YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 20

20
1جنهن سال ۾ اسور جي بادشاهہ سرجون ترتان کي اشدود ۾ موڪليو هو ۽ هو اشدود سان وڙهيو ۽ اهو ورتائين؛ 2تنهن وقت خداوند يسعياہ بن آموص جي معرفت هيئن فرمايو تہ وڃي پنهنجي چيلهہ تان کٿو لاهہ، ۽ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ۽ هن ائين ڪيو، ۽ اگهاڙو ٿي پيرين اگهاڙو هليو. 3۽ خداوند فرمايو تہ جيئن منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن ورهين تائين اُگهاڙو ٿي، پيرين اُگهاڙو هليو آهي، تہ مصر ۽ ڪوش جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت ٿئي؛ 4تيئن اسور جو بادشاهہ مصر جا قيدي ۽ ڪوش جا جلاوطن، ننڍا توڙي وڏا، اُگهاڙا ڪري ۽ پيرين اُگهاڙا، ۽ اڻ ڍڪلين ٻنڊڙن سان وٺي ويندو، جنهن ڪري مصر جي خواري ٿيندي. 5۽ هو ڊڄي ويندا، ۽ شرمندا ٿيندا، ڇالاءِ جو ڪوش کي پنهنجي اُميد جي جاءِ، ۽ مصر کي پنهنجو فخر ٿي سمجهيائون. 6۽ انهيءَ ڪناري واري زمين جو رهاڪو چوندو تہ ڏسو جنهن زمين کي اسين اميد گاهہ سمجهي مدد لاءِ ان ڏي ڀڳاسين، تہ اسان کي اسور جي بادشاهہ کان ڇڏائي. تنهنجو هي حال آهي: پوءِ اسين ڪيئن ڀڄي ڇُٽنداسين؟

Currently Selected:

يسعياہ 20: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in