YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 8

8
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سموئيل عمر رسيدہ ٿيو تڏهن هن پنهنجن پٽن کي اسرائيل جا قاضي مقرر ڪيو. 2هاڻي هن جي پهرئين ڄاول پٽ جو نالو يوئيل هو؛ ۽ هن جي ٻئي پٽ جو نالو ابياہ هو: اُهي بيرسبع ۾ قاضي هئا. 3۽ هن جا پٽ هن جي نموني تي نہ هليا، پر جوفي جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿي ويا، ۽ رشوتون وٺڻ لڳا، ۽ بي انصافي ڪرڻ لڳا.
4تڏهن اسرائيل جا سڀ بزرگ گڏ ٿي رامہ ۾ سموئيل وٽ آيا: 5۽ هن کي چيائون تہ ڏس، تون عمر رسيدہ آهين، ۽ تنهنجا پٽ تنهنجي نموني تي نٿا هلن: هاڻي تون اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اهو اسان تي حڪم هلائي، جيئن ٻين قومن لاءِ آهي. 6پر انهي ڳالهہ سموئيل کي رنج ڪيو، جو هنن چيو تہ اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اسان تي حڪم هلائي. ۽ سموئيل خداوند کان دعا گهري. 7۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ جيڪي بہ اهي ماڻهو توکي چون سو تون ڪر: ڇالاءِ جو هنن توکي رد نہ ڪيو آهي، پر هنن مون کي رد ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ هنن جو بادشاهہ نہ ٿيان. 8جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر مان ڪڍي آندو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هنن جيڪي ڪم ڪيا آهن، جو مون کي ڇڏي ڏنو اٿن، ۽ ٻين معبودن جي عبادت پئي ڪئي اٿن، سي توسان بہ ٿا ڪن. 9تنهنڪري هاڻي انهن جي ڳالهہ مڃ: پر هنن کي سخت تاڪيد ڪر، ۽ ڏيکارين تہ ڪهڙي قسم جو بادشاهہ هنن تي حڪومت هلائيندو.
10۽ سموئيل خداوند جون اهي سڀ ڳالهيون اُنهن ماڻهن کي ٻڌايون جن بادشاهہ ٿي گهريو. 11۽ چيائين تہ جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪم هلائيندو سو هن قسم جو هوندو: اُهو اوهانجن پٽن کي وٺي پنهنجين گاڏين جي لاءِ پاڻ وٽ مقرر ڪندو، ۽ پنهنجن گهوڙن جي خدمت ڪرائيندو؛ ۽ ڪي سندس گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا: 12۽ هو انهن کي پنهنجي لاءِ هزارن جو عملدار، ۽ پنجاهن جو عملدار مقرر ڪندو: ۽ ڪن کي هو پنهنجي زمين کيڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي فصل لڻڻ لاءِ، ۽ جنگ جي هٿيارن جوڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجين گاڏين جي اوزارن جوڙڻ لاءِ رکندو. 13۽ هو اوهانجين ڌيئرن کي مٺاين جوڙڻ، ۽ طعام رڌڻ، ۽ مانين پچائڻ جي ڪم ۾ لڳائيندو. 14۽ هو اوهان جون ٻنيون، ۽ اوهان جا ڊاک جا منهہ، ۽ اوهان جا زيتونن جا باغ، جي تمام چڱا هوندا، سي وٺي پنهنجن ٻانهن کي ڏيئي ڇڏيندو. 15هو اوهان جي اَن، ۽ اوهان جي ڊاک جي منهہ جو ڏهون حصو وٺي پنهنجن عملدارن کي ۽ پنهنجن ٻانهن کي ڏيندو. 16۽ هو اوهان جا ٻانها، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ اوهان جا خوبصورت جوان ماڻهو، ۽ اوهان جا گڏهہ وٺي پنهنجي ڪم آڻيندو. 17هو اوهانجن گلن جو ڏهون حصو وٺندو: ۽ اوهين هن جا غلام ٿيندا. 18۽ اوهين جيڪو بادشاهہ پنهنجي لاءِ پسند ڪندا تنهن جي ڪري انهي ڏينهن اوهين دانهون ڪندا؛ ۽ خداوند اُنهي ڏينهن اوهان جو عرض قبول نہ ڪندو. 19پر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ مڃڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ چوڻ لڳا تہ نہ؛ پر اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گهرجي؛ 20تہ اسين بہ ٻين قومن جهڙا ٿيون؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسان تي حڪم هلائي، ۽ اسان جي اڳيان نڪري هلي، ۽ اسانجين جنگين ۾ وڙهي. 21۽ سموئيل انهن ماڻهن جون سڀ ڳالهيون ٻڌي وري بہ خداوند جي ڪنن تي وڌيون. 22۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ هنن جي ڳالهہ مڃ، ۽ هنن کي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي: تڏهن سموئيل اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ اوهين سڀيئي پنهنجي پنهنجي شهر ڏي هليا وڃو.

Currently Selected:

1 - سموئيل 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in