YouVersion Logo
Search Icon

1 - ڪرنٿين 16

16
1هاڻي انهي چندي بابت، جو پاڪ ٿيلن جي لاءِ آهي: جيئن مون گلتيہ جي ڪليسيائن کي حڪم ڏنو، تيئن اوهين بہ ڪجو. 2هفتي جي پهرئين ڏينهن اوهان مان هرڪو پنهنجي وسعت آهر، ڪجهہ بچائي گڏ ڪري رکي، انهي لاءِ تہ جڏهن آئون اچان، تڏهن ڪوبہ چندو گڏ ڪرڻو نہ پوي. 3۽ جڏهن آئون ايندس، تڏهن جن کي اوهين پسند ڪندا، تن کي آئون خط ڏيئي موڪليندس، تہ اوهان جي خيرات يروشلم ڏانهن کڻي وڃن، 4۽ جي منهنجو وڃڻ بہ مناسب هوندو، تہ اُهي مون سان گڏجي هلندا. 5پر آئون اوهان وٽ تڏهن ايندس، جڏهن مڪدونيہ مان لنگهندس، ڇالاءِ جو آئون مڪدونيہ مان لنگهڻ وارو آهيان. 6۽ شايد اوهان وٽ ٽڪي پوندس، بلڪ سيارو اوهان وٽ گذاريندس، ۽ پوءِ اوهين مون کي سفر تي روانو ڪجو. 7ڇالاءِ جو منهنجي مرضي نہ آهي تہ واٽ ويندي اوهان جي ملاقات ڪريان، جو اُميد اٿم تہ جي خداوند جي مرضي هوندي تہ ڪجهہ وقت اوهان وٽ اچي رهندس. 8پر پنتيڪست جي عيد تائين افسس ۾ ترسندس، 9ڇوتہ منهنجي لاءِ هڪڙو وڏو ۽ ڪارگر دروازو کُليو آهي، ۽ مخالف بہ گهڻا آهن.
10هاڻي جي تيمٿيس اچي تہ اهو خيال رکجو تہ اوهان وٽ بي ڊپو رهي، ڇالاءِ جو هو بہ خداوند جو ڪم ائين ٿو ڪري جيئن آئون ٿو ڪريان. 11تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو هن کي گهٽ نہ سمجهي، پر کيس صحيح سلامت اڳتي روانو ڪجو تہ مون وٽ اچي؛ ڇالاءِ جو ڀائرن سميت هن جي اچڻ جي لاءِ آئون منتظر آهيان. 12باقي ڀاءُ اپلوس جي نسبت ۾ مون کيس گهڻي منٿ ڪئي تہ ڀائرن سان گڏ اوهان وٽ اچي، مگر هن وقت هن جي اچڻ جي بلڪل مرضي ڪانہ هئي، پر جڏهن وجهہ ملندس، تڏهن ايندو.
13اوهين سجاڳ رهو، ايمان تي ثابت قدم رهو، مردانا ٿيو ۽ مضبوط ٿيو. 14جيڪي ڪريو سو محبت سان ڪريو.
15هاڻي اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان، (اوهان کي استفناس جي گهراڻي وارن جي خبر آهي تہ اُهي اخيہ جو پهريون ڦل آهن، ۽ اُهي پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿا رهن،) 16تہ اوهين بہ اهڙن ماڻهن جي، ۽ جيڪي انهي ڪم ۾ مددگار ۽ پورهيت آهن، تن جي تابعداريءَ ۾ رهو. 17۽ آئون استفناس، ۽ فرتوُناتس ۽ اخيڪس جي اچڻ ڪري خوش ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو اوهان جي بدلي آهن؛ 18۽ هنن منهنجي ۽ اوهان جي روح کي تازو ڪيو. اهڙن کي قبول ڪريو.
19آسيہ جون جماعتون اوهان کي سلام ٿيون ڏين. اڪولہ ۽ پرسڪہ، ۽ جيڪا جماعت هنن جي گهر ۾ آهي، سي اوهان کي خداوند ۾ گهڻا گهڻا سلام ٿا ڏين. 20سڀيئي ڀائر اوهان کي سلام ٿا ڏين. هڪ ٻئي کي پاڪ چُمي ڏيئي سلام ڏجو.
21آئون پولس پنهنجي هٿ سان سلام ٿو لکان. 22جيڪڏهن ڪو شخص خداوند کي پيار نٿو ڪري، تہ انهي تي شل لعنت هجي. خداوند اچڻ وارو آهي. 23شل خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان تي هجي. 24مسيح يسوع ۾ اوهان سڀني کي منهنجو پيار رسي. آمين.

Currently Selected:

1 - ڪرنٿين 16: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in