YouVersion Logo
Search Icon

ملاڪيءَ 3

3
1ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو. 2پر هن جي آمد جو ڏينهن ڪير سهي سگهندو؟ ۽ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن ڪير بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو سوناري جي باهہ ۽ ڌوٻيءَ جي صابڻ وانگي آهي: 3۽ هو سوناري وانگر ويهي بني لاويءَ کي سون ۽ چانديءَ وانگي پاڪ صاف ڪندو؛ تہ هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور نذرانا آڻين. 4تڏهن يروشلم ۽ يهوداہ جو نذرانو خداوند کي قبول پوندو، جيئن ڪ اڳين ڏينهن ۾ ۽ گذريل زماني ۾ هو. 5لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس. 6ڇالاءِ جو آءٌ خداوند ڦران نٿو؛ انهي ڪري، اي بني يعقوب، اوهين ناس نہ ٿي ويا آهيو.
7اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجن حڪمن کان ڦري ويا آهيو، ۽ انهن جي تعميل نہ پئي ڪئي اٿوَ. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون وٽ موٽي اچو، ۽ آءٌ اوهان وٽ موٽندس. پر اوهين چئو ٿا تہ اسين ڪهڙي ڳالهہ ۾ موٽون؟ 8ڪو ماڻهو خدا جي چوري ڪندو ڇا؟ تہ بہ اوهين منهنجي چوري ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي چوري ڪئي آهي؟ ڏهاڪيءَ ۽ نذرانن ۾. 9انهي ڪري اوهين سخت لعنتي آهيو؛ ڇالاءِ جو اوهين، بلڪ سڄي قوم مون کي ٺڳيو ٿا. 10لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي. 11۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جي خاطر ڳڙڪائيندڙن کي ڇينڀيندس، ۽ هو اوهان جي زمين جي پيدائش ناس نہ ڪندا، ۽ نڪي اوهان جي ڊاک جو ڦر ڪچو زمين تي ڪِرندو. 12۽ سڀ قومون اوهان کي خوشنود چونديون، ڇالاءِ جو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين هڪڙو وڻندڙ ملڪ ٿيندا.
13خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي برخلاف اوهان جون ڳالهيون تمام سخت آهن، تہ بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؟ 14اوهان چيو آهي تہ خداوند جي خدمت چاڪري ڪرڻ اجائي آهي: ۽ لشڪرن جي خداوند جو حڪم مڃڻ، ۽ سندس اڳيان ماتم ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟ 15۽ هاڻي اسين مغرور ماڻهوءَ کي خوشنود ٿا چئون؛ هائو، اُهي جي شرارت جا ڪم ٿا ڪن، سي آباد آهن؛ هائو، اُهي خداوند کي آزمائين ٿا ۽ ڇُٽي وڃن ٿا. 16تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو. 17۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هو منهنجي اُمت، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا؛ ۽ آءٌ انهن تي اهڙو رحمدل ٿيندس، جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي. 18تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا.

Currently Selected:

ملاڪيءَ 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy