YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 34

34
1۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ 2بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ، تہ جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، (هي اهو ملڪ آهي، جو اوهان جو ورثو ٿيندو، يعني ڪنعان جو ملڪ سندس حدن موجب.) 3تڏهن اوهان جي ڏکڻ واري سرحد صين جي بيابان کان وٺي ادوم جي سرحد تائين ٿيندي، ۽ اوهان جي ڏاکڻي سرحد کاري سمنڊ جي ڇيڙي کان وٺي اُڀرندي ڏانهن ٿيندي: 4اوهان جي سرحد عقرابيم جي چاڙهيءَ جي ڏکڻ کان ڦري، صين تائين ويندي: اُتان وري قادس برنيع جي ڏکڻ ڏانهن ويندي؛ اُتان وري حصرادار کان لنگهي عضمون تائين ويندي: 5پوءِ سرحد عضمون کان ڦري، مصر جي نديءَ تائين ويندي، ۽ سمنڊ تي وڃي پوري ٿيندي. 6۽ اُلهندي واري سرحد اوهان جي لاءِ وڏو سمنڊ ۽ انهي جو ڪنارو ٿيندي: اها اوهان جي اُلهندي واري سرحد ٿيندي. 7۽ اوهان جي اُتر واري سرحد: وڏي سمنڊ کان وٺي حور جبل تائين رکجو. 8۽ حور جبل کان اوهين حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ تائين نشان ڪجو؛ ۽ اتان نڪري سرحد ضداد تائين ويندي: 9پوءِ سرحد اڳتي لنگهي زفرون تائين ويندي، ۽ اتان نڪري حصرعينان تي وڃي بيهندي: اها اوهان جي اُتر واري سرحد ٿيندي. 10۽ اوهين پنهنجي اُڀرندي واري سرحد حصرعينان کان وٺي سفام تائين نشان ڪجو: 11۽ سرحد سفام کان لهي ربلہ تائين، عين جي اُڀرندي پاسي ويندي؛ وري اتان لهي اڀرندي ڏانهن ڪنرت جي سمنڊ تائين ويندي: 12پوءِ سرحد اتان لهي يردن تائين ويندي، ۽ اتان نڪري وڃي کاري سمنڊ تي بيهندي: اهو ملڪ سندس چئن ئي طرفن جي حدن موجب اوهان جو ٿيندو. 13پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ملڪ اوهين پُکا وجهي ورهائي ورثي ۾ کڻندا، ۽ جنهن جي بابت خداوند حڪم ڪيو آهي، تہ انهن نوَن قبيلن ۽ اڌ قبيلي کي ڏئي سو اهو آهي: 14ڇالاءِ جو بني روبن جي قبيلي کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، ۽ بني جد جي قبيلي کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن ورثو مليو آهي، ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ سندس ورثو ملي چڪو آهي: 15انهن اڍائي قبيلن کي سندن ورثو، سج اُڀرڻ واري پاسي يردن جي هن ڀر، يريحو وٽ اُڀرندي ڏانهن ملي چڪو آهي.
16پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس، تہ 17جيڪي ماڻهو انهي ملڪ جو ورثو اوهان کي ورهائي ڏيندا، تن جا نالا هي آهن: اليعزر ڪاهن، ۽ نون جو پٽ يشوع. 18۽ اوهين ملڪ جو ورثو ورهائڻ لاءِ هرهڪ قبيلي مان هڪڙو سردار پاڻ سان کڻجو. 19۽ انهن ماڻهن جا نالا هي آهن: يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب. 20بني شمعون جي قبيلي مان، عميهود جو پٽ شموئيل. 21بنيمين جي قبيلي مان، ڪسلون جو پٽ اليداد. 22بني دان جي قبيلي جو سردار، يگليءَ جو پٽ بقي. 23بني يوسف مان، بني منسيءَ جي قبيلي جو سردار، افود جو پٽ حني ايل. 24بني افرائيم جي قبيلي جو سردار، سفتان جو پٽ قموايل. 25بني زبولون جي قبيلي جو سردار، فرناڪ جو پٽ اليصفن. 26بني اشڪار جي قبيلي جو سردار، عزان جو پٽ فلتي ايل. 27بني آشر جي قبيلي جو سردار، شلوميءَ جو پٽ اخيهود. 28بني نفتاليءَ جي قبيلي جو سردار، عميهود جو پٽ فداهيل. 29هي اهي ماڻهو آهن جن کي خداوند حڪم ڏنو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل کي ورثو ورهائي ڏين.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 34: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ڳاڻاٽو 34