1 - ڪرنٿين 11
11
1اوهين بہ منهنجي پيروي ڪريو، جيئن آئون مسيح جي پيروي ٿو ڪريان.
2هاڻي آئون اوهان جي تعريف ٿو ڪريان جو اوهين سڀني ڳالهين ۾ مون کي ياد ٿا ڪريو، ۽ جهڙيءَ طرح مون اوهان کي روايتون ڏنيون آهن، تهڙيءَ طرح اوهين اُنهن کي قائم رکندا ٿا اچو. 3پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين ڄاڻو تہ سڀ ڪنهن مرد جو سر مسيح آهي، ۽ زال جو سر مرد آهي، ۽ مسيح جو سر خدا آهي. 4جيڪو ماڻهو پنهنجو مٿو ڍڪي دعا ٿو گهُري، يا نبوت ٿو ڪري، سو پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿو ڪري. 5پر جيڪا زال پنهنجو مٿو اُگهاڙو ڪري دعا ٿي گهُري، يا نبوت ٿي ڪري، سا پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿي ڪري؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ انهي زال جو مٿو ڪُوڙيل آهي. 6جيڪا زال چادر نٿي ڍڪي، سا وار بہ ڪترائي؛ پر جيڪڏهن زال جي لاءِ وار ڪترائڻ شرم جي ڳالهہ آهي، تہ چادر ڍڪي. 7ڇالاءِ جو مرد کي بيشڪ پنهنجو مٿو ڍڪڻ نہ گهرجي، هن ڪري جو هو خدا جي صورت ۽ وڏائي آهي؛ پر زال مرد جي وڏائي آهي. 8(ڇالاءِ جو مرد زال مان ناهي، پر زال مرد مان آهي، 9نڪي مرد زال جي لاءِ پيدا ٿيو آهي، پر زال مرد جي لاءِ پيدا ٿي آهي.) 10انهي سبب زال کي گهرجي تہ ملائڪن جي ڪري پنهنجي مٿي تي اختياريءَ جي نشاني رکي. 11(انهي هوندي بہ خداوند ۾ نڪي زال مڙس کانسواءِ آهي، نڪي مرد زال کانسواءِ. 12ڇالاءِ جو جيئن زال مرد مان آهي تيئن مرد بہ زال جي ڪري آهي، پر سڀ شيون خدا کان آهن.) 13اوهين پاڻهي انصاف ڪري ڏسو، ڀلا اهو ڪو مناسب آهي ڇا تہ زال مٿي اُگهاڙي خدا کان دعا گهُري؟ 14خود طبعي طور اوهان کي خبر نٿي پوي ڇا تہ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ڊگها وار هوندا تہ اها سندس بي آبرو آهي؟ 15پر جيڪڏهن زال جا وار ڊگها هوندا تہ اها سندس زينت آهي، ڇالاءِ جو وار هن کي پردي لاءِ ڏنا ويا آهن. 16پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪراري ڏسڻ ۾ اچي تہ انهي کي چئجو تہ اهو اسان جو دستور نہ آهي، نڪي خدا جي ڪليسيائن جو آهي.
17پر هن نصيحت سان آئون اوهان جي تعريف نٿو ڪريان، ڇالاءِ جو جڏهن اوهين گڏ ٿا ٿيو، تڏهن انهي مان فائدو ڪونہ ٿو ٿئي، بلڪ نقصان ٿو ٿئي. 18ڇالاءِ جو پهريائين مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو آهي تہ ڪليسيا ۾ گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ جدائيون ٿيون ٿين؛ ۽ انهيءَ ڳالهہ تي مون کي ڪجهہ قدر اعتبار بہ اچي ٿو؛ 19هن ڪري جو اوهان جي وچ ۾ ضرور بدعتون هونديون تہ اوهين ثابت ڪريو تہ ڪير قبول آهن. 20تنهنڪري جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿا ٿيو، تڏهن جيڪي کائو ٿا، سو عشاءِ رباني ڪونهي، 21ڇالاءِ تہ جڏهن اوهين کائو ٿا، تڏهن هرڪو پنهنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو وٺي، ۽ هڪڙو بکايل رهجيو وڃي تہ ٻيو نشئي ٿيو پوي. 22ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گهر ڪينهن؟ يا خدا جي ڪليسيا کي حقير ٿا سمجهو، ۽ جن وٽ ڪي ڪينهي، تن کي شرمندو ٿا ڪريو؟ آئون اوهان کي ڇا چوان؟ انهي ڪري آئون اوهان جي تعريف ڪريان ڇا؟ آئون اوهان جي تعريف ڪانہ ٿو ڪريان.
23ڇالاءِ جو اها ڳالهہ مون کي خداوند کان ملي، ۽ مون اوهان کي پهچائي ڏني، تہ ڪهڙيءَ طرح جنهن رات خداوند يسوع حوالي ڪيو ويو، هن ماني کنئي، 24۽ جڏهن شڪر ڪري رهيو، تڏهن اُها ڀڃي چيائين، تہ هي منهنجو بدن آهي جو اوهان جي واسطي آهي: منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو. 25ساڳيءَ طرح ماني کائڻ کان پوءِ هن پيالو بہ کنيو، ۽ چيائين تہ هي پيالو منهنجي رت ۾ نئون عهد آهي؛ جڏهن بہ اوهين اهو پيئو، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو. 26ڇالاءِ جو جڏهن بہ اوهين هي ماني کائو ٿا، ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن خداوند جي موت جي پڌرائي ٿا ڪريو، جيسين ڪ هو پاڻ اچي. 27تنهنڪري جيڪو بي پرواهيءَ سان خداوند جي ماني کائيندو، ۽ پيالو پيئندو، سو خداوند جي بدن ۽ رت جي نسبت ۾ ڏوهاري ٿيندو. 28تنهنڪري هرڪو ماڻهو پاڻ کي پرکي ۽ خيال سان انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي. 29ڇالاءِ تہ جيڪو کائي پيئي ٿو، سو جي خداوند جي بدن جو خيال نٿو رکي، تہ پنهنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي. 30انهي سبب اوهان مان گهڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا مري بہ ويا آهن. 31پر جي اسين پاڻ کي جاچيون ها تہ اسان کي سزا نہ ملي ها. 32پر جڏهن خداوند اسان کي جاچي ٿو تڏهن اسان کي سيکت ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ اسين دنيا سان گڏ ڏوهاري ثابت نہ ٿيون. 33تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو، تڏهن هڪ ٻئي لاءِ ترسو. 34جيڪڏهن ڪنهن کي بک هجي تہ ڀلي پنهنجي گهر کائي، تہ متان اوهان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب ٿئي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آئون ايندس، تڏهن اچي درست ڪندس.
Currently Selected:
1 - ڪرنٿين 11: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.