يشوع 23
23
1۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ جڏهن خداوند اسرائيل کي آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو، ۽ يشوع پيرسن ۽ وڏي عمر جو ٿيو؛ 2تڏهن يشوع سڀني اسرائيلين کي، سندن بزرگن ۽ سندن رئيسن کي، ۽ سندن قاضين ۽ سندن عملدارن کي، سڏائي چيو، تہ آءٌ پيرسن ۽ وڏيءَ عمر جو ٿيو آهيان: 3۽ جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي خاطر هنن سڀني قومن سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي، جو اوهان جي پاران وڙهيو آهي. 4ڏسو، هي قومون جي باقي رهيون آهن، سي انهن سڀني قومن سميت، جن کي مون ناس ڪري ڇڏيو آهي، يردن کان وٺي اُلهندي ۾ وڏي سمنڊ تائين، سي مون ورثو ڪري اوهان کي ورهائي ڏنيون آهن. 5۽ خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان ٿڏي ڪڍندو، ۽ اوهان جي نظر کان پري ڪندو؛ ۽ انهن جي زمين اوهان کي ورثي ۾ ملندي، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي فرمايو آهي. 6تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن سڀ جي همت جهلي پيروي ۽ تعميل ڪجو، تہ اوهين انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙو؛ 7۽ اهي قومون، جي اوهان ۾ باقي وڃي رهيون آهن، تن ۾ داخل نہ ٿجو؛ نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو، نڪي انهن جو قسم کڻجو، نڪي انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نڪي انهن کي سجدو ڪجو: 8پر خداوند پنهنجي خدا سان چهٽيا رهجو، جيئن اڄ ڏينهن تائين رهيا آهيو. 9ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي اڳيان وڏيون ۽ زبردست قومون هڪالي ڪڍيون آهن؛ ۽ اوهان جي اڳيان اڄ ڏينهن تائين ڪوبہ ماڻهو بيهي نہ سگهيو آهي. 10اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو. 11تنهنڪري اوهين چڱي سنڀال ڪجو تہ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکو. 12نہ تہ جيڪڏهن ڪنهن بہ رستي اوهين ڦري ويندا، ۽ انهن باقي رهيلن قومن سان، يعني انهن سان جي اوهان منجهہ رهيل آهن، گڏجي ويندا ۽ انهن سان شاديون ڪندا، ۽ هو اوهان مان شاديون ڪندا، ۽ اوهين هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا: 13تہ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا وري ڪڏهن بہ انهن قومن کي اوهان جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندو؛ اُٽلندو اُهي اوهان جي لاءِ ڦاسي ۽ دام ٿيندا، ۽ اوهانجن پاسن ۾ آفت ٿيندا، ۽ اوهانجين اکين لاءِ ڪنڊا ٿيندا، ۽ نيٺ اُها عمدي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي، تنهن تان اوهين مري کپي ويندا. 14۽ ڏسو، اڄ آءٌ انهيءَ پاسي ٿو وڃان جنهن پاسي سارو جهان وڃڻو آهي: ۽ اوهين سڀ پنهنجين دلين ۽ روح ۾ ڄاڻو ٿا، تہ جيڪي چڱيون ڳالهيون خداوند اوهان جي خدا اوهان جي نسبت ۾ ڪيون، تن مان هڪڙي ڳالهہ بہ نہ گُٿي آهي؛ سڀ اوهان جي لاءِ پوريون ٿيون آهن، ۽ هڪڙي ڳالهہ بہ انهن مان گهٽ نہ ٿي آهي. 15۽ هيئن ٿيندو تہ جهڙيءَ طرح اُهي سڀ ڳالهيون اوهان تي اچي بيٺيون آهن، جن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان کي خبر ڏني، تهڙيءَ طرح سڀ خراب ڳالهيون بہ خداوند اوهان تي آڻيندو، جيستائين هو اوهان کي ناس ڪري، ۽ اها چڱي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن تان اوهان کي اُگهي ڇڏي. 16جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جو عهد ڀڃندا، جنهن جو حڪم هن ڏنو آهي، ۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪندا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا؛ تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي، ۽ اوهين جلد ناس ٿي انهيءَ چڱيءَ زمين تان چٽ ٿي ويندا، جا هن اوهان کي ڏني آهي.
Currently Selected:
يشوع 23: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.