شريعت جو دور 20
20
1جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو. 2۽ جيڪڏهن اوهين دشمنن جي ويجها وڃو، تڏهن ڪاهن ماڻهن وٽ وڃي انهن سان گفتگو ڪري، 3۽ چوين تہ اي اسرائيليو ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجي دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو: سو اوهين دل نہ لاهجو؛ اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو؛ 4ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري. 5پوءِ عملدار ماڻهن کي چون، تہ اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئين جاءِ جوڙائي هجي، ۽ انهيءَ کي مخصوص نہ ڪيو هجيس، سو پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان هو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ جاءِ کي مخصوص ڪري. 6۽ جنهن ماڻهوءَ ڊاک جو منهہ لڳايو هجي، ۽ انهي جو ميوو نہ کاڌو هجيس، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان اهو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهي جو ميوو کائي. 7۽ جنهن ماڻهوءَ جي ڪنهن زال سان مڱڻي ٿي هجي، ۽ انهيءَ کي شادي ڪري وٺي نہ آيو هجي، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان اهو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ سان شادي ڪري. 8۽ عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون، تہ جيڪو ماڻهو ڊڄڻو يا ناهمت هجي، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان سندس ڀائر بہ انهي وانگر ناهمت ٿي پون. 9۽ جڏهن عملدار ماڻهن سان ڳالهائي بس ڪن، تڏهن هو ماڻهن جي پيشوائيءَ لاءِ لشڪر جا ڪپتان مقرر ڪن.
10جڏهن تون ڪنهن شهر سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهي کي ويجهو وڃين، تڏهن پهرين انهي کي صلح جو پيغام موڪلج. 11۽ جيڪڏهن هو توکي صلح جو جواب ڏي، ۽ تنهنجي لاءِ دروازا کولي ڇڏي، تہ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هجن، سي سڀ تنهنجا ڍل ڀريندڙ ٿيندا، ۽ تنهنجي خدمت ڪندا. 12۽ جيڪڏهن هو توسان صلح نہ ڪن، پر جنگ ڪن، تہ تون انهي کي گهيرو ڪج: 13۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا اهو تنهنجي قبضي ۾ ڏئي، تڏهن تون انهي جي هر ڪنهن مرد ماڻهوءَ کي ترار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏج: 14پر زالون، ۽ ٻار، ۽ ڍور ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۾ هجي، يعني انهي جو سمورو لٽ جو مال، تون پنهنجي لاءِ رکج؛ ۽ تنهنجن دشمنن جي لٽ جو مال، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي، سو تون ڀلي کائج. 15انهيءَ طرح تون انهن سڀني شهرن سان ڪج جي توکان گهڻو پري آهن، ۽ جي هنن قومن جا نہ آهن. 16پر هنن قومن جا شهر، جي خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ٿو ڏئي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏج: 17پر تون انهن کي يعني حتين کي، امورين کي، ڪنعانين کي، فرزين کي، حوين کي، ۽ يبوسين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏج؛ جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: 18انهي لاءِ تہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ نہ سيکارين؛ تہ متان اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.
19جڏهن تون جنگ ڪندي ڪنهن شهر کي فتح ڪرڻ لاءِ گهڻي وقت تائين گهيرو ڪرين، تڏهن انهي جا وڻ ڪهاڙيءَ سان وڍي نہ ڇڏج؛ ڇالاءِ جو انهن جو ميوو تنهنجي کائڻ جي ڪم ايندو، تنهنڪري انهن کي وڍي نہ ڇڏج، ڇوتہ ميدان جا وڻ ڪي ماڻهو آهن ڇا جو تون انهن کي گهيرو ڪرين؟ 20رڳو اهي وڻ جي تون سمجهين تہ کاڌي جي ڪم جا نہ آهن، سي تون وڍي برباد ڪري ڇڏج؛ جيڪو شهر تو سان جنگ ڪري، تنهن جي سامهون تون مورچا ٻڌج، جيسين ڪ اهو هٿ اچي.
Currently Selected:
شريعت جو دور 20: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.