1 - ڪرنٿين 2
2
1اي ڀائرو، جڏهن آئون اوهان وٽ آيس، تڏهن اعليٰ درجي جي تقرير ۽ ڏاهپ سان خدا جي راز جي منادي ڪين ڪيم. 2ڇالاءِ جو مون پڪو ارادو ڪيو هو تہ اوهان منجهہ رهي، يسوع مسيح، بلڪ مسيح مصلوب کانسواءِ، ٻيو ڪي ڪين ڄاڻيندس. 3۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن ڪمزوريءَ، ۽ گهڻي ڊپ، ۽ ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رهيس. 4۽ منهنجي تقرير ۽ منهنجي منادي ڏاهپ جي دلڪش لفظن ۾ نہ هئي، مگر روح ۽ قدرت جي ڪري ثابت ٿي ويئي، 5انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان اسان جي ڏاهپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم رهي.
6انهي هوندي بہ جيڪي ڪامل آهن، تن کي اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ٻُڌايون. پر نہ هن دنيا جي ڏاهپ، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي ڏاهپ، جي نيست ٿي ويندا. 7پر اسين هڪ راز يعني خدا جي اُها دانائي جا پوشيدہ هئي، ۽ جنهن کي خدا جهان جي شروعات کان اڳيئي اسان جي جلال لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن جو بيان ٿا ڪريون. 8هن جهان جي حاڪمن مان ڪنهن کي انهي جي سمجهہ ڪانہ هئي؛ ڇالاءِ تہ جي کين انهي جي سمجهہ هجي ها، تہ جلال واري خداوند کي صليب تي ڪين چاڙهين ها. 9پر جيئن لکيل آهي، تہ ”جيڪي شيون اکين نہ ڏٺيون ۽ ڪنن نہ ٻُڌيون، ۽ جي ماڻهوءَ جي خيال ۾ نہ آيون، سي سڀ خدا اُنهن جي لاءِ تيار ڪيون جي کيس پيار ٿا ڪن.“ 10اُهي خدا پنهنجي روح جي وسيلي اسان تي ظاهر ڪيون: ڇالاءِ جو روح سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو، بلڪ خدا جي ڳوڙهين ڳالهين کي سمجهي ٿو وٺي. 11ڇوتہ ماڻهن منجهہ اهو ڪير آهي جو ماڻهوءَ جا خيال ٿو سمجهي، سواءِ انهي ماڻهوءَ جي روح جي، جو منجهس آهي؟ ساڳيءَ طرح خدا جا خيال خدا جي روح کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ ٿو سمجهي. 12۽ اسان کي دنيا جو روح نہ، پر اهو روح مليو جو خدا جي طرفان آهي، انهي لاءِ تہ اسين خدا جي نعمتن کي سمجهي سگهون. 13انهن ڳالهين جو اسين اهڙن لفظن ۾ بيان نٿا ڪريون، جي ماڻهوءَ جي ڏاهپ ٿي سيکاري، پر اهڙن ۾ جي روح ٿو سيکاري، ۽ روحاني ڳالهين جو روحاني ڳالهين سان مقابلو ٿا ڪريون.
14هاڻي جسماني ماڻهو خدا جي روح جون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، ڇالاءِ جو اُهي هن جي لاءِ بيوَقوفي آهن، ۽ اهي هو سمجهي بہ نہ ٿو سگهي، ڇالاءِ جو اهي روحاني طرح جاچي سگهبيون آهن. 15پر جيڪو روحاني ماڻهو آهي سو سڀ ڳالهيون جاچي ٿو، پر خود کيس ڪو ٻيو نٿو جاچي. 16”ڇالاءِ جو اهو ڪير آهي جنهن خدا جي خيالن کي سمجهيو آهي جو کيس سيکاري سگهي؟“ پر اسان ۾ مسيح جي سمجهہ آهي.
Currently Selected:
1 - ڪرنٿين 2: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.