YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 9

9
1هاڻي بنيمين جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو قيس، بن ابي ايل، بن صرور، بن بڪورت، بن افيخ هو، ۽ اهو هڪڙي بنيمينيءَ جو پٽ هو، ۽ زور وارو ۽ همت ڀريو ماڻهو هو. 2۽ انهي کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو، ۽ هو سهڻو جوان هو: ۽ بني اسرائيل ۾ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪو خوبصورت ماڻهو ڪونہ هو: ڪلهن کان وٺي ۽ مٿي، هو ٻين سڀني ماڻهن کان ڊگهو هو. 3۽ سائول جي پيءُ قيس جا گڏهہ گم ٿي ويا، ۽ قيس پنهنجي پٽ سائول کي چيو تہ اُٿ هڪڙو نوڪر پاڻ سان وٺي وڃي گڏهہ ڳولهہ. 4۽ هو افرائيم جي ڪوهستان مان ۽ سليسہ جي زمين مان لنگهندو گهمندو ويو، پر گڏهہ نہ لڌائين: پر هو سعليم جي زمين مان لنگهيا، تہ بہ اُتي گڏهہ نہ ملين: پوءِ هو بنيمينين جي زمين مان لنگهيو، تہ بہ گڏهہ نہ لڌن. 5جڏهن هو صوف جي زمين ۾ آيا تڏهن سائول، جيڪو سندس نوڪر ساڻس هو، تنهن کي چيو تہ هاڻي اچ تہ موٽي هلون؛ متان بابو گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي اسان جي ڳڻتيءَ ۾ پوي. 6۽ هن چيس تہ هاڻي ڏس، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي، ۽ اُهو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي سڀ عزت ٿا ڏين؛ جيڪي هو چوي ٿو سو سڀ ٿيو پوي: هاڻي هل تہ اُتي هلون؛ شايد هو اسان کي ٻڌائي سگهي تہ ڪهڙو رستو وٺون. 7تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ چڱو، پر ڏس، جيڪڏهن اسين هلون تہ انهي ماڻهو جي لاءِ ڇا کڻي هلون؟ ڇالاءِ جو اسانجن ٿانوَن ۾ ماني سڀ کپي ويئي آهي، ۽ انهي خدا جي ٻانهي جي لاءِ ڪابہ سوکڙي ڏيڻ جهڙي شيءِ ڪانهي: اسان وٽ ڇا آهي؟ 8تڏهن نوڪر سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، منهنجي هٿ ۾ چانديءَ جي هڪڙي شيڪل جو چوٿون حصو آهي: اُهو کڻي انهي خدا جي ٻانهي کي ڏيندس، تہ اسان کي رستو ڏيکاري. 9(اڳئين زماني ۾ اسرائيل منجهہ، جڏهن ڪو ماڻهو خدا کان ڪي پڇڻ ويندو هو تڏهن چوندو هو تہ اچو تہ غيب دان وٽ هلون: ڇالاءِ جو جنهن کي هاڻي نبي ٿا سڏين، تنهن کي اڳي غيب دان سڏيندا هئا.) 10تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي؛ اچ تہ هلون. سو هو انهي شهر ڏي ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو هو. 11جيئن هو شهر ڏي مٿي چڙهندا ويا تيئن هنن ڇوڪريون پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وينديون ڏٺيون، ۽ انهن کان پڇيائون تہ هو غيب دان هتي آهي يا نہ؟ 12۽ هنن ورندي ڏيئي چيو تہ هائو هتي آهي؛ ڏس؛ هو تنهنجي اڳيان آهي: هاڻي جلدي ڪريو، ڇالاءِ جو هو اڄ شهر ۾ آيو آهي؛ جو ماڻهن کي اڄ هن مٿانهين هنڌ قرباني ڪرڻي آهي: 13شهر ۾ اچڻ شرط، ۽ سندس مٿانهين هنڌ کائڻ لاءِ وڃڻ کان اڳي، اوهين هن کي ڏسندا، ڇالاءِ جو ماڻهو تيسين نہ کائيندا جيسين ڪ هو ايندو، جو هو قربانيءَ تي برڪت ڏيندو آهي؛ ۽ پوءِ جن کي حڪم ملندو آهي سي کائيندا آهن. تنهنڪري هاڻي اوهين مٿي چڙهو؛ ڇالاءِ جو هن وقت اوهان کي هو ملندو. 14تڏهن هو چڙهي انهي شهر ڏي ويا، ۽ جيئن هو شهر جي اندر آيا تيئن، ڏسو، سموئيل انهن جي سامهون اچي نڪتو، انهي لاءِ تہ هو مٿانهين جاءِ تي چڙهي وڃي.
