YouVersion Logo
Search Icon

2 - تواريخ 34

34
1جڏهن يوسياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن اٺن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي. 2۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي. 3ڇالاءِ جو سندس بادشاهي جي اٺين سال ۾، جڏهن هو اڃا ننڍو هو، تڏهن پنهنجي پيءُ دائود جي خدا جي طلب ۾ رهڻ لڳو: ۽ ٻارهين ورهيہ ۾، يهوداہ ۽ يروشلم مان مٿانهيون جايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتيون، ۽ پلٽيل مورتيون ڪڍڻ لڳو. 4۽ هن پنهنجي روبرو بعليم جون قربانگاهون ڀڃي ڀوري وڌيون؛ ۽ سج جون مورتيون، جي سندن مٿان هيون، تن کي هن وڍي ڪيرائي ڇڏيو؛ ۽ يسيرتون ۽ اُڪريل مورتيون ۽ پلٽيل مورتيون هن ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيون، ۽ خاڪ ڪري انهن جي قبرن تي پکيڙي ڇڏيائين، جن انهن تي قربانيون ٿي ڪيون. 5۽ انهن جي قربانگاهہ تي هن انهن ڪاهنن جا هڏا ساڙي ڇڏيا، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي انهن کان پاڪ ڪيائين. 6۽ منسي ۽ افرائيم ۽ شمعون جي شهرن ۾، نفتاليءَ ۽ سندس چوڌاري ڊٺل جاين تائين، بہ هن ائين ئي ڪيو. 7۽ هن قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏيون، ۽ يسيرتن، توڙي اُڪريل مورتن کي ڪُٽي اٽو ڪري ڇڏيائين، ۽ اسرائيل جي ساري سرزمين ۾ سڀ سج جون مورتون وڍي ڪيرائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ يروشلم ڏي موٽي آيو.
8هاڻي هن جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال ۾، جڏهن هو ملڪ ۽ گهر کي پاڪ ڪري چڪو، تڏهن هن سافن بن اصلياہ، ۽ معسياہ شهر جي حاڪم، ۽ يوآخہ بن يوآخز دفتردار کي خداوند پنهنجي خدا جي گهر جي مرمت ڪرڻ لاءِ موڪليو. 9۽ اهي خلقياہ سردار ڪاهن وٽ آيا، ۽ جيڪي پئسا خدا جي گهر ۾ آندا ويا هئا، ۽ جي لاوين دربانن، منسي، ۽ افرائيم، ۽ باقي رهيل اسرائيلين کان، ۽ ساري يهوداہ ۽ بنيمين کان، ۽ يروشلم جي رهاڪن کان گڏ ڪيا هئا، سي پهچائي ڏنائون. 10۽ اهي انهن ڪم ڪندڙن کي ڏنا، جن خداوند جي گهر جي نظرداري پئي ڪئي. ۽ جن ڪم ڪندڙن خداوند جي گهر ۾ ڪم ڪيو، تن اُهي گهر جي مرمت ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۾ لڳايا؛ 11يعني انهن واڍن ۽ رازن کي ڏنا، انهيءَ لاءِ تہ تراشيل پهڻ ۽ ڳنڍڻ لاءِ ڪاٺ خريد ڪن ۽ جيڪي گهر يهوداہ جي بادشاهن ناس ڪيا هئا، تن جي لاءِ ڪامون جوڙين. 12۽ ماڻهن اهو ڪم ايمانداريءَ سان ڪيو: ۽ انهن جي مٿان نظر ڪرڻ وارا يحت ۽ عبدياہ لاوي هئا، جي مراريءَ جي پٽن مان هئا؛ ۽ زڪرياہ ۽ مسلام، جي قهات جي پٽن مان هئا، سي ڪوشش سان ڪم هلائڻ جي لاءِ هئا: ۽ لاوين مان باقي ٻيا سڀ سازن وڄائڻ ۾ هوشيار هئا. 13هو بار کڻڻ وارن جي مٿان بہ هئا، ۽ جيڪي ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪندا هئا، تن کان سعيي سان ڪم هلارائيندا هئا: ۽ لاوين مان محرر ۽ عملدار ۽ دربان بہ هئا. 14۽ جيڪي پئسا خداوند جي گهر ۾ آندا ويا هئا، سي جڏهن هنن ٻاهر ڪڍيا، تڏهن خلقياہ ڪاهن خداوند جي شريعت جو ڪتاب لڌو، جو موسيٰ جو ڏنل هو. 15۽ خلقياہ ورندي ڏيئي شافان محرر کي چيو تہ مون خداوند جي گهر مان شريعت جو ڪتاب لڌو آهي. ۽ خلقياہ اهو ڪتاب سافن کي ڏنو. 16۽ سافن اهو ڪتاب بادشاهہ وٽ کڻي ويو، ۽ بادشاهہ کي هيءَ خبر بہ آڻي ٻڌايائين تہ جيڪي تنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪيو ويو هو، سو هو ڪن ٿا. 17۽ جيڪي پئسا خداوند جي گهر مان لڌا هئا، سي سڀ هنن ڪڍي نظر ڪندڙن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن. 18۽ سافن محرر بادشاهہ کي چيو تہ خلقياہ ڪاهن مون کي هڪڙو ڪتاب ڏنو آهي. ۽ سافن انهيءَ مان بادشاهہ جي اڳيان ڪجهہ پڙهيو. 19۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ شريعت جو ڪلام ٻڌو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين. 20۽ بادشاهہ خلقياہ، ۽ اخيقام بن سافن، ۽ عبدون بن ميڪاہ، ۽ سافن محرر، ۽ بادشاهہ جي نوڪر عساياہ کي چيو، تہ 21اوهين وڃي منهنجي لاءِ، ۽ اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ باقي جيڪي بچيا آهن تن لاءِ، جيڪو ڪتاب لڌو آهي تنهن جي ڪلام بابت پڇا ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي گهڻي نازل ٿي آهي، جو اسان جي ابن ڏاڏن خداوند جي ڪلام جي سنڀال نہ ڪئي آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن تي عمل نہ ڪيو اٿن. 22تڏهن خلقياہ، ۽ اهي جن کي بادشاهہ حڪم ڏنو، سي خلداہ نبيہ ڏي ويا، جا سلوم بن توقهت، بن خسراہ جي زال هئي، جو توشہ خاني جو داروغو هو؛ (هاڻي هوءَ يروشلم جي ٻئي حصي ۾ رهندي هئي؛) ۽ هنن انهيءَ بابت هن کي چيو. 23۽ هن چين تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ماڻهوءَ اوهان کي مون ڏي موڪليو آهي تنهن کي چئو، تہ 24خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هن هنڌ تي ۽ جيڪي اتي رهن ٿا، تن تي خرابي آڻيندس، يعني جيڪو ڪتاب هنن يهوداہ جي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيو آهي، تنهن ۾ جيڪي لعنتون لکيل آهن، سي آڻيندس: 25ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڪم هنن پنهنجن هٿن سان ڪيا آهن، تن سان مون کي ڪاوڙ ڏيارين، تنهنڪري منهنجي ڪاوڙ هن هنڌ تي پلٽي آهي، ۽ اها ڪين اُجهامندي. 26پر يهوداہ جو بادشاهہ، جنهن خداوند کان پڇا ڪرڻ لاءِ اوهان کي موڪليو آهي، تنهن کي اوهين هيئن چئجو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي: تہ جيڪو ڪلام اوهان ٻڌو آهي، 27تنهن جي نسبت ۾ ڇالاءِ جو تنهنجي دل نرم هئي، ۽ تو هن هنڌ جي برخلاف ۽ اتي جي رهندڙن جي برخلاف سندس ڪلام ٻڌو، ۽ تو پاڻ کي نماڻو ڪيو ۽ منهنجي اڳيان عاجزي ڪئي اٿيئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رُنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي. 28ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏيندس ۽ تون پنهنجي قبر ۾ آرام سان وڃي پهچندين، ۽ جيڪا خرابي آءٌ هن هنڌ تي ۽ اتي جي رهاڪن تي آڻيندس، سا تون پنهنجين اکين سان نہ ڏسندين. ۽ هنن اها خبر موٽي بادشاهہ کي آڻي ڏني.
29تڏهن بادشاهہ ماڻهو موڪلي يهوداہ ۽ يروشلم جي سڀني بزرگن کي گهرايو. 30۽ بادشاهہ، ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو، ۽ يروشلم جا رهاڪو ۽ ڪاهن ۽ لاوي ۽ ٻيا سڀ ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، خداوند جي گهر ۾ ويا: ۽ جيڪو عهدنامي جو ڪتاب خداوند جي گهر مان لڌو هو، تنهن جون سڀ ڳالهيون انهن کي پڙهي ٻڌايائين. 31۽ بادشاهہ پنهنجي جاءِ تي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيائين تہ خداوند جي پيروي ڪندس، ۽ سندس حڪمن ۽ سندس شاهدين ۽ سندس قاعدن جي، پنهنجي سموري دل ۽ سموري جان سان سنڀال ڪندس، ۽ جيڪي عهد اقرار جون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن تي عمل ڪندس. 32۽ جيڪي ماڻهو يروشلم ۾، ۽ بنيمين ۾ لڌا، تن سڀني کي بہ اُٿاري بيهاريائين. ۽ يروشلم جي رهاڪن پنهنجن ابن ڏاڏن جي خدا جي عهد اقرار موجب عمل ڪيو. 33۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل جي ذمي هئا، تن سڀني مان يوسياہ سڀ ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيون، ۽ اسرائيل ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن کان خداوند سندن خدا جي عبادت ڪرايائين. هن جي سڀني ڏينهن ۾ ماڻهو خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي پيروي ڪرڻ کان ٻئي پاسي ڦري نہ ويا.

Currently Selected:

2 - تواريخ 34: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for 2 - تواريخ 34