ساڳيءَ طرح ماني کائڻ کان پوءِ هن پيالو بہ کنيو، ۽ چيائين تہ هي پيالو منهنجي رت ۾ نئون عهد آهي؛ جڏهن بہ اوهين اهو پيئو، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو. ڇالاءِ جو جڏهن بہ اوهين هي ماني کائو ٿا، ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن خداوند جي موت جي پڌرائي ٿا ڪريو، جيسين ڪ هو پاڻ اچي.