لاوي سرشتو 11
11
1پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ 2اوهين بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئو، تہ زمين جي سڀني جانورن مان جيڪي ساهوارا اوهان کي کائڻ روا آهن، سي هي آهن: 3جانورن مان جن جا کر چيريل آهن، يا ڦاٽل پيرن وارا آهن، يا اوڳارين ٿا، سي سڀ اوهين کائجو. 4پر انهن مان جيڪي اوڳارين ٿا پر سندن کر چيريل نہ آهن، سي نہ کائجو: جيئن تہ اُٺ، ڇالاءِ تہ اهو اوڳاري ٿو، پر هن جا کر چيريل نہ آهن، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي. 5۽ جهنگلي نور، ڇالاءِ جو اهو بہ اوڳاري ٿو، پر هنجا کر چيريل نہ آهن، تنهنڪري اهو اوهانجي لاءِ حرام آهي. 6يا سهو ڇالاءِ جو اهو اوڳاري ٿو، پر هنجا کر چيريل نہ آهن، تنهنڪري اهو اوهانجي لاءِ حرام آهي 7۽ سوئر، ڇالاءِ جو انهي جا کر چيريل آهن ۽ پير ٻہ ڦاڪا اٿس، پر هو اوڳاري نٿو، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي. 8انهي جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن.
9۽ پاڻيءَ جي ساهوارن مان جيڪي اوهان کي کائڻ روا آهن سي هي آهن: پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر آهن، سي اوهين کائجو، پوءِ اهي سمنڊن ۾ هجن توڙي ندين ۾ هجن. 10پر سمنڊن ۾ توڙي ندين ۾ جيڪي ساهوارا رهن ٿا، تن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، ۽ ٻيا جيڪي جانور پاڻيءَ ۾ ٿا رهن، سي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن. 11اهي اوهان جي لاءِ مڪروهہ ٿيندا؛ اوهين انهن جي گوشت مان ڪجهہ بہ نہ کائجو، ۽ انهن جي مڙهن کان ڪراهت ڪجو. 12پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.
13۽ پکين مان هي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن؛ اهي کائڻ ۾ نہ اچن: يعني عقاب، باز ۽ ڪُريل؛ 14سرڻ، ۽ شِڪرن جا سڀ قسم؛ 15سڀني قسمن جا ڪانگ؛ 16شترمرغ، رات شِڪرو، بحري باز، ۽ بازن جا سڀ قسم؛ 17چٻرو، ڪنگ، ۽ چٻ؛ 18راڄ هنس، پيڻ، ۽ ڳجهہ؛ 19لقلق ۽ ٻگهن جا سڀ قسم، چنڊول ۽ چمڙو: اهي مڪروهہ آهن.
20۽ جيڪي کنڀن وارا سرندڙ جيت آهن، جي چئن پيرن تي ٿا هلن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن. 21انهي هوندي بہ کنڀن وارن جيتن مان، جيڪي چئن پيرن تي هلن ٿا ۽ جن کي پيرن جي مٿان ٽنگون آهن، جن جي وسيلي هو زمين تي ٽپن ٿا، تن مان هي اوهين کائجو: 22يعني مڪڙن جا سڀ قسم، ۽ ننڍڙين تڏين جا سڀ قسم، ۽ وڏن تڏن جا سڀ قسم. 23پر ٻيا سڀ کنڀن وارا جيت جن کي چار پير آهن، سي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.
24۽ جن شين جي ڪري اوهين ناپاڪ ٿيندا، سي هي آهن: جيڪو مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو؛ 25۽ جيڪو مڙهہ جي ڪا شيءِ کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. 26سڀ ڪو جانور جن جا کر چيريل آهن، پر پير ڦاٽل نہ اٿس، ۽ نڪي اوڳاري ٿو، سو اوهان جي لاءِ حرام آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو ناپاڪ ٿيندو. 27۽ جيڪي جانور چئن پيرن تي هلن ٿا، تن سڀني مان جيڪي پنهنجن چنبن تي ٿا هلن، سي اوهان جي لاءِ حرام آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو. 28۽ جيڪو انهن جي مڙهہ کي کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ اُهو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.
