Bible App logo
Search Icon

حزقي ايل 2

2
1۽ انهيءَ مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ توسان ڳالهايان. 2۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن روح مون منجهہ گهڙي آيو ۽ مون کي پيرن ڀر بيهاريائين؛ ۽ مون انهي جو آواز ٻڌو جنهن مون سان ڳالهايو. 3۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، آءٌ توکي بني اسرائيل ڏانهن ٿو موڪليان، ۽ انهن قومن ڏانهن جي باغي ٿيون آهن، ۽ جن منهنجي برخلاف بغاوت ڪئي آهي: هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ تائين منهنجي حڪم جي عدولي پئي ڪئي آهي. 4۽ اُهي بي حيا ۽ سنگدل اولاد آهن؛ تہ بہ آءٌ توکي انهن وٽ ٿو موڪليان: ۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي. 5پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن (ڇالاءِ جو هو باغي گهراڻو آهي)، تڏهن بہ هنن کي معلوم ٿيندو تہ منجهن هڪڙو نبي ٿيو آهي. 6۽ اي آدمزاد، تون انهن کان نہ ڊڄ ۽ نہ انهن جي ڳالهين کان ڊڄ؛ جيتوڻيڪ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا توسان هجن ۽ تون وڇن منجهہ رهندو هجين تہ بہ انهن جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، ۽ نہ انهن جي شڪلين کان ڊڄ، جيتوڻيڪ هو باغي گهراڻو آهي. 7۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن. 8پر اي آدمزاد، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو سو تون ٻڌ؛ هن باغي گهراڻي جهڙو تون باغي نہ ٿيءُ: پنهنجو وات پَٽ ۽ جيڪي توکي ڏيان ٿو سو کاءُ. 9۽ جڏهن مون نهاريو، تڏهن ڏسو، هڪڙو هٿ مون ڏانهن ڊگهو ٿيو؛ ۽ ڏسو، انهيءَ ۾ هڪڙي ڪتاب جي ويڙهي هئي؛ 10۽ هن اُها منهنجي اڳيان پکيڙي رکي؛ ۽ اُها اندران ٻاهران لکيل هئي: ۽ انهي ۾ زاريون ۽ ماتم ۽ ڏک جون ڳالهيون هيون.

Currently Selected:

حزقي ايل 2: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in