1 - ڪرنٿين 1
1
1پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب يسوع مسيح جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان، 2خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن. 3اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح کان فضل ۽ اطمينان اوهان کي ملندو رهي.
4آئون هميشہ اوهان لاءِ خدا جي انهي فضل جي ڪري شڪر ٿو ڪريان، جو هن مسيح يسوع ۾ اوهان تي ڪيو آهي، 5جو اوهين انهي ۾ ٿي ڪري سڀني ڳالهين ۾، يعني ڪلام ۽ علم ۾ دولتمند ٿي ويا آهيو، 6جيئن مسيح جي شاهدي اوهان ۾ قائم آهي، 7جنهنڪري اوهان کي ڪنهن بہ نعمت جي ڪمي ڪانهي، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيو؛ 8جو اوهان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ڏينهن بي عيب هجو. 9خدا سچو آهي، جنهن اوهان کي پنهنجي فرزند، اسان جي خداوند يسوع مسيح سان شريڪ ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.
10هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي اوهان کي عرض ٿو ڪريان، تہ اوهين سڀيئي هڪ ڳالهہ تي اچي بيهو: ۽ اوهان ۾ ڪي بہ جدائيون نہ پون، بلڪ اوهين يڪدل ۽ يڪراءِ ٿي پاڻ ۾ گڏجي يڪ مُشت ٿيو. 11ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان جي نسبت مون کي ڪلوئيءَ جي گهراڻي وارن کان معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ۾ جهيڙا جهڳڙا آهن. 12هاڻي منهنجو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو پيو چوي تہ آئون پولس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون اپلوس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون ڪيفاس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون مسيح جو آهيان. 13ڇا مسيح تقسيم ٿي ويو آهي؟ ڇا اوهان جي لاءِ پولس صليب تي چاڙهيو ويو هو؟ يا اوهان پولس جي نالي بپتسما ورتي هئي؟ 14آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون ڪرسپس ۽ گيس کان سواءِ اوهان مان ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني؛ 15تہ متان ڪو ماڻهو چوي تہ اوهان کي منهنجي نالي تي بپتسما ملي. 16(مون استفناس جي گهراڻي کي بہ بپتسما ڏني، انهن کانسواءِ مون کي نٿو سُجهي تہ ٻئي ڪنهن کي مون بپتسما ڏني.) 17ڇالاءِ جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ، پر خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ موڪليو، سو بہ فصيح ڏاهپ ڪري نہ، متان مسيح جو صليب بي اثر ٿي پوي.
18ڇالاءِ جو صليب جو پيغام اُنهن لاءِ بيوَقوفي آهي جي برباد پيا ٿين، پر اسين جي نجات حاصل پيا ڪريون، تن جي لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي. 19ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ڏاهن جي ڏاهپ چٽ ڪندس، ۽ سياڻن جي سياڻپ رد ڪندس.“ 20ڪٿي آهي ڏاهو؟ ڪٿي آهي عالم؟ ڪٿي آهي جهان جو بحث ڪندڙ؟ خدا جهان جي ڏاهپ کي بيوَقوفي ڪري نہ ڇڏيو آهي ڇا؟ 21ڇالاءِ جو جڏهن خدا جي ڏاهپ موجب جهان پنهنجي ڏاهپ سان خدا کي نہ سڃاتو، تڏهن خدا جي اها مرضي ٿي تہ مناديءَ جي بيوَقوفيءَ جي وسيلي، ايمان آڻڻ وارن کي نجات ڏئي. 22هن ڪري جو يهودي نشان ٿا گهُرن، ۽ يوناني ڏاهپ جا طالب آهن، 23پر اسين مسيح مصلوب جي منادي ٿا ڪريون، جو يهودين جي لاءِ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ غير قومن جي لاءِ بيوَقوفي آهي؛ 24پر يهودي توڙي يوناني، جي سڏيا ويا آهن، تن جي لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي. 25ڇالاءِ جو خدا جي بيوَقوفي ماڻهن کان زيادہ ڏاهپ واري آهي، ۽ خدا جي ڪمزوري ماڻهن کان زيادہ زور واري آهي.
26ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان کي جا ڪوٺ ٿي آهي، تنهن تي نظر ڪري ڏسو، اوهان مان ڪي گهڻا دنياوي طور ڏاها نہ هئا، نڪي گهڻا زوراور هئا، نڪي گهڻا شاهاڻا هئا. 27پر خدا جهان جي بيوَقوفن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ڏاها آهن، تن کي شرمندو ڪري؛ ۽ خدا جهان جي ڪمزورن کي چونڊيو تہ زور وارن کي شرمندو ڪري؛ 28۽ خدا جهان جي ڪميڻن ۽ حقيرن، يعني جيڪي ليکي ۾ ئي ڪين هئا، تن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ليکجڻ ۾ اچن ٿا، تن کي نيست ڪري؛ 29تہ متان ڪو انسان خدا جي اڳيان فخر ڪري. 30اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات. 31انهي لاءِ تہ جيئن لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“
Currently Selected:
1 - ڪرنٿين 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.