يعقوب 3
3
1اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي. 2ڇالاءِ جو اسين سڀيئي گهڻين ڳالهين ۾ خطا پيا ڪريون. پر ڪامل انسان اُهو آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۾ خطا نٿو ڪري، جيڪو سڄي بدن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو سگهي. 3هاڻي جڏهن اسين گهوڙن جي وات ۾ لغام ٿا وجهون، انهي لاءِ تہ هو اسان جي حڪم ۾ رهن، تہ پوءِ هنن جي ساري بدن کي بہ ڦيرائي ٿا سگهون. 4ڏسو، جهاز بہ جيتوڻيڪ تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز هوائن سان ڌڪجي ٿا هلن، تڏهن بہ هڪڙي تمام ننڍي سڪان جي وسيلي، سڪائيءَ جي مرضيءَ موجب ڦيرايا وڃن ٿا. 5انهيءَ طرح زبان بہ هڪڙو ننڍو عضوو آهي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي هڻي. ڏسو، ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي ڪيتري نہ ٿوري باهہ ساڙيو ڇڏي! 6۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي. 7ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن قسم جا جانور، پکي، ۽ سُرندڙ ساهہ وارا، ۽ سمنڊ جا رهاڪو قابو ڪري سگهجن ٿا، ۽ ماڻهن انهن کي قابو ڪيو بہ آهي: 8پر زبان کي ڪوبہ ماڻهو قبضي ۾ رکي نٿو سگهي؛ اها اهڙي بلا آهي جا روڪڻ جي ئي ڪينهي، ۽ موتمار زهر سان ڀريل آهي. 9انهيءَ سان اسين خداوند ۽ ابي جي تعريف ٿا ڪريون؛ ۽ انهيءَ سان ئي اسين ماڻهن کي پِٽيون ٿا، جي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آهن؛ 10۽ ساڳئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري. اي منهنجا ڀائرو، ائين ٿيڻ نہ گهرجي. 11چشمي جي هڪڙي ئي ساڳئي منهن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري ٿو ڇا؟ 12اي منهنجا ڀائرو، انجير جي وڻ مان زيتون، يا ڊاک مان انجير پيدا ٿي سگهن ٿا ڇا؟ نڪي کاري چشمي مان مٺو پاڻي.
13اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجهُو ڪير آهي؟ انهي کي گهرجي تہ پنهنجا ڪم چڱيءَ هلت ۽ ڏاهپ جي حليمائيءَ سان ڏيکاري. 14پر جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ سخت حسد ۽ نفاق آهي تہ فخر نہ ڪريو، نڪي سچ جي برخلاف ڪوڙ ڳالهايو. 15هيءَ اُها ڏاهپ نہ آهي جا مٿان ٿي اچي، پر دنيوي ۽ جسماني ۽ شيطاني آهي. 16ڇالاءِ جو جتي حسد ۽ نفاق آهي، اتي فساد ۽ هر طرح جو بڇڙو ڪم بہ ٿو ٿئي. 17پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي. 18۽ جيڪي صلح ٿا ڪرائين، تن جي لاءِ راستبازيءَ جو ڦل صلح ۾ پوکيو ٿو وڃي.
Currently Selected:
يعقوب 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.