YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 35

35
1۽ خداوند يردن جي ڪناري تي، موآب جي ميدان ۾، يريحو وٽ موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ 2بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ پنهنجيءَ موروثي ملڪيت مان ڪي شهر لاوين کي رهڻ لاءِ ڏين؛ ۽ انهن شهرن جي پسگردائي بہ اوهين لاوين کي ڏيو. 3شهرن ۾ تہ هو پاڻ رهندا؛ ۽ باقي انهن جون ٻهراڙيون سندن ڍورن، ۽ مال، ۽ جانورن لاءِ ٿينديون. 4۽ شهرن جي پسگردائي، جا اوهين لاوين کي ڏيو، سا شهر جي ڪوٽ کان ٻاهرئين پاسي چوڌاري هزار هٿن تائين هئڻ گهرجي. 5۽ اوهين شهر جي ٻاهران اُڀرندي ڏانهن ٻہ هزار هٿ ماپجو، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٻہ هزار هٿ، ۽ الهندي ڏانهن ٻہ هزار هٿ، ۽ اُتر ڏانهن ٻہ هزار هٿ، پوءِ شهر انهن جي وچ ۾ ٿيندو. اهي هن جي لاءِ شهرن جون ٻهراڙيون ٿينديون. 6۽ جيڪي شهر اوهين لاوين کي ڏيندا، تن مان ڇهہ شهر پناهہ جا هجن، جن ۾ خوني ماڻهو ڀڄي وڃي رهن: انهن کان سواءِ اوهين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ اڏجو. 7سڀ شهر جي اوهين لاوين کي ڏيندا سي اٺيتاليهہ هجن. اهي اوهين انهن جي ٻهراڙين سميت ڏجو. 8۽ جيڪي شهر اوهين ڏيو، سي بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان هجن، گهڻن کان گهڻا وٺجو؛ ۽ ٿورن کان ٿورا وٺجو: هر ڪنهن کي جيڪو ورثو ملي تنهن موجب پنهنجن شهرن مان لاوين کي ڏئي.
9۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ 10بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جڏهن اوهين يردن لنگهي ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، 11تڏهن پنهنجي لاءِ ڪي شهر مقرر ڪجو، جي اوهان جي لاءِ پناهہ جا شهر هجن؛ تہ جيڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن جو خون ڪري، سو ڀڄي وڃي اتي رهي. 12انهن شهرن ۾ اوهان کي وير وٺڻ واري کان پناهہ ملندي؛ انهي لاءِ تہ جيسين خوني جماعت جي اڳيان فيصلي جي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيسين اهو ماريو نہ وڃي. 13۽ پناهہ جا شهر جي اوهين ڏيو سي ڇهہ هجن. 14اوهين ٽي شهر يردن جي پرئين ڀر، ۽ ٽي شهر ڪنعان جي ملڪ ۾ ڏجو: اهي پناهہ جا شهر ٿيندا. 15اهي ڇهہ شهر بني اسرائيل جي لاءِ، ۽ پرديسيءَ جي لاءِ، ۽ جيڪو ڌاريو اوهان منجهہ اچي رهي، انهي جي لاءِ پناهہ جا شهر ٿيندا: انهي لاءِ تہ جيڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن جو خون ڪري، سو ڀڄي اتي وڃي رهي. 16جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي لوهہ جي هٿيار سان اهڙو ماري، جو اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي. 17جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي اهڙو پهڻ هٿ سان اُڇلائي هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي، ۽ اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي. 18يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي اهڙي لٺ هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي، ۽ اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي. 19جيڪو خون جو وير وٺڻ وارو هجي، سو پاڻ اهڙي خونيءَ کي ماري: جڏهن اهو گڏجي وڃيس تڏهن انهي کي ماري وجهي. 20جيڪڏهن ڪو ماڻهو دشمنيءَ جي ڪري ڪنهن کي ڌڪو ڏئي، يا لڪي وجهہ وٺي ڪا شيءِ اُڇلائي هڻيس، جنهنڪري اهو مري پوي؛ 21يا دشمنيءَ جي ڪري هٿ سان ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ تہ ڌڪ هڻڻ وارو ضرور قتل ڪيو وڃي؛ هو خوني آهي: ۽ خون جي وير جي وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي جڏهن اهو گڏجيس، تڏهن ماري وجهي. 22پر جيڪڏهن هو دشمنيءَ کان سواءِ اوچتو انهي کي ڌڪو ڏئي، يا لڪي ويهڻ کان سواءِ ڪا شيءِ مٿس اُڇلائي، 23يا انهي کي ڏسڻ کان سواءِ اهڙو پهڻ اُڇلائي هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي ۽ انهي جي لڳڻ سان اهو مري وڃي، ۽ هو انهي جو دشمن نہ هجي، نڪي انهي جو مٺگهرو هجي: 24تہ پوءِ جماعت انهي ڌڪ هڻندڙ، ۽ خون جي وير وٺڻ واري جي وچ ۾ هنن حڪمن موجب فيصلو ڪري: 25۽ جماعت انهي خونيءَ کي انهي خون جي وير وٺڻ واري جي چنبي مان ڇڏائي، ۽ جماعت ئي هن کي سندس پناهہ جي شهر ۾ موڪلي ڏئي، جتي هو ڀڄي ويو هجي: ۽ پاڪ تيل سان مسح ڪيل سردار ڪاهن جي موت تائين، هو اتي ئي رهي. 26پر جيڪڏهن اهو خوني جنهن شهر ۾ ڀڄي ويو هجي، تنهن جيءَ حد کان ڪنهن بہ وقت ٻاهر نڪري، 27۽ جيڪڏهن خون جي وير وٺڻ واري کي اهو پناهہ جي شهر جي حد جي ٻاهر گڏجي وڃي، ۽ اهو وير وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي ماري وجهي؛ تہ انهي تي خون جو ڏوهہ ڪونہ ايندو: 28ڇالاءِ جو هن کي گهربو هو تہ سردار ڪاهن جي مرڻ تائين پنهنجي پناهہ جي شهر ۾ رهي: ۽ سردار ڪاهن جي مرڻ کان پوءِ اهو خوني پنهنجي ملڪيت واريءَ زمين ۾ موٽي اچي. 29اهي ڳالهيون اوهان لاءِ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ ۽ اوهان جي سڀني رهڻ جي هنڌن ۾ فيصلي جو قانون ٿينديون. 30جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجهي، تہ اهو خوني، شاهدن جي زبانيءَ تي قتل ڪيو وڃي: پر هڪڙي شاهد جي زبانيءَ تي ڪوبہ ماڻهو ماريو نہ وڃي. 31تنهن کان سواءِ جيڪو خوني قتل جي لائق هجي، تنهن کي سندس جان جي عيوضي ۾ پئسا وٺي ڇڏي نہ ڏجو: اهو ضرور قتل ڪيو وڃي. 32۽ جيڪو پنهنجي پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي وڃي، تنهن کي سردار ڪاهن جي مرڻ کان اڳي سندس عيوضي جا پئسا وٺي، سندس زمين ۾ موٽڻ جي موڪل نہ ڏجو. 33سو جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، تنهن کي ناپاڪ نہ ڪجو: ڇالاءِ جو رت ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري: ڇو تہ جنهن ملڪ ۾ رت وهائجي ٿو، تنهن جو ڪفارو خونيءَ جي رت کان سواءِ ٿي نٿو سگهي. 34جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، ۽ جنهن ملڪ ۾ آءٌ بہ ٿو رهان، تنهن کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند بني اسرائيل جي وچ ۾ ٿو رهان.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 35: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in