مرقس 29:12-31
مرقس 29:12-31 SB62
يسوع ورندي ڏني، تہ پهريون هي آهي، ”اي اسرائيل ٻڌ؛ خداوند اسان جو خدا، هڪڙو ئي خداوند آهي؛ ۽ تون انهي خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، ۽ پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر. ٻيو هي آهي، تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ انهن کان وڏو ٻيو حڪم ڪونهي.