جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ هي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پاڪ روح جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ عطا ڪندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي. اها دعا اسين انهيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوهين پنهنجي زندگي خداوند عيسيٰ جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.