1
مرقس 45:10
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ سچ پچ ابن آدم انهي لاءِ نہ آيو آهي تہ سندس خدمت ٿئي، پر پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان فدا ڪري.
Compare
Explore مرقس 10:45
2
مرقس 27:10
يسوع انهن ڏي نهاري چيو، تہ ماڻهن لاءِ اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا لاءِ نہ، ڇالاءِ جو خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.
Explore مرقس 10:27
3
مرقس 52:10
تنهن تي يسوع چيس تہ وڃ، تنهنجي ايمان توکي سڄو ڪيو آهي، ۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ رستي ۾ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.
Explore مرقس 10:52
4
مرقس 9:10
تڏهن جيڪي خدا ملائي ڇڏيو آهي، تنهن کي انسان جدا نہ ڪري.
Explore مرقس 10:9
5
مرقس 21:10
يسوع هن ڏانهن نظر ڪري کيس پيار ڪيو، ۽ چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي: وڃ جيڪي اٿيئي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، ۽ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.
Explore مرقس 10:21
6
مرقس 51:10
۽ يسوع ورندي ڏيئي چيس تہ تون ڇا ٿو گهُرين تہ آئون تنهنجي لاءِ ڪريان؟ انڌي چيس تہ اي ربوني، اهو تہ آئون ڏسان وائسان.
Explore مرقس 10:51
7
مرقس 43:10
پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو
Explore مرقس 10:43
8
مرقس 15:10
آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو خدا جي بادشاهي ننڍڙن ٻارن وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح انهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.
Explore مرقس 10:15
9
مرقس 31:10
پر گهڻا جي پهريان آهن سي پويان ٿيندا، ۽ پويان پهريان.
Explore مرقس 10:31
10
مرقس 6:10-8
پر دنيا جي شروعات کان هن (يعني خدا) هنن کي مڙس ۽ زال جوڙيو. انهي ڪري مڙس پنهنجي ماءُ پيءُ کان جدا ٿي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو؛ ۽ هو ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا، ايتري قدر جو پوءِ هو ٻہ جسم نہ آهن پر هڪ.
Explore مرقس 10:6-8
YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy
Home
Bible
Plans
Videos