مرقس 9
9
1۽ هن کين چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين خدا جي بادشاهت کي قدرت سان آيل نہ ڏسندا، تيسين ڪنهن بہ طرح موت جو مزو نہ چکندا.
2۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ يسوع پطرس ۽ يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان گڏ خلاصو هڪڙي مٿانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي پيئي: 3۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي، ۽ اهڙي سفيد جو دنيا ۾ ڪوبہ ڌوٻي جيڪر اهڙي سفيد نہ ڪري سگهيس. 4۽ ايلياہ، موسيٰ سان گڏ هنن کي ڏسڻ ۾ آيو، ۽ اُنهن يسوع سان پئي ڳالهيون ڪيون. 5۽ پطرس يسوع کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي: تنهنڪري ٽي خيما جوڙيون، هڪڙو تو لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ. 6ڇوتہ هن کان جواب ئي ڪونہ ٿي اُڪليو، جو ڏاڍو ڊپ اچي ٿيو هُئن. 7۽ هڪڙي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو فرزند آهي، سندس ٻڌو. 8۽ اوچتو جان کڻي هيڏانهن هوڏانهن نهارين، تہ يسوع کان سواءِ پاڻ سان ٻئي ڪنهن کي وري ڪونہ ڏٺائون.
9۽ جڏهن اُهي جبل تان ٿي لٿا، تڏهن هن تاڪيد ڪري چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو ڪنهن کي نہ ٻڌائجو. 10هنن اها ڳالهہ دل تي رکي ڇڏي، ۽ پاڻ ۾ پئي بحث ڪيائون تہ مئلن مان جي اُٿڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟ 11۽ هن کان پڇيائون تہ فقيهہ ڇو ٿا چون تہ پهريائين ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟ 12هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟ 13پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو آهي، ۽ جيئن سندس بابت لکيل آهي، تيئن هن سان بہ جيڪي وڻين سو ڪري چڪا.
14۽ جڏهن هو شاگردن وٽ آيا، تڏهن ڏسن تہ هنن جي چوڌاري وڏو ميڙاڪو لڳو پيو آهي، ۽ فقيهہ ساڻن بحث پيا ڪن. 15۽ يڪدم سڀيئي ماڻهو هن کي ڏسي ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ وٽس ڊوڙي اچي سلام ڪيائونس. 16هن پڇين تہ اوهين هنن سان ڪهڙو بحث ٿا ڪريو؟ 17۽ ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏنس، تہ اي اُستاد، منهنجو پٽ، جنهن ۾ گونگو ڀوت آهي، تنهن کي آئون تو وٽ وٺي آيس؛ 18۽ جتي جتي اُهو جهليس ٿو، اُتي کنيو پٽ سان هڻيس، ۽ هو گجي پيو ڪڍي، ۽ ڏند پيو ڪرٽي، ۽ ڳريو سڙيو پيو وڃي: مون تنهنجن شاگردن کي چيو تہ هن مان اُهو ڪڍو؛ پر هو ڪڍي نہ سگهيا. 19هن انهن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد قوم، ڪيستائين آئون اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ مون وٽ وٺي اچوس. 20۽ هو اُنهي کي وٽس وٺي آيا، ۽ جڏهن کيس هن ڏٺو، تڏهن يڪدم ڀوت هن کي ڏاڍو ولوڙيو، ۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ گجي ڪڍي ليٿڙڻ لڳو. 21۽ پڻس کان پڇيائين تہ ڪيترن ڏينهن کان هن جو هي حال آهي؟ هن چيو تہ ننڍي هوندي کان وٺي. 22۽ گهڻيئي ڀيرا ڀوت هن کي ماري وجهڻ لاءِ باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اُڇلائي وڌو آهي: پر جي تون ڪجهہ ڪري سگهين تہ اسان تي رحم ڪري اسان جي مدد ڪر. 23يسوع هن کي چيو تہ ”جي تون ڪجهہ ڪري سگهين“! جيڪو ايمان ٿو آڻي، تنهن لاءِ سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي. 24۽ يڪدم ڇوڪري جي پيءُ واڪو ڪري چيو، تہ آئون ايمان آڻيان ٿو؛ تون مون کي بي ايمانيءَ کان بچاءِ. 25پوءِ جڏهن يسوع ڏٺو تہ ماڻهو ڊوڙندا پيا اچن ۽ گڏ ٿيندا ٿا وڃن، تڏهن ڀوت کي دڙڪو ڏيئي چيائين، تہ اي گونگا ۽ ٻوڙا ڀوت، آئون توکي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ، ۽ وري هن ۾ ڪڏهن بہ نہ گهڙج. 26تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري هن کي ڏاڍو ولوڙي نڪري ويو: ۽ ڇوڪر مردي جهڙو ٿي پيو، اهڙو جو گهڻن چيو تہ هي مري ويو آهي. 27پر يسوع هٿ کان وٺي اُٿاريس، تہ اُٿي بيٺو. 28۽ جڏهن هو گهر آيو، تڏهن سندس شاگردن خلاصو پڇيس، تہ اسين ڇو ڪڍي ڪين سگهياسونس؟ 29هن چين تہ اهو قسم سواءِ دعا جي ڪنهن ٻي طرح نڪرڻ جو ناهي.
