2 - تواريخ 33
33
1جڏهن منسي بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٻارهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجونجاهہ سال بادشاهي ڪئي. 2۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ انهن غير قومن جي نفرت جهڙن ڪمن جهڙا هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو. 3ڇالاءِ جو هن وري مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڀڃي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعليم جي لاءِ قربانگاهون کڙيون ڪيون ۽ يسيرتون جوڙايائين، ۽ آسمان جي ساري لشڪر جي عبادت ڪيائين، ۽ انهن جي بندگي ڪيائين. 4۽ هن خداوند جي گهر ۾ قربانگاهون جوڙايون، جن بابت خداوند چيو تہ يروشلم ۾ منهنجو نالو هميشہ قائم رهندو. 5۽ هن خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ آسمان جي ساري لشڪر لاءِ قربانگاهون ٺهرايون. 6هن پنهنجن ٻارن کي هنوم جي واديءَ ۾ باهہ منجهان بہ لنگهايو؛ ۽ هن فال وجهڻ جو ڪم ڪرايو، ۽ منڊ، ۽ جادوگري ڪم ۾ آندائين؛ ۽ جن کي جن ڀوت ايندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻين سان واهپو رکيائين: هن خداوند جي نظر ۾ گهڻا ئي خراب ڪم ڪيا، جنهنڪري هن کي ڪاوڙ ڏياريائين. 7۽ بت جي اُڪريل مورت جا هن جوڙي هئي، سا خدا جي گهر ۾ رکيائين، جنهن گهر بابت خدا دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي چيو تہ هي گهر ۽ يروشلم، جن کي مون اسرائيل جي سڀني فرقن مان پسند ڪيو آهي، تن ۾ آءٌ پنهنجو نالو هميشہ لاءِ قائم رکندس: 8نڪي آءٌ اسرائيل جو پير انهيءَ زمين مان وري ڪڏهن ڪڍندس، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن لاءِ مقرر ڪئي آهي؛ بشرطيڪ جيڪي حڪم مون هنن کي ڏنا آهن، يعني ساري شريعت ۽ سڀ قاعدا ۽ قانون، جي موسيٰ جي هٿان ڏنا اٿم، تنهن جي تعميل ڪندا. 9۽ منسيءَ يهوداہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي ايتري قدر گمراهہ ڪيو جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ خراب ڪم ڪيا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪيو هو. 10۽ خدا منسيءَ ۽ سندس قوم سان ڳالهايو: پر هنن انهيءَ جي پرواهہ ڪانہ ڪئي. 11جنهنڪري خداوند هنن تي اسور جي بادشاهہ جي لشڪر جا سردار آندا، جن منسي کي زنجيرن ۾ قابو ڪيو، ۽ ٻيڙين سان ٻڌي بابل ڏي کڻي ويس. 12۽ جڏهن هو اهڙي مصيبت ۾ پيو، تڏهن خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرڻ لڳو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي اڳيان پاڻ کي نماڻو ڪيائين. 13۽ هن کان دعا گهريائين؛ هن سندس دعا قبول ڪري سندس فرياد ٻڌو ۽ هن کي موٽائي سندس بادشاهت ۽ يروشلم ۾ آندائين. تڏهن منسي کي پڪ ٿي تہ خداوند برابر خدا آهي.
14هاڻي انهيءَ کانپوءِ هن دائود جي شهر جي ڀت جيحون جي اُلهندي پاسي، واديءَ ۾، مڇيءَ واري دروازي جي لنگهہ تائين، عوفل جي چوڌاري جوڙائي؛ ۽ انهيءَ کي تمام گهڻو مٿي چاڙهيائين: ۽ هن يهوداہ جي ڪوٽ وارن سڀني شهرن ۾ بهادر سردار رکيا. 15هن ڌاريا معبود ۽ مورت خداوند جي گهر مان ڪڍي ڇڏيا، ۽ سڀ قربانگاهون جي خداوند جي گهر جي جبل تي، ۽ يروشلم ۾ جوڙايون هئائين، سي سڀ ڪڍي شهر جي ٻاهران اُڇلائي ڇڏيائين. 16۽ خداوند جي قربانگاهہ جوڙايائين، ۽ انهيءَ تي سلامتيءَ جون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهيائين، ۽ يهوداہ کي حڪم ڪيائين تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪن. 17انهيءَ هوندي بہ ماڻهو اڃا مٿانهين جاين تي قربانيون پيا ڪندا هئا، پر رڳو خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ. 18هاڻي منسي جا باقي ٻيا ڪم، ۽ پنهنجي خدا وٽ سندس دعا، ۽ انهن غيب دانن جون ڳالهيون، جي انهن خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي سان کيس ٻڌايون، سي ڏسو، اسرائيل جي بادشاهن جي ڪمن ۾ لکيل آهن. 19هن جي دعا ۽ سندس قبول ٿيڻ؛ ۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو نماڻو ٿيو، هن جا گناهہ، ۽ هن جا سڀ قصور، ۽ جن هنڌن تي هن مٿانهيون جايون جوڙايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتون کڙيون ڪيائين، سي حوزيءَ جي تواريخ ۾ لکيل آهن. 20نيٺ منسي پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ هن کي خود سندس گهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ امون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
21جڏهن امون بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻاويهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ ٻہ سال بادشاهي ڪئي. 22۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا سندس پيءُ منسي جا هئا: ۽ امون انهن سڀني اُڪريل مورتن لاءِ قربانيون ڪيون، جي سندس پيءُ منسي جوڙيون هيون، ۽ انهن جي عبادت ڪيائين. 23۽ هن خداوند جي اڳيان نماڻو ٿي توبهہ نہ ڪئي، جيئن ڪ سندس پيءُ ڪئي هئي؛ پر اهو ساڳيو امون پاڻ وڌيڪ گناهہ ڪندو ويو. 24۽ هن جي نوڪرن سندس برخلاف منصوبو ڪيو ۽ هن کي خود سندس گهر ۾ ماري وڌائون. 25پر ملڪ جي ماڻهن انهن سڀني کي ڪُهي ڇڏيو، جن امون بادشاهہ جي برخلاف منصوبو ڪيو هو؛ ۽ ملڪ جي ماڻهن سندس پٽ يوسياہ کي سندس جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.
Currently Selected:
2 - تواريخ 33: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.