29۽ سرندڙ جيتن مان، جيڪي زمين تي سرندا آهن، تن مان جيڪي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: سي هي آهن؛ نور، ڪوئو، ۽ ڳوهہ جا سڀ قسم، 30چچي، واڳون، سانڊو، ريگماهي ۽ گرگٽان. 31سرندڙ جيتن مان اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو: 32۽ اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا، سا ناپاڪ ٿيندي: پوءِ کڻي اهو ڪاٺ جو ٿانو هجي، يا ڪپڙو هجي، يا کل هجي، يا ٻورو هجي، مطلب تہ ڪنهن بہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙو بہ ٿانو هجي، تہ انهي کي پاڻيءَ ۾ وجهڻ گهرجي، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ پوءِ پاڪ ٿيندو. 33۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ انهن مان ڪي ڪرندو تہ انهي ۾ جيڪي بہ پيل هوندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ انهي ٿانو کي ڀڃي ڇڏجو. 34۽ انهي ۾ جيڪو کائڻ جهڙو کاڌو هوندو، جنهن ۾ پاڻي پيل هوندو، سو ناپاڪ ٿيندو: ۽ اهڙي ٿانو ۾ جيڪو پيئڻ جهڙو پاڻي هوندو سو ناپاڪ ٿيندو. 35۽ جنهن بہ شيءِ تي انهن جي مڙهن جو ڪو ڀاڱو پوندو، سا ناپاڪ ٿيندي؛ پوءِ جي اهو تنور هجي، توڙي ديڳڙن جا چلها هجن، تہ اهي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏجن: اهي ناپاڪ آهن ۽ اوهان جي لاءِ ناپاڪ رهندا. 36انهي هوندي بہ ڪو چشمو يا تلاءُ جنهن ۾ گهڻو پاڻي هجي، سي پاڪ رهندا: پر جيڪو اُنهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو ناپاڪ ٿيندو. 37۽ جيڪڏهن انهن جي مڙهہ مان ڪجهہ اهڙي ٻج تي ڪري، جو ٻنيءَ ۾ پوکڻو هجي، تہ اهو ٻج پاڪ رهندو. 38پر اهو ٻج جنهن تي پاڻي پيل هجي، ۽ پوءِ انهن جي مڙهہ مان ڪجهہ انهي تي ڪري، تہ اهو ٻج اوهان جي لاءِ ناپاڪ ٿيندو.
39۽ جيڪي جانور اوهان جي لاءِ حلال آهن، تن مان جيڪڏهن ڪو مري پوي؛ تہ جيڪو انهي جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو. 40۽ جيڪو انهي جو مردار کائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو انهي جي مڙهہ مان ڪجهہ کڻندو سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
41۽ سڀ ڪو سرندڙ جيت، جو زمين تي سري ٿو، سو مڪروهہ آهي ۽ کائڻ روا نہ آهي. 42جيڪو بہ جيت پيٽ ڀر ٿو هلي، يا جيڪو چئن يا گهڻن پيرن تي ٿو هلي، يا جنهن کي گهڻا پير آهن، مطلب تہ سڀ سرندڙ جيت، جي زمين تي سرن ٿا، سي اوهين نہ کائجو؛ ڇالاءِ جو اهي مڪروهہ آهن. 43جيڪي بہ سرندڙ جيت سري ٿا هلن، تن سان اوهين پاڻ کي مڪروهہ نہ ڪجو، متان اوهين پليت ٿي پئو. 44ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مقدس ٿيو؛ ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان. جيڪو بہ سرندڙ جيت زمين تي سري ٿو، تنهن سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو: 45ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان جو خدا ٿيان: تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان.
46اهو آهي قاعدو جو جانورن، ۽ پکين، ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن، ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت آهي: 47انهي لاءِ تہ پاڪ ۽ ناپاڪ جي وچ ۾، ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ٿئي.
Currently Selected:
لاوي سرشتو 11: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.