YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 10

10
1۽ هو اُتان اُٿيو ۽ يهوداہ جي حدن ۾ يردن نديءَ جي پرينءَ ڀر آيو: ۽ وري بہ ماڻهن جو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو؛ ۽ جيئن سندس عادت هئي تيئن وري بہ انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو. 2۽ فريسي وٽس آيا، ۽ آزمائڻ لاءِ پڇيائونس تہ اهو روا آهي يا نہ، تہ مڙس پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي؟ 3۽ هن جواب ڏيئي چين، تہ موسيٰ اوهان کي ڇا فرمايو آهي؟ 4هنن چيو تہ موسيٰ موڪل ڏني آهي تہ طلاق نامو لکي ڪڍي ڇڏجيس. 5پر يسوع چين تہ اوهان جي سخت دليءَ جي ڪري هن اوهان جي لاءِ اهو حڪم لکيو. 6پر دنيا جي شروعات کان هن (يعني خدا) هنن کي مڙس ۽ زال جوڙيو. 7انهي ڪري مڙس پنهنجي ماءُ پيءُ کان جدا ٿي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو؛ 8۽ هو ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا، ايتري قدر جو پوءِ هو ٻہ جسم نہ آهن پر هڪ. 9تڏهن جيڪي خدا ملائي ڇڏيو آهي، تنهن کي انسان جدا نہ ڪري. 10۽ گهر ۾ شاگردن هن ڳالهہ بابت وري هن کان پڇيو. 11۽ انهن کي چيائين تہ جيڪو پنهنجي زال کي ڪڍي ٻي پرڻبو، سو هن جي نسبت ۾ زنا ٿو ڪري. 12۽ جيڪڏهن هوءَ پاڻ پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏيندي، ۽ ٻئي سان پرڻبي تہ اُها زنا ٿي ڪري.
13پوءِ ماڻهو ننڍڙن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، انهي لاءِ تہ مٿن هٿ رکي، پر شاگردن انهن کي ڇينڀيو. 14سو جڏهن يسوع اهو حال ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي هنن کي چيائين تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو؛ ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي. 15آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو خدا جي بادشاهي ننڍڙن ٻارن وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح انهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو. 16پوءِ هنن کي هنج ۾ کڻي مٿن هٿ رکي کين دعا ڪيائين.
17۽ هو رستي تان پئي ويو تہ هڪڙو ماڻهو ڊوڙندو وٽس آيو، ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇڻ لڳس، تہ اي نيڪ اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟ 18يسوع چيس تہ تون مون کي نيڪ ڇو ٿو چوين؟ ڪوبہ نيڪ نہ آهي سواءِ هڪڙي جي يعني خدا جي. 19توکي حڪمن جي خبر آهي، تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، ٺڳي نہ ڪر، پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر. 20هن چيس، تہ اي اُستاد، آئون ننڍپڻ کان انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندو آيو آهيان. 21يسوع هن ڏانهن نظر ڪري کيس پيار ڪيو، ۽ چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي: وڃ جيڪي اٿيئي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، ۽ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ. 22پر انهي چوڻ تي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، ۽ غمگين ٿي هليو ويو: ڇالاءِ جو هو گهڻي ملڪيت وارو هو. 23۽ يسوع آس پاس نظر ڪري پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين. 24۽ شاگرد هن جي ڳالهين تي حيران ٿي ويا، پر يسوع وري ورندي ڏيئي چين، تہ اي ٻارو، جنهن جو ڀروسو دولت تي آهي، تنهن جو خدا جي بادشاهت ۾ گهڙڻ ڪهڙو نہ مشڪل آهي! 25خدا جي بادشاهت ۾ دولتمند جي گهڙڻ کان سئيءَ جي پاکي مان اُٺ جو لنگهڻ وڌيڪ سولو آهي. 26تنهن تي هو ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳس تہ تڏهن ڪنهن کي نجات حاصل ٿي سگهندي؟ 27يسوع انهن ڏي نهاري چيو، تہ ماڻهن لاءِ اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا لاءِ نہ، ڇالاءِ جو خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي. 28پطرس هن کي چوڻ لڳو تہ ڏس، اسان سڀ ڪجهہ ڇڏي ڏنو آهي ۽ تنهنجي پٺيان آيا آهيون. 29يسوع چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪوبہ ماڻهو اهڙو ڪونهي جنهن منهنجي لاءِ، ۽ انجيل لاءِ، گهر، يا ڀائر، يا ڀينر، يا ماءُ، يا پيءُ، يا ٻار، يا ٻنيون ڇڏيون هجن، 30۽ اُهي انهي کي هن زماني ۾ ئي سؤڻيون ٿي نہ ملن، ڇا گهر، ڇا ڀائر، ڇا ڀينر، ڇا مائر، ڇا ٻار، ڇا ٻنيون، اگرچہ عذابن سان؛ ۽ وري ايندڙ زماني ۾ هميشہ جي زندگي. 31پر گهڻا جي پهريان آهن سي پويان ٿيندا، ۽ پويان پهريان.
32پوءِ هو يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا، ۽ يسوع سندن اڳيان پئي ويو: ۽ اُهي عجب ۾ هئا؛ ۽ جيڪي سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنا پئي، ۽ هو وري بہ انهن ٻارهن کي وٺي جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون، سي ٻڌائڻ لڳو. 33۽ چوڻ لڳن تہ اِجهو يروشلم ڏانهن ٿا هلون؛ ۽ ابن آدم سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي حوالي ڪيو ويندو؛ ۽ اُهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا، ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا: 34۽ اُهي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلائيندا، ۽ کيس چهبڪ هڻندا، ۽ قتل ڪندس، ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ هو جي اُٿندو.
35۽ زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اي استاد، اسان جي مرضي آهي تہ جيڪي اسين توکان گهُرون، سو تون اسان لاءِ ڪرين. 36هن چين تہ ڇا ٿا گهُرو تہ آئون اوهان لاءِ ڪريان؟ 37هنن چيس تہ اسان لاءِ هيءُ ڪر، تہ تنهنجي جلال ۾ اسان مان هڪڙو تنهنجي ساڄي پاسي ۽ ٻيو تنهنجي کاٻي پاسي ويهي. 38پر يسوع چين تہ اوهان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا ٿا گهرو. جيڪو پيالو آئون پيان ٿو، تنهن جي پيئڻ جي اوهان کي طاقت آهي؟ يا جيڪا بپتسما آئون وٺان ٿو، تنهن جي وٺڻ جي طاقت اٿوَ؟ 39۽ هنن چيس تہ هائو، اسان کي طاقت آهي. يسوع چين تہ جيڪو پيالو آئون پيان ٿو، سو اوهين بہ پيئندا؛ ۽ جيڪا بپتسما آئون وٺان ٿو، سا اوهين بہ وٺندا. 40مگر منهنجي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي ويهارڻ، سو منهنجو ڪم نہ آهي: پر اهو انهن لاءِ آهي، جنهن جي لاءِ تيار ڪيل آهي. 41۽ جڏهن انهن ڏهن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙجڻ لڳا. 42پر يسوع انهن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اوهان کي خبر آهي تہ جيڪي غير قومن جا سردار ليکجن ٿا، سي انهن تي حڪم ٿا هلائين، ۽ سندن اميرن کي مٿن اختياري آهي. 43پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو: 44۽ جيڪو اوهان ۾ پهريون ٿيڻ گهُري، سو سڀني جو غلام ٿئي. 45ڇالاءِ تہ سچ پچ ابن آدم انهي لاءِ نہ آيو آهي تہ سندس خدمت ٿئي، پر پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان فدا ڪري.
46۽ اُهي يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو مان هو پنهنجن شاگردن ۽ ماڻهن جي گوڙ سميت نڪتو ٿي، تہ تمائي جو پٽ، بارتمئي، جو هڪڙو انڌو فقير هو، سو رستي جي ڀرسان ويٺو هو. 47۽ جڏهن هن ٻڌو تہ هيءُ يسوع ناصري آهي، تڏهن رڙ ڪري چوڻ لڳو، تہ اي يسوع، اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر. 48تنهن تي گهڻن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر: پر هو پاڻ وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر. 49۽ يسوع بيهي رهيو، ۽ چوڻ لڳو تہ هن کي سڏيو. هنن انڌي کي سڏيو، ۽ چيائونس تہ دلجاءِ ڪر؛ اُٿ، سڏيئي ٿو. 50۽ هو پنهنجو ڪپڙو ڦٽو ڪري ٽپ ڏيئي اُٿيو، ۽ يسوع وٽ آيو. 51۽ يسوع ورندي ڏيئي چيس تہ تون ڇا ٿو گهُرين تہ آئون تنهنجي لاءِ ڪريان؟ انڌي چيس تہ اي ربوني، اهو تہ آئون ڏسان وائسان. 52تنهن تي يسوع چيس تہ وڃ، تنهنجي ايمان توکي سڄو ڪيو آهي، ۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ رستي ۾ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.

Currently Selected:

مرقس 10: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy