يوناہ 3

3
1خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو يوناہ تي نازل ٿيو، تہ 2اُٿي نينوہ ڏي وڃ، جو وڏو شهر آهي، ۽ جيڪي آءٌ توکي چوان، انهي جي منادي ڪري ٻڌاءِ. 3تڏهن يوناہ اُٿيو ۽ جيئن خداوند حڪم ڏنو هوس تيئن نينوہ ڏي ويو. هاڻي نينوہ هڪڙو تمام وڏو شهر، ٽن ڏينهن جو پنڌ هو. 4۽ يوناہ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي شهر ۾ گهڙيو ۽ پڪاري چوڻ لڳو تہ چاليهن ڏينهن کانپوءِ نينوہ تباهہ ٿي ويندو. 5۽ نينوہ جي ماڻهن خدا تي ويساهہ آندو؛ ۽ هنن هڪڙي روزي جو اشتهار ڪيو، ۽ تمام وڏي کان وٺي تمام ننڍي تائين کٿو ڍڪيائون. 6۽ اُها خبر نينوہ جي بادشاهہ کي پهتي، ۽ هو پنهنجي تخت تان اُٿيو، ۽ پنهنجي شاهي پوشاڪ لاٿائين، ۽ کٿو ڍڪي خاڪ تي ويهي رهيو. 7۽ هن اشتهار ڪڍيو، ۽ سڄي نينوہ ۾ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جو حڪم پڌرو ڪيو ويو، تہ ڪوبہ ماڻهو يا جانور، ڌڻ يا گلو، ڪابہ شيءِ نہ چکي: اُهي نڪي کائن، نڪي پيئن. 8۽ ماڻهو توڙي جانور ٻئي کٿا ڍڪين، ۽ زور سان خدا جي اڳيان پڪارين: هرڪو پنهنجي خراب رستي کان، ۽ پنهنجي هٿن جي ظلم کان باز اچي. 9ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون. 10۽ خدا هنن جا ڪم ڏٺا، جو هو پنهنجي خراب رستي کان باز آيا؛ ۽ خدا انهي خرابيءَ کان ڦريو، جا هن چيو هو تہ هنن سان ڪندس، ۽ ائين ڪين ڪيائين.

ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖

يوناہ 3: SB62

គំនូស​ចំណាំ

ចែក​រំលែក

ចម្លង

None

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល