YouVersion Logo
Search Icon

افسين 6

6
1اي ٻارو، خداوند ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو: ڇالاءِ جو اهو واجب آهي. 2”پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي عزت ڏي،“ (اهو پهريون حڪم آهي جنهن سان واعدو شامل آهي) 3”انهي لاءِ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي ۽ زمين تي تنهنجي عمر وڏي ٿئي.“ 4اي پيئرو، اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين خداوند جي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سندن پرورش ڪريو.
5اي نوڪرو، جيڪي جسم جي لاڳاپي ڪري اوهان جا ڌڻي آهن، تن کان صاف دليءَ سان ڊڄي ۽ ڏڪي سندن اهڙا فرمانبردار رهو، جهڙا مسيح جا؛ 6۽ ماڻهن کي خوش ڪندڙن وانگر ظاهري ڏيک جي لاءِ نوڪري نہ ڪريو؛ پر مسيح جي غلامن وانگر دل سان خدا جي مرضي پوري ڪريو؛ 7۽ دل جي شوق سان خدمت ڪريو؛ ڄڻ تہ خداوند جي ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي: 8جو اوهين ڄاڻو ٿا تہ ماڻهو جهڙو بہ ڪم ڪندو، تهڙو ئي خداوند کان اجر ملندس، پوءِ کڻي غلام هوندا يا آزاد. 9۽ اي مالڪو، اوهين بہ دڙڪو تاب ڇڏي هنن سان ساڳي اهڙي هلت ڪريو: جو ڄاڻو ٿا تہ هنن جو توڙي اوهان جو ڌڻي آسمان ۾ آهي، ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ڪندو آهي.
10پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو. 11خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ شيطان جي منصوبن سان مقابلو ڪري سگهو. 12ڇالاءِ جو اسين گوشت ۽ رت سان جنگ نٿا ڪريون، پر رياستن ۽ طاقتن، ۽ انهن اونداهيءَ واريءَ دنيا جي حاڪمن سان، ۽ آسماني جاين وارن خراب روحاني لشڪرن سان ٿا وڙهون. 13تنهنڪري خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ خراب ڏينهن ۾ مقابلو ڪري سگهو، ۽ سڀ ڪم پورا ڪري قائم رهي سگهو. 14تنهنڪري سچ جو سندرو ٻَڌي، ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو زرهہ ڍڪيو، 15۽ پيرن ۾ صلح جي خوشخبريءَ جي تياريءَ جي جُتي پايو؛ 16۽ انهن سان گڏ ايمان جي ڍال بہ کڻو، جنهن سان اوهين انهي بدڪار جا سڀ ٻرندڙ تير اُجهائي سگهندا. 17۽ نجات جو ٽوپ ۽ روح جي ترار، يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو؛ 18۽ هر وقت ۽ هر طرح سان روح ۾ دعا ۽ منٿ ڪندا رهو، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن جي لاءِ اورچ ٿي دعا گهُرندا ۽ جاڳندا رهو، 19۽ منهنجي لاءِ بہ، تہ ڳالهائڻ وقت مون کي ڪلام ٻُڌائڻ جي توفيق ملي، تہ آئون خوشخبريءَ جو راز بهادريءَ سان ظاهر ڪريان؛ 20جنهن جي لاءِ آئون زنجيرن ۾ ٻَڌل ايلچي آهيان؛ تہ انهي کي دليريءَ سان اهڙو بيان ڪريان، جهڙو بيان ڪرڻ مون تي فرض آهي.
21تخڪس، جو پيارو ڀاءُ ۽ خداوند ۾ ايماندار خادم آهي، سو اوهان کي منهنجون سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ آئون ڪيئن ٿو گذاريان. 22اُنهي کي مون اوهان ڏانهن انهي ڪم لاءِ موڪليو آهي تہ اسان جي حالت جي اوهان کي خبر پوي، ۽ هو اوهانجين دلين کي تسلي ڏئي.
23خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل ڀائرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي. 24شل انهن سڀني تي فضل هجي، جيڪي اسان جي خداوند يسوع مسيح سان لازوال محبت ٿا رکن.

Currently Selected:

افسين 6: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in