YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 5

5
1هاڻي فلستين خدا جي صندوق هٿ ڪئي هئي، ۽ اها هنن ابن عزر مان کڻي اشدود ۾ آندي. 2۽ فلستين خدا جي صندوق کي دجون جي گهر آندو، ۽ دجون جي پاسي ۾ رکي ڇڏيائون. 3۽ جڏهن اشدود جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان دجون منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. ۽ هنن دجون کي کڻي وري پنهنجي جاءِ تي ويهاريو. 4۽ جڏهن وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ دجون خداوند جي صندوق اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي؛ ۽ دجون جي سسي ۽ سندس هٿن جون ٻئي تريون در جي چانئٺ تي وڍيون پيون آهن؛ رڳو دجون جو ڌڙ باقي بچيل هو. 5تنهنڪري نڪي دجون جا پوڄاري، نڪي ٻيا ماڻهو جي دجون جي گهر ۾ ايندا آهن، سي اڄ ڏينهن تائين اشدود ۾ دجون جي چانئٺ تي پير رکندا آهن.
6پر خداوند جو هٿ اشدود جي ماڻهن تي ڳرو ٿيو، ۽ هن انهن کي ناس ڪري ڇڏيو، ۽ اشدود ۽ ان جي آس پاس وارين سرحدن کي ڳوڙهن جي مرضن سان ماريائين. 7۽ جڏهن اشدود جي ماڻهن ڏٺو تہ هي حال آهي تڏهن هنن چيو، تہ اسرائيل جي صندوق اسان وٽ نہ رهي: ڇالاءِ جو هن جي هٿ، اسان تي ۽ اسان جي معبود دجون تي، مصيبت وڌي آهي. 8تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا. 9۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُها اُتان ڪڍي ويا، تڏهن خداوند جو هٿ شهر تي اهڙي سختي سان پيو جو منجهس تمام وڏي پريشاني پيئي: ۽ هن شهر جا سڀ ننڍا وڏا ماڻهو ماريا، ۽ ڳوڙهين جو مرض اچي منجهن پيو. 10تڏهن هنن خدا جي صندوق عقرون ڏي موڪلي ڏني. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خدا جي صندوق عقرون ۾ آئي، تيئن عقرونين رڙ ڪري چيو تہ هنن اسرائيل جي خدا جي صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري وجهڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي. 11تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي سڀ فلستين جا سردار گهرائي آڻي گڏ ڪيا، ۽ چيائون تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو، ڀلي تہ پنهنجي اصلوڪي جاءِ تي وڃي، تہ اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي: ڇالاءِ جو سڄي شهر ۾ موت مار پريشاني پئجي ويئي هئي؛ خدا جو هٿ اُتي تمام ڳرو هو. 12۽ جيڪي ماڻهو مري نہ ويا، سي ڳوڙهين ۾ گرفتار هئا: ۽ شهر جي دانهن آسمان تائين چڙهي ويئي.

Currently Selected:

1 - سموئيل 5: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for 1 - سموئيل 5