حزقي ايل 1
1
1ٽيهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ هيئن ٿيو، تہ جنهن وقت آءٌ ڪبار نديءَ جي ڪناري تي قيدين منجهہ هوس، انهي وقت آسمان کُلي پيو ۽ مون خدا جا رويا ڏٺا. 2يهوياڪين بادشاهہ جي قيد جي پنجين ورهيہ ۾، انهي مهيني جي پنجين تاريخ، 3ڪبار نديءَ جي ڪناري تي، ڪسدين جي ملڪ ۾ خداوند جو ڪلام ظاهر ظهور حزقي ايل بن بوزي ڪاهن تي نازل ٿيو، ۽ اُتي خداوند جو هٿ هن تي هو. 4۽ مون نهاريو تہ اُتر مان هڪڙي طوفان جهڙي واچ نڪتي، ۽ هڪڙو وڏو ڪڪر جنهن ۾ ڄڻ تہ باهہ ويڙهي پئي هئي، ۽ انهي جي چوڌاري روشنائي هئي، ۽ انهي جي وچان، يعني باهہ جي وچ مان عنبير رنگ جهڙي روشنائي نڪتي. 5۽ انهيءَ جي وچ مان چئن ساهہ وارن جي شڪل ڏسڻ ۾ آئي، ۽ انهن جي صورت انسان جي شڪل جهڙي هئي. 6۽ انهن مان هرهڪ کي چار منهن هئا ۽ هرهڪ کي چار پر هئا. 7۽ انهن جون ٽنگون سڌيون هيون؛ ۽ انهن جي پيرن جي تري گابي جي کر جهڙي هئي: ۽ اهي چمڪندڙ پتل وانگي پئي چمڪيا. 8۽ انهن جي چئني پاسي سندن پرن هيٺ ماڻهوءَ جهڙا هٿ هئا: ۽ انهن چئني جا منهن ۽ پر ههڙا هئا؛ 9يعني هنن جا پر هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا؛ هلندي اُهي مڙيا نٿي؛ انهن مان هرڪو سڌو اڳتي ٿي هليو ويو. 10باقي هنن جي منهن جي شڪل ماڻهوءَ جي منهن جهڙي هئي: ۽ انهن چئني جو منهن سڄي پاسي شينهن جهڙو هو؛ ۽ انهن چئني جو منهن کٻي پاسي ڏاند جهڙو هو؛ انهن چئني جو منهن باز جهڙو بہ هو. 11۽ انهن جا منهن ۽ انهن جا پر مٿي ڌار ڌار هئا؛ هرهڪ جا ٻہ ٻہ پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا، ۽ ٻن ٻن سان هنن جا بت ڍڪيل هئا. 12۽ انهن مان هرڪو سڌو اڳتي هليو پئي ويو، جيڏانهن هلڻ جي مرضي ٿين تيڏانهن هو پئي ويا، ۽ هلندي اُهي مڙيا نٿي. 13باقي انهن ساهہ وارن جي شڪل باهہ جي ٽانڊن جهڙي هئي، ۽ مشعلن وانگي ٿي ڏسڻ ۾ آئي؛ اُها باهہ انهن ساهہ وارن منجهہ پي چڙهي ۽ لٿي؛ ۽ اُها باهہ چمڪندڙ هئي ۽ انهي باهہ مان وڄ پي نڪتي. 14۽ اُهي ساهہ وارا وڄ جي تجلي وانگر ڊوڙندا ۽ موٽندا ڏسڻ ۾ آيا. 15هاڻي جيئن مون انهن ساهہ وارن کي ڏٺو، تيئن زمين تي انهن جي ڀرسان، انهن جي چئن منهن موجب هرهڪ لاءِ هڪڙو ڦيٿو نظر آيو. 16انهن ڦيٿن جي شڪل ۽ انهن جي بناوٽ فيروزيءَ جي رنگ جهڙي هئي: ۽ اُهي چارئي هڪڙي ڊول جا هئا: ۽ انهن جي شڪل ۽ انهن جي بناوٽ ڄڻ تہ ڦيٿي جي اندر ڦيٿو هئي. 17جڏهن هو هليا ٿي تڏهن پنهنجن چئن پاسن تي ٿي هليا: هلڻ مهل هو ڦريا نٿي. 18باقي انهن جا پاٽا سي اوچا ۽ خوفناڪ هئا؛ ۽ انهن چئني ڦيٿن جي پاٽن ۾ چوڌاري اکيون ئي اکيون هيون. 19۽ جڏهن اُهي ساهہ وارا هليا ٿي، تڏهن اُهي ڦيٿا سندن پاسن کان ٿي هليا: ۽ جڏهن اُهي ساهہ وارا زمين تان مٿي کڄيو ٿي ويا، تڏهن ڦيٿا بہ مٿي کڄيو ٿي ويا. 20جيڏانهن روح ٿي ويو اوڏانهن هو ٿي ويا؛ روح بہ اوڏانهن ٿي ويو: ۽ ڦيٿا ان جي پاسي کان مٿي ٿي کڄيا، ڇالاءِ جو انهن ساهہ وارن جو روح انهن ڦيٿن ۾ هو. 21جڏهن هو ٿي هليا تڏهن هي بہ ٿي هليا؛ جڏهن هو ٿي بيٺا تڏهن هي بہ ٿي بيٺا؛ ۽ جڏهن هو زمين تان مٿي ٿي کڄيا تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان مٿي ٿي کڄيا: ڇالاءِ جو ساهہ وارن جو روح ڦيٿن ۾ هو. 22۽ ساهہ وارن جي مٿي جي مٿان گنبذ وانگر هڪڙو آسمان هو؛ جنهن جو رنگ خوفناڪ بلور جهڙو هو، جو انهن جي مٿن جي مٿان پکڙيل هو. 23۽ انهي آسمان هيٺان انهن جا پر سنوان هئا، هڪڙو ٻئي ڏانهن: هرهڪ کي ٻہ ٻہ هئا جن انهي جي بت جو هي پاسو ٿي ڍڪيو، ۽ هرهڪ کي ٻہ ٻہ هئا جن انهي جي بت جو هُو پاسو ٿي ڍڪيو. 24۽ جڏهن هو هليا ٿي تڏهن هنن جي پرن جو آواز گهڻي پاڻيءَ جي آواز جهڙو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو، يعني قادر مطلق جي آواز جهڙو، يا لشڪر جي گوڙ ۽ هل هنگامي جو آواز: جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هنن پنهنجا پر لاڙي ٿي ڇڏيا. 25۽ جيڪو آسمان انهن جي مٿي جي مٿان هو، تنهن جي مٿان هڪڙو آواز ٿي آيو: جڏهن هو بيٺا ٿي، تڏهن هنن پنهنجا پر لاڙي ٿي ڇڏيا. 26۽ جيڪو آسمان انهن جي مٿن جي مٿان هو، تنهن جي مٿان تخت جهڙي هڪڙي شيءِ هئي، جا نيلم پهڻ جهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي: ۽ انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي ماڻهوءَ جهڙي شڪل ڏسڻ ۾ ٿي آئي. 27۽ مون انهي منجهہ چوڌاري هن جي چيلهہ ۽ ان کان مٿي واري صورت مان عنبير رنگ جهڙي باهہ ڏٺي؛ ۽ هن جي چيلهہ ۽ ان کان هيٺ ڄڻ تہ باهہ جي صورت مون ڏٺي، ۽ هن جي چوڌاري روشنائي هئي. 28آس پاس واري روشنائي اهڙي ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙي مينهن واري ڏينهن ڪڪر ۾ ڪمان جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي. خداوند جي جلال جي شڪل اهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ۽ جڏهن مون اهو ڏٺو، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ مون هڪڙي ڳالهائيندڙ جو آواز ٻڌو.
Currently Selected:
حزقي ايل 1: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.