YouVersion Logo
Search Icon

ملاڪيءَ 4

4
1ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي. 2پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا. 3۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا.
4اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت، يعني اُهي حڪم ۽ فيصلا جي مون هن کي حورب ۾ اسرائيل جي لاءِ ڏنا، تن کي ياد رکو. 5ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس. 6۽ هو پيءُ جي دل پٽ ڏانهن، ۽ پٽ جي پيءُ ڏانهن ڦيرائيندو؛ متان آءٌ اچان ۽ ملڪ تي لعنت وجهان.

Currently Selected:

ملاڪيءَ 4: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy