1
يسعياہ 10:41
Sindhi Bible NT
SB62
تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.
Compare
Explore يسعياہ 41:10
2
يسعياہ 13:41
ڇالاءِ جو آءٌ خداوند، تنهنجو خدا، تنهنجو ساڄو هٿ جهلي توکي چوندس تہ ڊڄ نہ؛ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.
Explore يسعياہ 41:13
3
يسعياہ 11:41
ڏس، جيڪي تو تي ڪاوڙيل آهن سي سڀ شرمندا ۽ بدنام ٿيندا: جيڪي تو سان وڙهن ٿا سي حقير ۽ تباهہ ٿيندا.
Explore يسعياہ 41:11
4
يسعياہ 9:41
مون توکي زمين جي سرحدن مان هٿ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي ڪنڊن مان سڏيو اٿم، مون توکي چيو آهي تہ تون منهنجو بندو آهين، مون توکي چونڊيو آهي ۽ توکي رد ڪونہ ڪيو اٿم.
Explore يسعياہ 41:9
5
يسعياہ 12:41
تون انهن کي ڳوليندين ۽ نہ لهندين، يعني جيڪي تو سان وڙهن ٿا: جيڪي تو سان جهيڙو ۽ جنگ ٿا ڪن، سي ڪين جهڙا، ۽ نابود ٿي ويندا.
Explore يسعياہ 41:12
6
يسعياہ 14:41
اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.
Explore يسعياہ 41:14
7
يسعياہ 8:41
پر اي منهنجا بندا اسرائيل! اي منهنجا چونڊيل يعقوب! تون منهنجي دوست ابرهام جي نسل مان آهين.
Explore يسعياہ 41:8
8
يسعياہ 18:41
آءٌ اُگهاڙين ٽڪرين تي نديون وهائيندس، ۽ وادين جي وچ ۾ چشما کوليندس: آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون ڪندس.
Explore يسعياہ 41:18
9
يسعياہ 17:41
غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.
Explore يسعياہ 41:17
10
يسعياہ 4:41
ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.
Explore يسعياہ 41:4
11
يسعياہ 19:41-20
آءٌ بيابان ۾ ديودار ۽ ٻٻر جا وڻ، ۽ ميندي ۽ زيتون جا وڻ لڳائيندس؛ آءٌ رڻ پٽ ۾ صنوبر جا وڻ، ديال ۽ سڌا سرو گڏي لڳائيندس. تہ ڀلي اهي ڏسن، ۽ ڄاڻن، ۽ ويچار ڪن، ۽ گڏجي سمجهن تہ خداوند جي هٿ اهو ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جي قدوس انهي کي پيدا ڪيو آهي.
Explore يسعياہ 41:19-20
Home
Bible
Plans
Videos