شريعت جو دور 19
19
1جن قومن جو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن کي جڏهن خداوند تنهنجو خدا تباهہ ڪري ڇڏيندو، ۽ تون انهن جو وارث ٿيندين، ۽ انهن جي شهر ۽ انهن جي گهرن ۾ رهندين، 2تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي قبضي ۾ ڏئي ٿو، تنهن ۾ ٽي شهر تون پنهنجي لاءِ ڌار ڪج. 3۽ تون پنهنجي لاءِ هڪڙو رستو بہ تيار ڪج، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي ٽن حصن ۾ ورهائي حدون ٻڌج، تہ هرڪو خوني ڀڄي اتي وڃي. 4۽ جيڪو خوني ڀڄي وڃي اتي رهندو، تنهن جي بابت هي حڪم آهي: جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل مان ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس؛ 5جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڪاٺين وڍڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي، ۽ وڻ وڍڻ لاءِ ڪهاڙو کڻي ڌڪ هڻي، ۽ ڦر ڳن مان نڪري وڃي سندس پاڙيسريءَ کي لڳي، ۽ اهو مري پوي: تہ هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي تہ جيئرو رهي: 6انهي لاءِ تہ متان انهي خون جي وير وٺڻ وارو دل جي جوش کان انهي خونيءَ جي پٺيان پوي، ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري رستي ۾ جهليس، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇو جو اڳي انهي سان ڪابہ دشمني ڪانہ هيس. 7تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تہ تون پنهنجي لاءِ ٽي شهر ڌار ڪري ڇڏج. 8جيڪڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجي سرحد وڌائي، جيئن ڪ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ اهو سڄو ملڪ توکي ڏئي، جنهن جي ڏيڻ جو هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو؛ 9۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي جيڪڏهن تون خبرداريءَ سان عمل ڪندين، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندين، ۽ هميشہ سندس واٽن تي هلندين؛ تہ انهن ٽن شهرن کان سواءِ ٻيا بہ ٽي وڌيڪ شهر مقرر ڪج: 10انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ بيگناهہ جو رت نہ وهايو وڃي، ۽ اهو خون تنهنجي سر تي نہ پوي. 11پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي سندس پاڙيسريءَ سان دشمني هجي، ۽ هو انهي جي لاءِ وجهہ وٺي ويٺو هجي، ۽ اوچتو اُٿي مٿس حملو ڪري، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ ۽ انهن شهرن مان هڪڙي ڏانهن ڀڄي وڃي، 12تہ پوءِ شهر جا بزرگ انهي کي اُتان گهرائي وٺن، ۽ وير وٺڻ واري جي حوالي ڪن، تہ ڀلي هو ماريو وڃي. 13تون انهي تي قياس نہ ڪج، پوءِ تون انهيءَ طرح بيگناهہ خون اسرائيل تان ٽاري ڇڏج، تہ تنهنجو ڀلو ٿئي.
14جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي پراڻي وقت کان تنهنجي ورثي جي حصي لاءِ لڳايل آهن، تن کي نہ هٽائج.
15جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا بڇڙائي ڪري يا ڪو گناهہ ڪري گنهگار ٿئي، تہ انهي جي برخلاف هڪڙي ماڻهوءَ جي شاهدي بس نہ آهي: ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي ڳالهہ جو فيصلو ٿيڻ گهرجي. 16جيڪڏهن ڪو ڪوڙو شاهد ڪنهن ماڻهوءَ جي برخلاف اُٿي چوي، تہ هن ڪو کوٽو ڪم ڪيو آهي، 17تہ جن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ تڪرار هجي، سي انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪاهن ۽ قاضي هجن، تن جي اڳيان خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين؛ 18۽ اهي قاضي چڱيءَ طرح تحقيقات ڪن: ۽ ڏسو، جي اهو شاهد ڪوڙو هجي، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪوڙي شاهدي ڀري هجيس؛ 19جيئن هن پنهنجي ڀاءُ سان ڪرڻ گهريو ٿي، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪجو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج. 20۽ ٻيا ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ تنهنجي وچ ۾ وري اهڙي خرابي نہ ڪندا. 21۽ تون انهيءَ تي رحم نہ ڪج؛ جان جي لاءِ جان، اک جي لاءِ اک، ڏند جي لاءِ ڏند، هٿ جي لاءِ هٿ، ۽ پير جي لاءِ پير وٺج.
Currently Selected:
شريعت جو دور 19: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.