YouVersion Logo
Search Icon

1 - ڪرنٿين 5

5
1ايتري قدر بہ ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوهان ۾ زناڪاري آهي، ۽ زناڪاري بہ اهڙي جا غير قومن ۾ بہ ڪانهي؛ بلڪ اوهان مان هڪڙو تہ پنهنجي پيءُ جي زال ويهاريو ويٺو آهي. 2اوهين انهي تي افسوس تہ ڪونہ ٿا ڪريو، تہ جنهن اهڙو ڪم ڪيو آهي تنهن کي پنهنجي وچان ڪڍي ڇڏڻ بدران پاڻ ٻٽاڪون پيا هڻو. 3ڇالاءِ جو آئون جو جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، پر روح جي ڪري حاضر آهيان، سو انهي ڪم ڪرڻ واري تي اڳيئي خداوند يسوع جي نالي اهڙي طرح فتويٰ ڏيئي چڪو آهيان ڄڻ تہ آئون هڪيو حاضر هوس. 4جڏهن اوهين ۽ منهنجو روح خداوند يسوع جي قدرت سان پاڻ ۾ گڏجو، 5تڏهن اهڙي شخص کي جسم جي برباديءَ لاءِ شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ هن جو روح خداوند يسوع جي ڏينهن بچي پوي. 6اوهين جو فخر ٿا ڪريو سو چڱو نہ آهي. اها خبر نہ اٿوَ ڇا، تہ ٿورو ئي خمير ساري ڳوهيل اٽي کي خميرو ڪيو ڇڏي؟ 7جيئن تہ اوهين بي خمير آهيو، پراڻو خمير ڪڍي ڦٽو ڪريو، تہ نئون تازو ڳوهيل اٽو ٿي پئو. ڇالاءِ جو اسان جو فسح بہ قربان ٿي ويو آهي، يعني مسيح. 8تنهنڪري اچو تہ عيد ڪريون، نہ پراڻي خمير سان، نڪي برائيءَ ۽ شرارت جي خمير سان، پر صاف دليءَ ۽ سچائيءَ جي بي خميري مانيءَ سان.
9مون پنهنجي خط ۾ اوهان ڏانهن لکيو هو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکو. 10ائين نہ آهي تہ هن جهان جي زناڪارن سان يا لالچين ۽ ظالمن سان، يا بت پرستن سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان اوهان کي ضرور جهان مان نڪري وڃڻو پوندو. 11پر هاڻي آئون اوهان کي لکان ٿو تہ جيڪي ڀائر ٿا سڏائين، تن مان جيڪڏهن ڪو زناڪار، يا لالچي، يا بت پرست، يا گلاخور، يا شرابي، يا ظالم هجي تہ انهي سان صحبت نہ رکو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ سان گڏ کائو بہ نہ. 12ڇالاءِ تہ جيڪي ڌاريا آهن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ائين نہ آهي ڇا تہ اوهين انهن تي فتويٰ ڏيندا جي پنهنجا آهن؟ 13پر جيڪي ٻاهر آهن تن تي خدا فتويٰ ٿو ڏئي. سو اُنهي شرير ماڻهوءَ کي پاڻ منجهان ڪڍي ڇڏيو.

Currently Selected:

1 - ڪرنٿين 5: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in