YouVersion Logo
Search Icon

1 - ڪرنٿين 6

6
1اوهان مان ڪنهن کي اهڙي همت آهي ڇا تہ جي ٻئي ڪنهن سان معاملو هجيس تہ فيصلي جي لاءِ پاڪ ٿيلن وٽ نہ، پر بي دينن وٽ وڃي؟ 2يا ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ پاڪ ٿيل دنيا جو انصاف ڪندا؟ ۽ جي دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ ننڍڙن معاملن جي فيصل ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟ 3اوهين ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تڏهن دنياوي معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟ 4تنهنڪري جي اوهان کي دنياوي معاملا فيصل ڪرائڻا هجن، تہ انهن جي فيصلي لاءِ جيڪي ڪليسيا ۾ ڪين جهڙا ٿا ليکجن تن کي مقرر ڪندا ڇا؟ 5اهو اوهان کي انهي ڪري ٿو چوان تہ شرم اچيوَ. ائين آهي ڇا تہ اوهان ۾ هڪڙو ڏاهو ماڻهو بہ لڀي نٿو سگهي، جو پنهنجن ڀائرن جو فيصلو ڪري، 6پر ڀاءُ ڀاءُ تي مقدمو ٿو هلائي، سو بہ بي دينن جي اڳيان؟ 7پر حقيقت ڪري اها اصل اوهان جي شڪست آهي جو اوهين هڪ ٻئي تي مقدما ٿا ڪريو. انهي کان ظلم سهڻ ڇو نٿا بهتر ڄاڻو؟ ۽ ڦرجڻ ڇو نٿا قبول ڪريو؟ 8پر اوهين پاڻ ظلم ٿا ڪريو ۽ ڦريو پيا، سو بہ پنهنجن ڀائرن کي. 9يا اوهين نٿا ڄاڻو تہ بدڪار خدا جي بادشاهت جا وارث نہ ٿيندا؟ ڀلجي نہ وڃو، نڪي زناڪار، نڪي بُت پرست، نڪي حرامڪار، نڪي عياش، نڪي لونڊي باز، 10نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گارگند ڏيندڙ، نڪي ظالم خدا جي بادشاهت جا وارث ٿيندا. 11۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.
12سڀ شيون منهنجي لاءِ روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون منهنجي لاءِ روا تہ آهن، پر آئون ڪنهن جو بہ غلام ڪين ٿيندس. 13کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ، پر خدا ٻنهي کي چٽ ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ جي لاءِ ڪينهي پر خداوند جي لاءِ آهي، ۽ خداوند بدن جي لاءِ آهي. 14۽ خدا اسان کي بہ پنهنجي قدرت سان اُٿاريندو، جنهن خداوند کي بہ جياري اُٿاريو. 15اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جا بدن مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن آئون مسيح جا عضوا کڻي ڪنهن ڪسبيءَ جا عضوا ڪريان ڇا؟ اصل ئي نہ! 16يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪو ڪڃريءَ سان گڏ ٿو ٿئي، سو اُنهي سان هڪ بدن ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”اُهي ٻئي هڪڙو جسم ٿي پوندا.“ 17پر جيڪو خداوند سان گڏ ٿو ٿئي، سو انهي سان هڪڙو روح ٿيو پوي. 18زناڪاريءَ کان ڀڄو جيڪو بہ گناهہ ماڻهو ڪري ٿو، سو بدن کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ٿو ڪري، سو خود پنهنجي بدن جي برخلاف گناهہ ٿو ڪري. 19اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جي هيڪل آهي، جو اوهان ۾ رهي ٿو ۽ جو اوهان کي خدا کان مليل آهي؟ ۽ اوهين پاڻ پنهنجا نہ آهيو؛ 20ڇالاءِ تہ ملهہ ڳڌل آهيو. تنهنڪري پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو.

Currently Selected:

1 - ڪرنٿين 6: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in