YouVersion Logo
Search Icon

2 - ڪرنٿين 1

1
1پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن: 2اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان حاصل ٿيندو رهي.
3اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف هجي، جو رحمتن جو پيءُ ۽ سڀ ڪنهن تسلي جو خدا آهي. 4جو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ جيڪا تسلي خدا خود اسان کي ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي اسين اُنهن ٻين کي بہ تسلي ڏيئي سگهون جي ڪنهن مصيبت ۾ آهن. 5ڇالاءِ جو جيئن مسيح جي خاطر اسان جا ڏک وڌندا ٿا وڃن، تيئن ئي اسان جي تسلي بہ مسيح جي وسيلي وڌندي ٿي وڃي. 6پر جي اسين مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تہ اُها اوهان جي تسلي ۽ نجات جي لاءِ آهي؛ يا جي اسان کي تسلي ملي تہ اُها اوهان جي تسلي جي لاءِ آهي، جنهن جي اثر ڪري اوهين صبر سان اُهي ساڳيا ڏک سهو ٿا، جي اسين بہ ٿا سهون. 7۽ اسان کي اوهان جي لاءِ پڪي اُميد آهي، ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيئن اوهين انهن ڏکن ۾ شريڪ آهيو، تيئن انهي تسلي ۾ بہ شريڪ آهيو. 8اي ڀائرو، اسان جي مرضي نہ آهي تہ اوهين اسان جي انهيءَ مصيبت کان ناواقف رهو جا آسيہ ۾ اسان تي پيئي؛ جنهن ڪري اسين حد کان وڌيڪ، ۽ پنهنجي طاقت کان ٻاهر بار هيٺ اچي وياسين، ايتري قدر جو اسان پنهنجي حياتيءَ جي بہ اُميد لاهي ڇڏي. 9بلڪ اسان پاڻ تي موت جي حڪم جي پڪ سمجهي، تان تہ پاڻ تي ڀروسو نہ رکون پر خدا تي، جو مُئلن کي جياري ٿو؛ 10۽ هن اسان کي هيڏي وڏي خطري کان ڇڏايو ۽ ڇڏائيندو؛ تنهن تي اسان اها اُميد رکي آهي، تہ هو اڃا بہ اسان کي ڇڏائيندو رهندو. 11اوهين بہ پنهنجي دعا سان اسان جي مدد ڪجو، تہ جيڪا نعمت اسان کي گهڻن جي وسيلي ملي آهي، تنهن جي لاءِ اسان جي طرفان گهڻا ماڻهو شڪرانا ڪن.
12ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان. 13هن ڪري جو اسين اوهان ڏانهن ٻيون ڪي ڳالهيون نٿا لکون، رڳو اهي ٿا لکون جي اوهين پڙهو ۽ مڃو بہ ٿا، ۽ آئون اُميد ٿو ڪريان تہ توڙ تائين مڃيندا رهندا. 14جيئن ڪ اوهان ڪجهہ قدر مڃيو بہ آهي تہ اسين اوهان جو فخر آهيون، جهڙيءَ طرح اسان جي خداوند يسوع جي ڏينهن اوهين بہ اسان جو فخر ٿيندا.
15۽ انهي اعتقاد تي مون ارادو ڪيو تہ پهرين اوهان ڏانهن اچان، تہ اوهان کي ٻيڻي نعمت ملي؛ 16يعني تہ اوهان وٽان ٿي مڪدونيہ ڏانهن وڃان، ۽ مڪدونيہ کان موٽي اوهان وٽ اچان، ۽ اوهين مون کي يهوديہ ڏانهن روانو ڪريو. 17تنهنڪري جڏهن مون اهو ارادو ڪيو، تڏهن مون ڪا ڳالهہ هيٺ مٿي ڪئي ڇا؟ يا جن ڳالهين جو ارادو ڪريان ٿو، سو جسماني طرح ٿو ڪريان ڇا، انهي لاءِ تہ هائو هائو بہ ڪريان، ۽ نہ نہ بہ ڪريان؟ 18پر خدا ٿو ڄاڻي تہ اسين جيڪي اوهان کي چئون ٿا، تنهن ۾ هائو ۽ نہ ٻئي نہ آهن. 19ڇالاءِ جو خدا جو فرزند يسوع مسيح، جنهن جي اسان اوهان ۾ منادي ڪئي، يعني مون ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس، سو هائو ۽ نہ ٻئي نہ هو؛ پر انهي ۾ رڳو هائو آهي. 20هن ڪري جو خدا جا جيترا بہ واعدا آهن، سي سڀ هن ۾ هائو سان آهن. ۽ انهي ڪري هن جي وسيلي آمين بہ ٿا چئون تہ اسان جي معرفت خدا جو جلال ظاهر ٿئي. 21هاڻي جيڪو اسان کي اوهان سان گڏ مسيح ۾ قائم ٿو ڪري، ۽ جنهن اسان کي مسح ڪيو سو خدا آهي؛ 22انهي اسان تي مهر بہ هنئي ۽ اسانجين دلين ۾ روح سوٿيءَ طور ڏنائين. 23پر آئون خدا کي پنهنجيءَ جان تي شاهد ڪري ٿو سڏيان، تہ اوهان تي ڪهل ڪرڻ جي سانگي آئون ڪرنٿيس ۾ نہ آيس. 24اسين ايمان جي نسبت ۾ اوهان تي حڪومت نٿا هلايون، پر اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ اوهان جا مددگار آهيون؛ ڇالاءِ جو ايمان جي ڪري اوهين قائم آهيو.

Currently Selected:

2 - ڪرنٿين 1: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in