15هاڻي سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل کي خبر ڏني، ۽ چيائينس تہ 16سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيمين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس، ۽ تون انهي کي منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪج: ۽ هو منهنجي قوم کي فلستين جي هٿان بچائيندو: ڇالاءِ جو مون پنهنجي قوم تي نظر ڪئي آهي، جو هنن جي دانهن مون تائين پهتي آهي. 17۽ جڏهن سموئيل سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند هن کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ جو مون توسان ذڪر ڪيو هو، سو ڏس! اهو ساڳيو منهنجي قوم تي حڪم هلائيندو. 18تڏهن سائول دروازي ۾ سموئيل جي ويجهو اچي هن کي چيو، تہ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ غيب دان جو گهر ڪٿي آهي. 19تڏهن سموئيل سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ اُهو غيب دان آءٌ آهيان؛ منهنجي اڳيان هن مٿانهين جاءِ ڏي چڙهندا هلو، ڇالاءِ جو اوهين اڄ مون سان گڏ ماني کائيندا: ۽ صبح جو آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ جيڪي تنهنجي دل ۾ آهي سو توکي ٻڌائيندس. 20باقي تنهنجا گڏهہ جي ٽيون ڏينهن گم ٿي ويا هئا، تن جو ڪو خيال نہ ڪر، ڇالاءِ جو اُهي لڌا آهن. ۽ اسرائيل ۾ سڀني کان سٺيون شيون ڪنهن جي لاءِ آهن؟ تنهنجي ۽ تنهنجي پيءُ جي ساري گهراڻي لاءِ ناهن ڇا؟ 21۽ سائول ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ بنيمين جو ناهيان ڇا، جو اسرائيل جي فرقن مان تمام ننڍو آهي؟ ۽ منهنجو قبيلو بنيمين جي فرقي جي قبيلن مان سڀ کان ننڍو نہ آهي ڇا؟ تڏهن ڇالاءِ تون مون سان انهي طرح ٿو ڳالهائين؟ 22۽ سموئيل سائول ۽ سندس نوڪر کي وٺي مهمانن واري جاءِ ۾ آيو، ۽ جن ماڻهن کي سڏيو ويو هو، ۽ جي اٽڪل ٽيهہ ڄڻا هئا، تن مان انهن کي تمام مٿانهين جاءِ تي ويهاريائين. 23۽ سموئيل بورچيءَ کي چيو، تہ جيڪو حصو مون توکي ڏنو هو، ۽ جنهن جي بابت مون توکي چيو هو تہ پاڻ وٽ رکي ڇڏ، سو کڻي اچ. 24۽ بورچي ران ۽ ٻيو جيڪي اُنهي تي هو، سو کڻي آيو، ۽ آڻي سائول جي اڳيان رکيائين. ۽ سموئيل چيو تہ جيڪي بچائي رکيو ويو آهي سو ڏس! اُهو پنهنجي اڳيان رکي کاءُ؛ ڇالاءِ جو ٺهرايل وقت واسطي اهو تنهنجي لاءِ رکيو ويو آهي؛ جو مون چيو تہ مون ماڻهن کي دعوت ڏني آهي. تڏهن اُنهي ڏينهن سائول سموئيل سان گڏجي ماني کاڌي. 25۽ جڏهن هو اُنهي مٿانهين جاءِ تان لهي شهر ۾ آيا، تڏهن هن گهر جي ڇت تي سائول سان گفتگو ڪئي. 26۽ هو سوير اُٿيا: ۽ سج اُڀرڻ مهل هيئن ٿيو تہ سموئيل گهر جي کڏ تي سائول وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اُٿ تہ آءٌ توکي روانو ڪريان. تڏهن سائول اُٿيو، ۽ هو، ۽ سموئيل، ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري ويا. 27جيئن هو لهندا شهر جي پڇاڙيءَ تائين آيا، تيئن سموئيل سائول کي چيو، تہ پنهنجي نوڪر کي چئُہ تہ اسان جي اڳيان لنگهي اڳتي وڃي (۽ هو لنگهي اڳتي ويو)، پر تون هن هنڌ بيهي رهہ تہ آءٌ توکي خدا جو ڪلام ٻڌايان.

Currently Selected:

1 - سموئيل 9: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in