهنجي خواهش آهي تہ هتان رحلت ڪري وڃان ۽ وڃي مسيح سان گڏجان؛ ڇالاءِ جو اهو سڀ کان بهتر آهي: 24تنهن هوندي بہ جسم ۾ رهڻ اوهان جي خاطر زيادہ ضروري آهي. 25انهي جي مون کي پڪ آهي، تنهنڪري آئون ڄاڻان ٿو تہ آئون جيئرو رهندس، هائو، اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، انهي لاءِ تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ۽ خوشي پيدا ٿئي. 26۽ منهنجي اوهان وٽ وري اچڻ ڪري، منهنجي بابت اوهان جو فخر مسيح يسوع ۾ زيادہ ٿئي. 27رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو. 28۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ مخالفن کان نٿا ڊڄو: اها ڳالهہ هنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آهي، مگر اوهان جي نجات جي، ۽ اُها خدا جي پاران آهي، 29ڇالاءِ جو مسيح جي خاطر اوهان ئي تي اهو فضل ٿيو آهي تہ نہ رڳو هن تي ايمان آڻيو، پر هن جي لاءِ ڏک بہ سهو. 30اوهين بہ اهڙيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جهڙيءَ طرح اوهان مون کي ڪندو ڏٺو هو، ۽ هاڻي بہ ٻُڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان.
Currently Selected:
فلپين 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.