YouVersion Logo
Search Icon

يشوع 22

22
1تنهن کان پوءِ يشوع روبينين، ۽ جدين، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي سڏايو، 2۽ چيائين تہ جيڪي خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي فرمايو هو سو سڀ اوهان بجا آندو آهي؛ ۽ جيڪي مون اوهان کي چيو سو بہ سڀ اوهان ڌيان ڏيئي ٻڌو: 3هيترا ڏينهن اوهان اڄ تائين پنهنجن ڀائرن کي ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال پئي ڪئي اٿوَ. 4هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو. 5رڳو خبرداريءَ سان ڪوشش ڪري انهيءَ حڪم ۽ انهيءَ شريعت جي تعميل ڪجو، جنهن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو ۽ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، ۽ هن جي سڀني راهن تي هلندا رهجو، ۽ سندس حڪمن تي پورا رهجو، ۽ هن سان چهٽيل رهجو، ۽ پنهنجي ساريءَ دل ۽ ساري روح سان سندس عبادت ڪجو. 6پوءِ يشوع هنن کي برڪت ڏيئي روانو ڪيو، ۽ هو پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا.
7هاڻي منسيءَ جي هڪڙي اڌ فرقي کي موسيٰ بسن ۾ سندن موروثي حصو ڏنو هو؛ پر ٻئي اڌ فرقي کي يشوع يردن جي پار اُلهندي ڏانهن سندن ٻين ڀائرن سان گڏ حصو ڏنو، تنهن کان سواءِ جڏهن يشوع انهن کي پنهنجن تنبن ڏانهن موڪليو تڏهن انهن کي برڪت ڏنائين، 8۽ چيائين تہ گهڻي دولت سان، ۽ گهڻي چوپائي مال سان، ۽ روپي ۽ سون، ۽ پتل ۽ لوهہ، ۽ گهڻن ڪپڙن سان پنهنجن تنبن ڏي موٽي وڃو: پنهنجن دشمنن جي ڦرلٽ جو مال پنهنجن ڀائرن سان وڃي ورهائجو.
9۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي سڀ پٺتي موٽيا ۽ سيلا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تنهن مان بني اسرائيل وٽان روانا ٿيا، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ وڃڻ جو قصد ڪيائون، يعني پنهنجي ورثي واريءَ زمين ڏانهن، جا خداوند جي حڪم موجب، جو موسيٰ جي معرفت آيو، هنن کي قبضي ۾ ملي هئي. 10۽ جڏهن هو يردن جي ويجهو انهيءَ جاءِ تي پهتا، جا ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اُتي يردن جي ويجهو هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، جا ڏسڻ ۾ هڪڙي وڏي قربانگاهہ هئي. 11۽ بني اسرائيل ان جي خبر ٻڌي تہ ڏسو، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڪنعان جي ملڪ جي اڳ واري پاسي، يردن جي ويجهو، يعني بني اسرائيل واري پاسي، هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي آهي. 12۽ جڏهن بني اسرائيل اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، انهيءَ لاءِ تہ هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ مٿن چڙهي وڃن.
13۽ بني اسرائيل، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڏانهن، جلعاد جي ملڪ ۾ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي ڏياري موڪليو؛ 14۽ هن سان گڏ ڏهہ امير بہ موڪليائون، يعني اسرائيل جي هرهڪ فرقي مان هرهڪ اباڻي خاندان جو هڪ هڪ امير؛ ۽ انهن مان هرهڪ اسرائيل جي هزارن جو، پنهنجي پنهنجي اباڻي خاندان جو رئيس هو. 15پوءِ اُهي جلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وٽ آيا، ۽ ساڻن ڳالهہ ٻولهہ ڪري چيائون، تہ 16خداوند جي سڄي جماعت هيئن ٿي چوي، تہ هي ڪهڙو قصور آهي، جو اوهان اسرائيل جي خدا جي برخلاف ڪيو آهي، جو اڄوڪي ڏينهن اوهان خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ڦيريو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ، انهي لاءِ تہ اوهين اڄوڪي ڏينهن خداوند کان باغي ٿيو؟ 17فغور جو گناهہ، جنهن کان اسين اڄ تائين پاڪ نہ ٿيا آهيون، سو اسان جي لاءِ ڪو ٿورو آهي ڇا، جنهنڪري خداوند جي جماعت تي آفت اچي ڪڙڪي، 18جو اوهين اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ٿا موڙيو؟ ۽ هيئن ٿيندو تہ اڄ خداوند کان باغي ٿيڻ ڪري، سڀاڻي هو اسرائيل جي سڄي جماعت تي ڪاوڙبو. 19پر جي اوهان جي موروثي زمين ناپاڪ هجي، تہ اوهين لنگهي خداوند جي ملڪيت واري زمين ۾ اچو، جنهن ۾ خداوند جي عبادتگاهہ وارو تنبو لڳل آهي، ۽ اسان سان گڏ حصو وٺو: پر خداوند کان باغي نہ ٿيو، ۽ نہ اسان جي برخلاف فساد ڪريو، جو خداوند اسان جي خدا جي قربانگاهہ کانسواءِ پنهنجي لاءِ ٻي قربانگاهہ ٿا ٺاهيو. 20زارح جي پٽ عڪن وقف ڪيل شيءِ جي نسبت ۾ گناهہ ڪيو هو، جنهنڪري اسرائيل جي ساري جماعت تي غضب نازل نہ ٿيو ڇا؟ ۽ اُهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي ڪري اڪيلو ناس نہ ٿيو.
21تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اسرائيل جي هزارن جي رئيسن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ 22خداوند، خدائن جو خدا، خداوند، خدائن جو خدا، ڄاڻي ٿو، ۽ اسرائيل بہ ڄاڻندو، تہ جي سچ پچ اسان خداوند کان باغي ٿي، يا جي خداوند جو ڏوهہ ڪري (اڄ تون اسان کي نہ بچائج)، 23۽ خداوند جي پيروي کان منهن مٽڻ جي ارادي سان پنهنجي لاءِ قربانگاهہ ٺاهي آهي؛ يا جي انهيءَ لاءِ تہ انهي تي سوختني قرباني يا کاڌي جي قرباني، يا سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون، تہ ڀلي خداوند انهي جو اسان کان حساب وٺي؛ 24بلڪ اسان خيال ۽ ارادي سان ائين ڪيو آهي، جو چيوسين تہ متان ايندڙ وقت ۾ اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي چوي، تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان اوهان جو ڪهڙو واسطو آهي؟ 25ڇالاءِ جو اي بني روبن، ۽ بني جد، خداوند اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ يردن حد ٺهرائي آهي؛ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي: انهي طرح اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي خداوند جي خوف کان روڪي ڇڏي. 26تنهنڪري اسان چيو، تہ هاڻي اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيون؛ نہ سوختني قرباني لاءِ، نڪي ذبح ڪرڻ واري قرباني لاءِ: 27پر انهي لاءِ تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ اسان کان پوءِ اسانجين پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي؛ جنهنڪري اسين خداوند جي اڳيان پنهنجين سوختني قربانين سان، ۽ پنهنجين ذبح وارين قربانين سان، ۽ پنهنجين سلامتيءَ جي قربانين سان سندن بندگي ڪندا رهون؛ متان اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چوي، تہ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي. 28تنهنڪري اسان چيو تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن ايندڙ وقت ۾ هو اسان کي، يا اسانجين پوين پيڙهين کي ائين چون، تہ اسين بہ چئون تہ اِجهو خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو، جو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو، نہ سوختني قرباني يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ؛ پر انهيءَ لاءِ تہ اُها اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهي. 29خدا شل ائين نہ ڪري تہ اسين خداوند کان باغي ٿيون، ۽ اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦرون، ۽ خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربانگاهہ سندس تنبوءَ جي اڳيان آهي، تنهن کان سواءِ سوختني قربانيءَ لاءِ، يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ ٻي قربانگاهہ ٺاهيون.
30۽ جڏهن فينحاس ڪاهن ۽ ساڻس گڏ جيڪي جماعت جا سردار، يعني اسرائيل جي هزارن جا رئيس هئا، تن اُهي ڳالهيون ٻڌيون، جي بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي ڪيون، تڏهن هو خوش ٿيا. 31۽ فينحاس بن اليعزر ڪاهن، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ کي چيو تہ اڄ اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي، ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي برخلاف اهو قصور نہ ڪيو آهي: هاڻي اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي هٿان ڇڏايو آهي. 32پوءِ فينحاس بن اليعزر ڪاهن ۽ اُهي سردار، بني روبن، ۽ بني جد وٽان جلعاد جي ملڪ مان موٽيا، ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل وٽ آيا، ۽ ورندو احوال انهن کي ڏنائون. 33اُهو ٻڌي بني اسرائيل خوش ٿيا؛ ۽ بني اسرائيل خدا جو شڪرانو ڪيو، ۽ هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي وڃڻ، ۽ جنهن ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد رهندا هئا، تنهن کي ناس ڪرڻ جو وري ذڪر ڪونہ ڪيائون. 34۽ بني روبن ۽ بني جد انهيءَ قربانگاهہ کي عيد جو نالو ڏنو، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اها انهي ڳالهہ جي اسان جي وچ ۾ شاهد آهي، تہ خداوند ئي خدا آهي.

Currently Selected:

يشوع 22: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يشوع 22