30پوءِ هو اُتان روانا ٿيا ۽ گليل مان لنگهيا، ۽ هن جي مرضي نہ هئي تہ ڪنهن کي سندس خبر پوي. 31ڇالاءِ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏني ۽ چيو، تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي کيس ماري وجهندا، ۽ جڏهن هو ماريو ويندو تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿندو. 32پر هن جو اهو چوڻ هنن کي سمجهہ ۾ ئي نٿي آيو، ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا.
33پوءِ هو ڪفرناحوم ۾ آيا، ۽ جڏهن هو گهر آيو تڏهن هنن کان پڇيائين تہ رستي ۾ ڇا تي بحث ٿي ڪيوَ؟ 34پر هنن ڪُڇيو ئي ڪين، ڇالاءِ جو رستي تي هنن پاڻ ۾ اهو ئي بحث ٿي ڪيو، تہ سڀ کان وڏو ڪير آهي. 35۽ هو ويهي رهيو ۽ انهن ٻارهن کي سڏي چيائين، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پهريون ٿيڻ گهري تہ اُهو سڀني کان پويون ٿئي، ۽ سڀني جو خادم ٿئي. 36۽ هن هڪڙي ننڍڙي ٻار کي کڻي سندن وچ ۾ بيهاريو: ۽ انهي کي هنج ۾ کڻي هنن کي چيائين، 37تہ جيڪو منهنجي نالي ههڙن ننڍڙن ٻارن مان هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري: ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي نہ پر انهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي. 38يوحنا هن کي چيو، تہ اي اُستاد، اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي تنهنجي نالي ڀوتن کي ڪڍندو ڏٺو، ۽ اسان منع ڪيس، ڇالاءِ جو هن اسان جي پيروي نٿي ڪئي. 39پر يسوع چين تہ منع نہ ڪريوس: ڇالاءِ جو اهڙو ڪو ماڻهو ڪونهي جو منهنجي نالي معجزو ڪري، ۽ سگهو ئي منهنجي بدگوئي ڪري سگهي. 40ڇاڪاڻ تہ جو اسان جي برخلاف نہ آهي، سو اسان جي پاسي آهي. 41ڇالاءِ تہ جيڪو بہ ماڻهو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، انهي لاءِ تہ اوهين مسيح جا آهيو، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اُهو پنهنجو اجر ڪڏهن ڪين وڃائيندو. 42۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون تي ايمان آهي، تن مان ڪنهن کي بہ جيڪو گمراهہ ڪندو، تنهن جي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ هن جي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پڙ لڙڪائي سمنڊ ۾ اُڇلايو وڃي. 43۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ توکي ڀُلائي، تہ وڍي ڇڏينس: تنهنجي لاءِ ٽُنڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ، انهي کان بهتر آهي تہ ٻن هٿن سان جهنم جي اڻ وسامندڙ باهہ ۾ پوين؛ 44(جتي هنن جو ڪينئون مري ئي نٿو ۽ جتي باهہ وسامي ئي نٿي.) 45۽ جيڪڏهن تنهنجو پير توکي گمراهہ ڪري، تہ وڍي ڇڏينس: تنهنجي لاءِ منڊو ئي جياپي ۾ داخل ٿيڻ انهي کان بهتر آهي تہ ٻن پيرن سان جهنم ۾ وڃي پوين؛ 46(جتي هنن جو ڪينئون مري ئي نٿو ۽ جتي باهہ وسامي ئي نٿي.) 47۽ جيڪڏهن تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ ڪڍي ڇڏينس: بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهت ۾ گهڙين؛ انهي کان تہ ٻن اکين سان جهنم ۾ وڃي پوين؛ 48(جتي هنن جو ڪينئون مري ئي نٿو ۽ جتي باهہ وسامي ئي نٿي.) 49ڇالاءِ جو سڀڪو باهہ سان سلوڻو ٿيندو. 50لوڻ تہ چڱو آهي، پر جي لوڻ جو سواد نڪري وڃي تہ ڇا سان انهي کي سلوڻو ڪندا؟ پاڻ ۾ لوڻ رکو، ۽ هڪ ٻئي سان صلح ۾ رهو.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
مرقس 9: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: