1
پيدائش 6:3
Sindhi Bible FB
SB
عورت ڏٺو تہ وڻ ڏسڻ ۾ ڪهڙو نہ سهڻو آهي ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ڪيڏو نہ سٺو هوندو، سو سندس دل چاهڻ لڳي تہ ”آءٌ اهو کائي سمجھہ حاصل ڪريان.“ تڏهن ان ميوي مان ٿورو کڻي کاڌائين. پوءِ ان منجھان ٿورو پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين ۽ ان بہ کاڌو.
So sánh
Khám phá پيدائش 3:6
2
پيدائش 1:3
خداوند خدا جيڪي بہ جھنگلي جانور پيدا ڪيا هئا، نانگ تن سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن عورت کان پڇيو تہ ”ڇا سچ پچ خدا اوهان کي باغ ۾ ڪنهن بہ وڻ جي ميوي کائڻ کان جھليو آهي؟“
Khám phá پيدائش 3:1
3
پيدائش 15:3
آءٌ تنهنجي ۽ عورت جي وچ ۾ دشمني وجھندس. تنهنجي نسل ۽ عورت جي نسل ۾ هميشہ دشمني رهندي. عورت جو نسل تنهنجي منڍي چٿيندو ۽ تون هن جي کُڙي ڏنگيندين.“
Khám phá پيدائش 3:15
4
پيدائش 16:3
خدا عورت کي چيو تہ ”آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گھڻو وڌائيندس. سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ. پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو ۽ هو تو تي حڪمراني ڪندو.“
Khám phá پيدائش 3:16
5
پيدائش 19:3
تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“
Khám phá پيدائش 3:19
6
پيدائش 17:3
خدا مرد کي چيو تہ ”تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي اهو ميوو کاڌو، جنهن جي نہ کائڻ لاءِ مون تو کي چيو هو. جيڪي ڪجھہ تو ڪيو آهي انهيءَ سببان زمين لعنت هيٺ رهندي. تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين.
Khám phá پيدائش 3:17
7
پيدائش 11:3
خدا پڇيس تہ ”تو کي ڪنهن ٻڌايو تہ تون اگھاڙو آهين؟ ڇا تو اهو ميوو کاڌو، جنهن جي لاءِ مون تو کي جھليو هو تہ نہ کائجانءِ؟“
Khám phá پيدائش 3:11
8
پيدائش 24:3
پوءِ اوڀر پاسي باغ جي لنگھہ وٽ پردار آسماني مخلوق سان گڏ هڪ تجليدار تلوار مقرر ڪيائين جيڪا چئني پاسن تي پيئي ڦري، تہ جيئن ڪوبہ باغ اندر زندگيءَ جي وڻ جي ويجھو وڃي نہ سگھي.
Khám phá پيدائش 3:24
9
پيدائش 20:3
آدم پنهنجيءَ زال جو نالو حوا رکيو، ڇاڪاڻ تہ هوءَ سڀني انسانن جي ماءُ آهي.
Khám phá پيدائش 3:20