YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 6

6
1۽ خداوند جي صندوق فلستين جي ملڪ منجهہ ست مهينا رهي. 2۽ فلستين پوڄاري ۽ فال وجهڻ وارن کي سڏي چيو، تہ خداوند جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ ڇا سان اسين انهي کي پنهنجيءَ جاءِ تي پهچايون. 3تڏهن هنن چيو تہ جي اوهين اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو تہ اُها خالي نہ موڪليو؛ پر ڪنهن قسم جي ڏوهہ جي قربانيءَ سميت موٽائي موڪليو: تڏهن اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا، ۽ اوهان کي معلوم ٿيندو تہ هن جو هٿ اوهان تان ڇو کنيو نٿو وڃي. 4تڏهن هنن چيو تہ ڪهڙي ڏوهہ جي قرباني اسين هن کي ڏيون؟ ۽ هنن چيو تہ فلستين جي سردارن جي شمار موجب پنج سونيون ڳوڙهيون، ۽ پنج سونا ڪوئا موڪليو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي آفت اوهان سڀني تي، ۽ اوهانجن سردارن تي هئي. 5تنهنڪري اوهين پنهنجن ڳوڙهين جون، ۽ پنهنجن ڪوئن جون شڪليون جوڙيو، جي ملڪ کي خراب ٿيون ڪن؛ ۽ اوهين اسرائيل جي خدا جو جلال ظاهر ڪريو: تہ من هو اوهان تي، ۽ اوهان جي معبودن تي، ۽ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو هٿ هلڪو ڪري. 6ڇالاءِ جو اوهين پنهنجون دليون سخت ٿا ڪريون، جيئن ڪ مصرين، ۽ فرعون پنهنجون دليون سخت ڪيون؟ جڏهن هن انهن منجهہ عجيب ڪم ڪيا تڏهن هنن انهي قوم کي وڃڻ نہ ڏنو ڇا، جو هو هليا ويا؟ 7تنهنڪري هاڻي هڪڙي نئين گاڏي تيار ڪريو، ۽ ٻہ کير ڏهائيندڙ گايون بہ، جن تي اڃا پاڃاري نہ پيئي هجي، ۽ اُهي گايون گاڏيءَ ۾ ٻڌو، ۽ اُنهن جا ڦر وٺي گهر آڻيو: 8۽ خداوند جي صندوق کڻي انهيءَ گاڏيءَ تي رکو؛ ۽ جيڪي سون جا زيور اوهين هن کي ڏوهہ جي قرباني ڪري موٽائي ڏيو، سي انهي جي ڀرسان هڪڙي پيتيءَ ۾ وجهي رکو؛ پوءِ اُها موڪلي ڏيو تہ ڀلي وڃي. 9۽ نظر ڪجو تہ جيڪڏهن اُها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت شمس ڏي وڃي، تہ ڄاڻجو تہ انهيءَ ئي اسان کي هيءَ وڏي آفت موڪلي آهي: پر جي نہ تہ تڏهن اسين ڄاڻنداسين تہ انهيءَ جي هٿ اسان کي نہ ماريو آهي؛ اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو، جو اسان سان ٿيو. 10۽ ماڻهن ائين ئي ڪيو؛ ٻہ کير ڏيندڙ گايون هٿ ڪري گاڏيءَ ۾ ٻڌائون، ۽ انهن جا گابا گهر ۾ بند ڪري ڇڏيائون: 11۽ خداوند جي صندوق ۽ سون جي ڪوئن، ۽ سندن ڳوڙهين جي شڪلين جي پيتي، گاڏيءَ تي رکيائون 12۽ ڳئون سنئون سڌو رستو وٺي بيت شمس ڏي هليون: هو شاهي رستو ڏيئي هليون، ۽ هلندي رنڀنديون ويون، ۽ نہ سڄي هٿ پاسي ڦريون نہ کٻي هٿ پاسي؛ ۽ فلستين جا سردار انهن جي پٺيان بيت شمس جي حد تائين هليا. 13۽ بيت شمس جي ماڻهن واديءَ ۾ ڪڻڪ جو فصل بيٺي لڻيو؛ ۽ پنهنجون اکيون مٿي ڪيائون ۽ صندوق ڏٺائون؛ ۽ اُها ڏسي نهايت خوش ٿيا. 14۽ گاڏي بيت شمسي يشوع جي ٻنيءَ ۾ اچي بيهي رهي، جتي هڪڙو وڏو پٿر پيو هو: ۽ ماڻهن گاڏيءَ جو ڪاٺ چيري اُهي ڳئون خداوند جي لاءِ سوختني قرباني ڪري چاڙهي ڇڏيون. 15۽ لاوين خداوند جي صندوق هيٺ لاٿي ۽ اُها پيتي بہ، جا اُن سان گڏ رکيل هئي، ۽ جنهن ۾ سون جا زيور پيا هئا؛ ۽ اُهي اُنهي وڏي پٿر تي کڻي رکيائون: ۽ انهي ساڳئي ڏينهن بيت شمس جي ماڻهن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ادا ڪيائون. 16۽ جڏهن فلستين جي پنجن سردارن اهو ڏٺو تڏهن هو اُنهي ساڳئي ڏينهن عقرون ڏي موٽي ويا. 17۽ جيڪي سونيون ڳوڙهيون فلستين خداوند جي لاءِ ڏوهہ جي قرباني ڪري موڪليون سي هي آهن؛ اشدود جي لاءِ هڪڙي؛ غزہ جي لاءِ هڪڙي، اسقلون جي لاءِ هڪڙي، جات جي لاءِ هڪڙي، عقرون جي لاءِ هڪڙي؛ 18۽ سونا ڪوئا فلستين جي اُنهن سڀني ڪوٽ وارن شهرن، ۽ ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن جي شمار جيترا هئا، جي انهن پنجن سردارن جي ملڪيت هئا: اهي شهر انهي وڏي پٿر تائين هئا، جنهن تي هنن خداوند جي صندوق رکي هئي، ۽ جو پٿر اڄ ڏينهن تائين يشوع بيت شمسيءَ جي ٻنيءَ ۾ بيٺل آهي. 19۽ هن بيت شمس جي ماڻهن کي انهي ڪري ماريو جو هنن خداوند جي صندوق ۾ نهاريو، ۽ هن انهن ماڻهن مان پنجاهہ هزار ۽ ستر ماڻهو ماريا: ۽ خداوند هنن ماڻهن ۾ وڏو ڪوس وجهي انهن کي ماريو، تنهنڪري ماڻهن ۾ ماتم پئجي ويو. 20۽ بيت شمس جي ماڻهن چيو تہ ڪير آهي جو خداوند، هن پاڪ خدا جي اڳيان بيهي سگهندو؟ ۽ اسان وٽان اهو ڪنهن وٽ ويندو؟ 21۽ هنن قريت يعريم جي رهاڪن ڏي قاصد موڪلي چيو تہ فلستي خداوند جي صندوق موٽائي کڻي آيا آهن؛ اوهين لهي اچو، ۽ اُها پاڻ وٽ کڻي وڃو.

Currently Selected:

1 - سموئيل 6: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for 1 - سموئيل 6