YouVersion Logo
Search Icon

يعقوب 2

2
1اي منهنجا ڀائرو، اسان جو خداوند يسوع مسيح، جو جلال وارو آهي، تنهن ۾ اوهان جو ايمان اهڙو هجي جو ڪنهن جي بہ پاسخاطري نہ ٿئي. 2ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوني مُنڊي پائي ۽ عمدي پوشاڪ ڍڪي اوهان جي جماعت ۾ اچي، ۽ ٻيو هڪڙو غريب ماڻهو ميرن ڪپڙن وارو بہ اچي؛ 3۽ اوهين انهي عمدي پوشاڪ واري جو لحاظ ڪري چئو تہ تون هتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويهہ؛ ۽ هن غريب ماڻهوءَ کي چئُہ تہ تون هتي بيهہ، يا منهنجي پيرن جي صندليءَ وٽ ويهي رهہ؛ 4تڏهن اوهان پنهنجيءَ دل ۾ پاسخاطري نہ ڪئي ڇا، ۽ طرفداري ڪندڙ منصف نہ ٿيا ڇا؟ 5منهنجا پيارا ڀائرو ٻُڌو، خدا هن جهان جي غريبن کي ايمان ۾ ڀرپور ۽ انهي بادشاهت جو وارث ٿيڻ لاءِ پسند نہ ڪيو آهي ڇا، جنهن جو واعدو هن پنهنجي محبت ڪندڙن سان ڪيو آهي؟ 6پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟ 7جنهن عزت واري نالي سان اوهين سڏبا آهيو، تنهن جي نسبت ۾ هو ڪفر نٿا بڪن ڇا؟ 8انهي هوندي بہ جيڪي پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر“ تنهن موجب جيڪڏهن اوهين الاهي شريعت پوري ٿا ڪريو تہ چڱو ٿا ڪريو؛ 9پر جيڪڏهن ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪريو تہ گناهہ ٿا ڪريو، ۽ شريعت اوهان کي ڏوهاري ٿي ٺهرائي. 10ڇالاءِ جو جنهن سڄيءَ شريعت تي عمل ڪيو ۽ پوءِ بہ هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ قصور ڪيائين، تہ اُهو سڀني ڳالهين ۾ ڏوهاري ٿيو. 11ڇالاءِ جو جنهن هيئن چيو تہ ”زنا نہ ڪر“ تنهن هيئن بہ چيو تہ ”خون نہ ڪر.“ هاڻي جيڪڏهن تون زنا نہ ڪندين پر خون ڪندين تہ تون شريعت جو ڏوهاري ٿي چڪين. 12اوهان جي گفتگو ۽ هلت چلت انهن ماڻهن وانگر هئڻ گهرجي، جن جو آزاديءَ جي شريعت موجب انصاف ٿيڻو آهي. 13ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.
14اي منهنجا ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون ايمان وارو آهيان، پر عمل ڪندڙ نہ هجي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟ اهڙي ايمان ڪري هن کي نجات ملندي ڇا؟ 15جيڪڏهن ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ پوري ڪپڙي ۽ ڏهاڙيءَ جي کاڌي لاءِ محتاج هجي، 16۽ اوهان مان ڪو انهن کي چوي تہ سلامتيءَ سان وڃو، گرم رهو ۽ ڍاول ٿيو؛ پر جيڪي شيون بدن جي لاءِ ضروري آهن سي کين نہ ڏئي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟ 17انهيءَ طرح ايمان بہ عمل کانسواءِ مُئل آهي. 18هائو، ڪو ماڻهو چوندو تہ تون ايمان ٿو رکين ۽ آئون عمل ٿو ڪريان: تون پنهنجو ايمان عمل کانسواءِ مون کي ڏيکار، ۽ آئون توکي پنهنجن عملن جي ڪري ايمان ڏيکاريندس. 19تنهنجو ايمان آهي تہ خدا هڪڙو آهي، سو چڱو ٿو ڪرين؛ بدروحن کي بہ اهڙو ايمان آهي ۽ ڏڪن پيا. 20پر اي بيهودا ماڻهو، ايترو نٿو ڄاڻين تہ عمل کانسواءِ ايمان نڪمو آهي؟ 21جڏهن اسان جي پيءُ ابراهيم، پنهنجي پٽ اسحاق کي قربانگاهہ تي قربان ٿي ڪيو، تڏهن هو عملن جي ڪري سچار نہ ٺهرايو ويو ڇا؟ 22تون ڏسين ٿو تہ ايمان هن جي عمل سان گڏجي اثر ڪيو، ۽ عملن ئي جي ڪري ايمان ڪامل ٿيو؛ 23۽ جيڪي پاڪ لکيت ۾ چيل آهي سو پورو ٿيو تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو ۽ اهو سندس حق ۾ راستبازي ليکيو ويو؛ ۽ هو خدا جو دوست سڏيو ويو.“
24هاڻي اوهين ڏسو ٿا تہ ماڻهو عمل جي ڪري راستباز ٿو ٺهري، نہ فقط ايمان جي ڪري. 25ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟ 26ڇالاءِ جو جيئن روح کانسواءِ بدن مُئل آهي، تيئن عمل کانسواءِ ايمان بہ مُئل آهي.

Currently Selected:

يعقوب 2: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in