YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 10

10
1۽ هارون جي پٽن ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان دان کڻي، انهي تي ٽانڊا رکيا، ۽ انهن جي مٿان لوبان وڌائون، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هون. 2ائين ڪرڻ ڪري خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي، ۽ انهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين، ۽ اهي خداوند جي روبرو مري ويا. 3تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو. 4پوءِ موسيٰ، هارون جي چاچي عزي ايل جي پٽن، ميساايل ۽ الضفن کي سڏي چيو، تہ اوهين ويجها اچو، ۽ پنهنجي ڀائرن کي پاڪ مڪان مان ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃو. 5سو هو ويجها آيا، ۽ موسيٰ جي چوڻ موجب انهن کي سندن ڪپڙن ۾ کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍي ويا. 6۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙيو، ۽ نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو؛ متان اوهين مري وڃو، ۽ متان هو ساريءَ جماعت تي ڪاوڙجي: پر اوهان جا ڀائر، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، ڀلي تہ انهن جي لاءِ جن کي خداوند ساڙيو آهي ماتم ڪن. 7پر اوهين جماعت واري تنبوءَ جي در کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو: ڇالاءِ جو خداوند جو مسح ڪرڻ جو تيل اوهان تي لڳل آهي. سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.
8۽ خداوند هارون کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 9جڏهن اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيو، تڏهن شراب يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ متان پيو، نڪي تون، نڪي تنهنجا پٽ، متان اوهين مري پئو: اهو اوهانجين پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو: 10تہ اوهين پاڪ ۽ رواجي شين جي وچ ۾، ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ڪريو؛ 11۽ اوهين بني اسرائيل کي اهي سڀ قانون سيکاريو، جي خداوند موسيٰ جي هٿان کين ٻڌايا آهن.
12پوءِ موسيٰ هارون کي، ۽ سندس باقي رهيل پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان جيڪا کاڌي جي قرباني بچي آهي، سا کڻي قربانگاهہ جي ڀرسان ويهي، بنا خمير جي کائو: ڇالاءِ جو اهو تمام پاڪ آهي: 13۽ اها اوهين ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ کائجو، ڇو تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي: ۽ مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي. 14۽ لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران بہ اوهين ڪنهن صاف جاءِ ۾ کائجو: تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجون ڌيئر جي تو سان گڏ هجن: ڇالاءِ جو اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي، جو بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي. 15مٿي کنيل ران ۽ لوڏيل سينو باهہ سان ساڙڻ وارين قربانين جي چرٻيءَ سان گڏ آندو وڃي، تہ اهي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ لوڏيا وڃن: اهو هميشہ جي لاءِ تنهنجو ۽ توسان گڏ تنهنجي پٽن جو حق ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.
16پوءِ موسيٰ گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر جي گهڻي پڇا ڪئي، ۽ ڏٺائين تہ اُهو اڳيئي سڙي ويو آهي: تنهنڪري هارون جا پٽ اليعزر ۽ اتمر، جي باقي بچيا هئا، تن تي هو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين، تہ 17اوهان گناهہ جي قرباني پاڪ جاءِ ۾ ويهي ڇو نہ کاڌي، جنهن صورت ۾ اها تمام پاڪ آهي، ۽ خداوند اوهان کي انهي لاءِ ڏني آهي، تہ اوهين جماعت جو گناهہ کڻي، خداوند جي حضور ۾ انهي جي لاءِ ڪفارو ڪريو؟ 18ڏسو انهي جو رت، پاڪ مڪان ۾ ڪونہ آندو ويو هو: اوهان کي گهربو هو تہ اها ضرور ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ کائو ها، جيئن ڪ مون حڪم ڏنو هو. 19تڏهن هارون موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي گناهہ جي قرباني ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهي آهي؛ ۽ مون تي اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن: ۽ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها گناهہ جي قرباني کاوان ها، تہ اها خداوند جي نظر ۾ قبول پوي ها ڇا؟ 20۽ موسيٰ اها ڳالهہ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 10: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for لاوي سرشتو 10