يسعياہ 21
21
1سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام.
جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو. 2هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن 3تنهن ڪري منهنجي ڪمر درد سان ڀريل آهي؛ جيئن ويامندڙ زال کي سور ٿيندا آهن، تيئن مون کي سورن اچي ورايو آهي: مون کي ايترو سور آهي جو آءٌ ٻڌي نٿو سگهان؛ آءٌ اهڙو ڊڄي ويو آهيان جو ڏسي نٿو سگهان. 4منهنجي دل سهڪي ٿي، خوف مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي: شام جي شفق، جنهن جي مون کي خواهش هوندي هئي، سا منهنجي لاءِ بدلجي ڏڪڻي ٿي پيئي آهي. 5هو دسترخانو وڇائين ٿا، هو پهرو بيهارين ٿا، هو کائين ٿا، هو پيئن ٿا: اي شهزادا، اوهين اُٿو ۽ سپر کي تيل مکيو. 6ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ وڃ، وڃي ڪو پهري وارو بيهار؛ جيڪي هو ڏسي سو هو ڀلي ظاهر ڪري: 7۽ جڏهن هو ڪو لشڪر، يا گهوڙيسوارن جا جوڙا، يا گڏهن جي ٽولي، يا اُٺن جو ميڙ ڏسي تڏهن ڌيان سان ٻڌندو. 8۽ هن شينهن وانگي رڙ ڪئي: تہ اي خداوند، آءٌ سڄو ڏينهن پهري واري ٺلهہ تي بيٺو ئي بيٺو آهيان، ۽ پهرو ڏيندي سڄيون راتيون ڪاٽيون اٿم: 9۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن. 10اڙي تون، جو منهنجو ڳاهہ ۽ منهنجي پڙ جو اَنُ آهين: جيڪي مون لشڪرن جي خداوند، اسرائيل جي خدا کان ٻڌو آهي، سو مون اوهان کي ٻڌايو آهي.
11ادوم بابت ڪلام.
شعير مان ڪو مون کي سڏي چوي ٿو تہ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ 12پهري واري چيو تہ صبح اچي ٿو، ۽ رات بہ: جي اوهان کي پڇڻو آهي تہ پڇو: ۽ ڦري اچو.
13عرب بابت ڪلام.
اي دوان جا قافلا، اوهين عرب جي ٻيلي ۾ ٽڪندا. 14جيڪو اُڃيو هو تنهن کي پاڻي آڻي ڏنائون؛ تيما جي ملڪ جا رهاڪو ڀڳلن کي مانيءَ سان اچي گڏيا. 15ڇالاءِ جو هو ترارين کان، اُگهاڙين ترارين کان، ۽ موڙيل ڪمان کان، ۽ جنگ جي سختيءَ کان اُٿي ڀڳا هئا. 16ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي تہ هڪ سال اندر، مزورن جي سالن جي موجب، قيدار جي سڀ وڏائي گم ٿي ويندي: 17۽ تيراندازن جي شمار مان باقي رهيل مرد يعني قيدار جي اولاد مان بهادر ٿورا ٿيندا: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جي خدا ائين فرمايو آهي.
Currently Selected:
يسعياہ 21: SB62
Highlight
Share
Compare
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.